پاڪستانسنڌ

سياسي عتاب جو شڪار ٿرپارڪر واسي ڊاڪٽر ها ڪورٽ حيدرآباد پهچي ويا

حيدرآباد: ٿرپارڪر ضلعي ۾ مسلسل سياسي بنيادن تي عتاب جو شڪار رهندڙ به ڀائر ڊاڪٽر ملڪ را ۽ لجپت را سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد پهچي ويا. ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي آهي ته وڏي عرصي کان ڊاڪٽر گورڌن نائي ۽ نهال مڪواڻو اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جن پنهنجا سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي اسان کي چار مهينن کان نوڪري مان برطرف ڪرايو آهي، جنهن کان پو هينئر اسان کي لائيو اسٽاڪ کاتي بحال ڪيو آهي، پر هاڻي وري نهال مڪواڻو ۽ سندس مائٽ ڊاڪٽر ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن اسان خلاف مختلف ڪوڙيون درخواستون ڏئي انڪوائريون شروع ڪرائي ڇڏيون آهن، جنهن کان پو اسان لا پنهنجي نوڪري ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهي. ڊاڪٽر ڀائرن عدالت کي استدعا ڪئي آهي بااثر ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button