پاڪستانسنڌ

ها ڪورٽ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي تي اسٽي برقرار

حيدرآباد: ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ پاران ڪارونجهر ڪٽائي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد شفيع ۽ جسٽس ارشد حسين خان جي آڏو ٿي گذري، جنهن ۾ زاهد عباس آخوند ڊائريڪٽر سياحت ۽ ثقافت کاتو، محمد صديق مڱريو ڊپٽي ڊائريڪٽر معدنيات کاتو، مير اعجاز ٽالپر ٻيلي کاتي جي طرفان پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي جي دوران ننگرپارڪر جبل جي فوٽن ڏسڻ کانپوءِ حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته اھڙو خوبصورت پهاڙ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي ڀي موجود ناهي، سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اهڙي قدرتي خوبصورت جبل توهان ڪيئن ٿا ٽوڙيو؟
جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو تہ اسان ڏنل نيلامي نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي. جنهن تي عدالت مخاطب ٿيندي چيو ته هينئر توهان جو ضمير جاڳيو آهي، وري ڪنهن وقت سُمهي سگهي ٿو، تنهن ڪري اهڙي قدرتي خوبصورتي سان مالا مال ٿيل پهاڙ کي بچائڻ جي ضرورت آهي. دوران ٻڌڻي وڪيل سجاد چانڊيو ۽ عشرت لوھار پڻ پيش ٿيا. جن ٻڌايو تہ ڪارونجهر تي اڳ ۾ هڪ پٽيشن هلندڙ آهي جنهن ۾ کوڙ ساري ريسرچ ورڪ ڪارونجهر جي حوالي سان موجود آهي. تنهنڪري ٻئي درخواستون گڏ ٻڌيون وڃن. عدالت ٻنهي درخواستن کي گڏ ٻڌڻ جي لاءِ 30 آگسٽ مقرر ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button