ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي عورت ڪرڪيٽرن کي مردن برابر معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ويمنز ڪرڪيٽرن کي مرد ڪرڪيٽرن برابر معاوضو ڏيندڙ ڪرڪيٽ بورڊز ۾ ڏکڻ آفريقا جا ٽيون بورڊ بڻجي سامهون آيو آهي، جيڪو عورتن کي وڏو معاوضو ڏيندو. ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ بورڊ سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو آهي تھ ويمنز ۽ مينز ٽيمن جي عالمي ميچن جي في هاڻ برابر ڪئي وئي آهي. ياد رهي تھ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جا بورڊ عورت ۽ مرد ڪرڪيٽرن کي برابر معاضو ڏئي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close