ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ پاڻ کي چوڪ تي ڳولي ٿي

Editorial-Article-Ghazala Pahnwer

هر روز ڪنهن نئين اشو تي سراپا احتجاج! سماجي منظرنامي جي عڪاسي ڪجي ته رڳو روڄ راڙو ئي نظر ايندو، جتي رڳو ڇهن مهينن اندر سون جي انگ ۾ عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ۽ 500 کان وڌيڪ عورتون اغوا ڪيون ويون هجن.
مطلب هر روز هڪ کان وڌيڪ عورت اغوا ٿيندي هجي، سئو جي لڳ ڀڳ ٻارن سان بدفعليءَ جا واقعا رپورٽ ٿيا هجن، اتي احتجاج ڪرڻ روز جو معمول نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو؟ جهالت جي حالت اها آهي جو ماڻهو پنهنجا ٻار پڙهائڻ کي عيب ٿا سمجهن ۽ پيرن ۽ وڏيرن جي درن تي ڇڏڻ ايمان جي نشاني ٿا سمجهن. درگاهون اهڙن ٻارن سان ڀريون پيون آهن.
تعليم جي کوٽ ان جهالت جي دور کي جاري رکندي ٿي اچي. پيري مريديءَ جو نظام قديم روايتن سان جڙيل آهي جيڪو جديد سماج جي حوالي سان سنگين اخلاقي سوال اٿاري ٿو. لاقانونيت کان ويندي، تشدد، جهالت، غربت، ريپ، اغوا، چائلڊ ليبر ۽ جرڳا سسٽم تائين اهو ساڳيو نظام حقيقتن جي عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو. جنهن کي اسين جاگيرداراڻو ۽ پيري مريدي ۽ وڏيرا شاهيءَ جو نظام چئون ٿا.
جيڪو هر حوالي سان ڪمزورن ۽ هيڻن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ نروار ٿي روز اچيو اسان کي ساڳي هنڌ احتجاج لاءِ بيهاري ٿو. سنڌ جي جدوجهد فقط پنهنجي مسئلن تائين محدود ناهي، پر تبديليءَ لاءِ مزاحمت تائين پکڙيل آهي. سختيءَ سان ڀريل عقيدن، عملن ۽ روين کي چيلينج ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، ان سان رڳو مخالفت ۽ الزام ئي ملندا ۽ اهو زهريلو رويو سنڌ کي ترقي پسنديءَ کان روڪي ٿو.
ان نظام جون پاڙون ايتريون ته مضبوط آهن جو ماڻهو ان خلاف آواز اٿارڻ کان اڳ ڪئين ڀيرا سوچين ٿا ته اهو اسان جي ابن ڏاڏن جو نظام آهي. اسان جي سڃاڻپ آهي، ڪٿي اسين غلط نه هجون ۽ ان جي پذيرائي ايتري آهي جو پنهنجي صحيح هجڻ تي به شڪ ٿيڻ لڳندو آهي.
پر حقيقت هيءَ آهي ته ريتون رسمون سماج پنهنجي فائدي لاءِ ٺاهيندو آهي ۽ وقت سر انهن جو جائزو به سماج ئي وٺندو رهندو آهي ۽ جيڪي رسمون سماج لاءِ خطرناڪ نتيجا پيدا ڪنديون هجن، انهن کي تبديل ڪرڻ به سماج جو ئي ڪم آهي. گادي نشيني، پيري مريدي ٻٽي نموني سان سماج تي اثرانداز ٿئي ٿي.
هڪ عام اٻوجهه، اڻپڙهيل ۽ غيرمحفوظ ماڻهو درگاهن ۾ پنهنجي لاءِ پناهه ڳولهي ٿو. هن کي لڳي ٿو ته ان عقيدت ۽ ڏن جي عيوض سندس زندگيءَ ۾ بهتري ايندي. جڏهن ته سڀني کي برابريءَ جا حق هجن، تعليم صحت ۽ جان جي حفاظت فراهم ڪرڻ يا پسند جي شاديءَ جي حق کي يقيني بڻائڻ اهم آهي.
ڏٺو وڃي ته حڪومت ۾ اهي سڀ پير وڏيرا ۽ گادي نشين ئي آهن، اهي چاهين ته اهو سڀ ممڪن ٿي سگهي ٿو پر ايئن ڪرڻ سان سندن درگاهون ويران ٿي وينديون. ماڻهو نه فقط انهن کان پنهنجا حق گهري نٿا سگهن پر مٿان وري درگاهن تي پيل پيتين ۾ پئسا به ڏيو اچن، سو اهو نظام غريب عوام کي ٻٽي نموني سان لٽي رهيو آهي. غريب ماڻهو پنهنجو پيٽ خالي رکي پير ۽ مرشد جو پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار آهي. جنهنڪري درگاهه تي پيل پيتي توهان کي ڪڏهن به خالي ڪونه ملندي. ان ۾ سدائين پير جي درگاهه لاءِ ڌن پئسي جي صورت ۾ موجود هوندو آهي.
ان نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سماج پنهنجو ڪردار ادا ڪري خاص طور والدين جي ذميواريءَ کي تسليم ڪيو وڃي. پيرن جي پيروي ئي خانداني منصوبابنديءَ جي فيصلن تي اثرانداز ٿئي ٿي. ريتون ۽ مذهبي عقيدا گهڻو ڪري گهڻا ٻار ڄڻڻ کي خدا جي رحمت پيا سمجهندا آهن. بهرحال انهن خيالن جو اڄ جي حقيقتن جي تناظر ۾ ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ محدود وسيلا، انفرا اسٽرڪچر ۽ ماحولياتي خدشا شامل آهن.
سماجي تصورن کي تبديل ڪرڻ اڄوڪي وقت جي ضرورت آهي. والدين جو اهو فرض آهي ته اهي اوترائي ٻار پيدا ڪن جن جي صحت، تعليم، کاڌ خوراڪ ۽ خوشحاليءَ کي يقيني بڻائي سگهن. ٻار ڄڻي مرشدن جي درن تي دان ڪرڻ والدين تي ذميواريءَ تي پڻ سوال اٿاري ٿو. نتيجي ۾ گهڻي آبادي هڪ گهڻ رخي چيلينج جي شڪل اختيار ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button