ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌاري آباديءَ جي سنڌ جي زمينن تي اک

Editorial

سنڌ گذريل ڪيتري عرصي کان اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته ڌاري آباديءَ کي نيڪالي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ پاسي سنڌ جي وسيلن تي بار آهي ته ٻئي پاسي اها معاشي طور به سنڌ تي وڏو بار بڻيل آهي. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ حڪم به ڏئي چڪي آهي پر تنهن هوندي به ڌارين جي آباديءَ کي نيڪالي ڪونه پئي ڏني وڃي. نتيجي ۾ ڌارين جو بار سنڌ تي وڌي رهيو آهي. هاڻ ڌارين کي سنڌ ۾ زمينون الاٽ ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي. جنهنڪري اهي جتي به چاهين سنڌ ۾ زمينون وٺي سگهن ٿا. جنهن سان سنڌ جون زمينون آهستي آهستي ڌارين جي حوالي ٿي وينديون ۽ عوام رڳو احتجاج ڪندو رهجي ويندو. جڏهن ته قانوني طور ڪنهن به ڌاريي کي ملڪ ۾ زمين نٿي ڏئي سگهجي. ان حوالي سان ٻه ڏينهن اڳ جسقم پاران ان عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي.
خيرپور ۾ افغاني پٺاڻن کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، آصف رضا مگسي، اياز ڪورائي، راجا الطاف شر، منور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھه حسين با پاس کان ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ڪري ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ افغانين کي زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل سنڌ جي وجود خلاف آهي. خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر به افغانين کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪري ڏني آهي. ھن وڌيڪ چيو ته افغاني پٺاڻن کي غيرقانوني الاٽ ٿيل زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري کاتا اصل مالڪن کي واپس ڏنا وڃن. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي فاطمه ڦرڙو جي قتل، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ اصغر کنڊ جي قتل سان انصاف جي گهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين سان ناانصافين، قتل ۽ اغوائن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ھوڏانھن ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان ڊي سي رابطو ڪيو، جنهن کان پو ڊي سي جو وفد پهتو. وفد کين يقين ڏياريو ته افغانين پٺاڻن کي زمين الاٽ ڪرڻ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ جسقم اڳواڻن ۽ کاتيدار ماڻهن سان گڏجي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري مسئلو حل ڪيو ويندو، سرڪاري زمين تي افغانين جي والار کي به روڪيو ويندو، اهو سمورو عمل هڪ هفتي اندر پورو ڪيو ويندو.
هن معاملي تي سنڌ جي سڀني سياسي ڌرين کي هڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن سنڌ ۾ ڪنهن ڌاري آباديءَ کي سنڌ جي زمين خريدڻ نه ڏني وڃي پر هتي صورتحال اهڙي آهي، جو ڪيتريون ئي سياسي ڌريون ماٺ آهن. ان کان سواءِ موجوده حڪومت توڙي اڳوڻيون حڪومتون به ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، ويتر انهن کي ملڪ جي آبادي طور ڳڻيو ويندو آهي. جنهنڪري اها آبادي سنڌ جي سمورن وسيلن تي بار لڳي پئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي زمينن کي ائين تين وال ڪيو ويو ته زمينن جا اصل مالڪ بي زمين ٿي ويندا ۽ ان جي وسيلن تي ڌاري آبادي مڪمل طور قابض ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button