ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ساڃاهه ۽ اقليت جي آهه

Editorial-Article- Ajaz Mangi

فيصل آباد جي فضائن ۾ هن مهل به سڙيل گهرن جي بوءِ موجود آهي. هن وقت به پاڪستان جا پورهيت عيسائي پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ تي لڙڪ لاڙي رهيا آهن. جنهن وقت ملڪ جا باشعور ۽ باغيرت انسان جڙانوالا ۾ ٿيل درندگيءَ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، ان وقت به سنڌ ۽ خاص طور تي اتر سنڌ ۾ هندو برادريءَ لاءِ هڪ هڪ ڏينهن عذاب جو باعث بڻيل آهي. ڇو ته اهي مڪمل طور تي غيرمحفوظ آهن. اهي انسان جيڪي امن جي علامت آهن. هن معاشري ۾ انهن جي جان، انهن جو مال ۽ انهن جي عزت آبرو هر وقت ڏوهارين جي نشاني تي آهي. هو هر طرح سان بليڪ ميل به ٿين ٿا ۽ انهن سان هر قسم جي بدمعاشي به ڪئي وڃي ٿي. انهن خلاف ايترو ته رڻ ٻاريو ويو آهي ۽ انهن کي ان حد تائين ستايو ويو آهي ته هندو سنڌين جو وڏو انگ پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي پنهنجي ديس جي انهن شهرن کي ڇڏي چڪو آهي، جتي انهن جو جنم ٿيو هو.
سنڌ جي هندن جا ڪيترائي پريوار هتان کان لڏي انڊيا هليا ويا آهن. جڏهن ته نقل مڪاني ڪندڙن جي اڪثريت سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ پنهنجا پير کوڙي نئين سر جيئڻ جي جستو ڪري رهي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ آهي ته عمر ڪوٽ ٿر جي غريب ڳوٺ ملير جي مقابلي ۾ تمام گهڻو خوشحال ۽ ترقي يافتا هو. ملير ۾ ته پاڻيءَ جو ڍڪ ملڻ به مشڪل هو پر پوءِ به جيڪڏهن وطن سان وفا جي علامت بڻيل عورت بادشاهه جي محل کي قيدخانو سمجهي لڙڪ لاڙي رهي هئي ته ان جو مطلب صرف ۽ صرف اهو هو ته هن کي انهن ماڳن سان محبت هئي، جنهن ۾ هن جو جيون گذريو هو.
جلاوطن ٿيندڙ يا جلاوطنيءَ ۾ رهندڙ انسانن جا چهرا ڀلي چهڪيل هجن ۽ انهن لباس ڀلي مهڪيل هجن ۽ انهن جا گهر گهاٽ ڀلي مالي طور تي مهانگا هجن پر انهن جا اندر سدائين اجهاميل هوندا آهن. انهن جا جيءَ وٽيون وسايل ديپ هوندا آهن. انهن جي چپن مٿان ڀلي مرڪ هجي پر انهن جي اکين ۾ سدائين اداسي ترسيل هوندي آهي. هڪ اهڙو احساس هن وقت سنڌ جا اهي هندو به محسوس ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي اباڻي وطن ۽ پنهنجي جنم واري شهر ۾ محفوظ ناهن. هو جڏهن رات جو سمهڻ وڃن ٿا ته پنهنجي گهر جي تالي کي ٻه چڪر چيڪ ڪن ٿا. انهن کي ننڊ ۾ به جيڪي سپنا اچن ٿا، انهن ۾ اندر به هڪ طرح تي تڪليف ۽ هڪ قسم جي تشويش هجي ٿي.
گذري ويو اهو وقت، جڏهن سنڌ جا هندو گهر ٻاهران کٽ تي هوا ۾ بيخود ٿي سمهندا هئا. جڏهن انهن کي صبح جي تکي اس جا تروارا چڪ پائي اٿاريندا هئا. هاڻي ته انهن کي پنهنجن ڪڙن ڪلفن وارن گهرن جي اندر ۾ سڪون سان سمهڻ نصيب ناهي. انهن کي هر وقت ۽ هر گهڙي اهو خدشو هوندو آهي ته ڪا بري خبر انهن جي موبائل فون جي گهنٽي نه وڄائي. انهن کي پنهنجي اغوا، پنهنجي ٻارن جي اغوا، پنهنجي مٽن مائٽن مٿان ٿيل حملن کان وٺي، پنهنجي ٻچڙين جي کنڀي کڄي وڃڻ ۽ بعد ۾ بدناميءَ جي جلوسن ۾ انهن جي مذهب کي مٽائڻ واري رهزن ريت جو سدائين ڊپ هوندو آهي.
