رانديون

ورلڊ ڪپ دوران سيڪيورٽي مسئلا، شيڊول تبديل ٿيڻ جو امڪان

ڀارت ۾ رٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع دوران سيڪيورٽي مسئلن سبب ميچن جو شيڊول هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي جي نااهلي سبب آئي سي سي ميگا ايونٽ جا هنڌ اڃا فائنل نھ ٿي سگهيا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي تھ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ لاڳيتو 2 ڏينهن ميچون ٿيڻ سبب مقامي پوليس سيڪيورٽي بابتخدشا ڏيکاري ڇڏيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پوليس خاص ڪري پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ميچ ۾ سيڪيورٽي تي خدشا ڏيکاريا آهن. ياد رهي تھ نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ 9 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ ۽ نيڌرلينڊ جي ميچ ٿيندي ۽ 10 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن ۾ ميچ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button