رانديون

ڪي ٽو تي جبل چاڙهو ريسڪيو آپريشن ڪري تاريخ لکي ڇڏي

دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽين مان هڪ ڪي ٽو تي مقامي جبل چاڙهو ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقامي جبل چاڙهو پنهنجي افغان ساٿي جبل چاڙهو جو لاش ريسڪيو ڪري ورتو آهي. حسن سدپارا ريسڪيو ٽيم 6 ڏينهن ۾ 7200 بلندي تان لاش آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. ريسڪيو ٽيم ۾ جي ليڊر حسن سدپارا ٻڌايو تھ پاڪ فوج جي سهڪار بنا جي ڏکيو ريسڪيو آپريشن ممڪن نھ هو. هن چيو تھ هن آپريشن ۾ جبل چاڙهو صادق سدپارا، علي موسيٰ، مراد علي شگري، عابدين شگري ۽ عارف سدپارا شامل هئا. هن چيو تھ ٽيم بنا آڪسيجن جي 7200 بلندي جو سفر ڪري لاش آندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button