سنڌ ۾ باقي بچيل هندن جي گهر گهر جي اها ڪهاڻي آهي. اتر سنڌ جي هوا ۾ ڄڻ ته خوني چراخ اڏامن ٿا ۽ ڪڏهن ڪنهن گهر مٿان ته ڪڏهن ڪنهن گهر مٿان پنهنجو پاپي پاڇو وجهن ٿا. جهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ اوهان کي اهڙو ماڻهو مشڪل ملندو، جنهن جو موبائل ڦريو نه ويو هجي يا هن جون فون چوري نه ٿيو هجي، تهڙي طرح اتر سنڌ ۾ اهڙو ڪو سکيو ستابو هندو تلاش ڪرڻ ممڪن ناهي، جنهن کي ڌمڪيون نه مليون هجن. جنهن کي دهشت زده ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هجي. هو جيڪي دهشت ۾ رهن ٿا. هو جيڪي ايتري ساري خوف جي باوجود به پنهنجي گهر گهاٽ، ماڳ مڪان، پنهنجا مندر ۽ شمشان ڇڏي پنهنجي شهر کي پٺي ڏيڻ پسند نه ٿا ڪن، انهن جو اهڙوئي حال ٿئي ٿو، جهڙو سڌام جو ٿيو، جهڙو رنڪل جي پريوار جو ٿيو، جهڙو ڌاڙيلن جي تشدد سبب وائرل ٿيندڙ وڊيو واري مغوي مکي جگديش ڪمار جو ٿيو.
اهو ساڳيو حال ان ڏينهن ابناش جو ٿيو. ابناش سنڌ جي مٽيءَ مان جڙيل اهو جوان آهي، جنهن کي هڪ پيارو پريوار آهي. جنهن کي پنهنجو ڪاروبار آهي. جنهن جي نيڻن ۾ سپنا آهن ته هن جا ٻار حفاظت هوندي ترقي ڪندا وڃن ۽ خوشين جي آسمانن جا پکي بڻجي اڏامن. ان ابناش کي گذريل ڏينهن هڪ ٻه نه پر پوريون ست گوليون هنيون ويون. هن مٿان پستول جو مڪمل ميگزين خالي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هن جي جسم ۾ داخل ٿيندڙ گولين جو تعداد ٽي آهي. پر هن کي هن ڌرتيءَ تان ختم ڪرڻ لاءِ ايتريون گوليون هنيون ويون، جيتريون پستول ۾ هيون. جيڪڏهن ان جي باوجود به ابناش بچي ويو ته اها هن جي قسمت هئي. باقي هن کي مارڻ جي ته پوري ۽ مڪمل ڪوشش ڪئي وئي.
ابناش ڪمار کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي وئي؟ ڇا ابناش مٿان ڪو ڪارپ جو الزام هو؟ ڇا ابناش ڪنهن جي گهر تي قبضو ڪيو هو؟ ڇا ابناش جي ڪنهن سان ذاتي يا قبيلائي دشمني هئي؟ هو ته هڪ شريف ۽ پرامن شهري هو. هن جي زندگي هن جو پريوار ۽ هن جو ڪاروبار هئا. ڇا هن جو ڏوهه اهو هو ته هو شهر ۾ هڪ سکيو جيون گذاريندو هو. ڇا چڪ شهر ۾ يا سڄي شڪارپور ۽ پوري سکر ۾ ٻيا امير ناهن؟ سنڌ ۾ ڪرپشن سبب ڪجهه خاندانن ۾ جيتري نقلي خوشحالي اوچتو ۽ اوچتو پيدا ٿي آهي، ايتري اڳ ۾ ڪنهن ڏٺي ته ڇا پر سوچي به نه هئي. انهن جي گهرن ٻاهران چار چار ويگو ۽ ٻه ٻه پراڊو بيٺل آهن پر انهن کي ڪو خطرو ناهي. ڇو ته هو هندو ناهن. انهن جي معاشري ۾ ۽ ملڪ جي انتظامي سرشتي ۾ مڪمل پٺ آهي. انهن جي فوري وارثي ٿي وڃي ٿي پر هي جيڪي هندو آهن، هي جيڪي ڌرتيءَ جا اصل ڌڻي آهن، هي جيڪي امن جي علامت آهن، انهن مٿان توهين مذهب جو الزام هڻي انهن جو جيئڻ جنجال ڪرڻ آسان آهي. ان ڪري هو سدائين ڪنهن ڪنهن واهيات وڏيري يا ڪنهن ڪرپٽ سياسي اڳواڻ جي آشيرواد ۾ رهڻ لاءِ مجبور آهن. پر انهن جو تحفظ اهي به ڪري نه ٿا سگهن. بلڪل ائين جيئن ابناش جو تحفظ نه ٿي سگهيو.
چڪ شهر جو چمڪندڙ ستارو اڄ غمن جي گهٽائن پويان گهايل آهي. هن گولين سان ٽٽل ٽنگن ۾ پليٽون وجهرائي سور سهي رهيو آهي پر پوءِ هن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ڇا هو پنهنجو شهر ڇڏي وڃي؟ ڇا هو سنڌ بدر ٿي وڃي؟ ڇا هن کي تحفظ ڏيندڙ ڪو قانون ناهي؟ جيڪڏهن ناهي ته ڇو ناهي؟ ڇو ناهي؟ ڇو ناهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button