سنڌ جي زراعت جي تباهي سبب مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ڪر کنيو آهي. انگريزن سنڌ ۽ پنجاب ٿوري وقت جي فرق سان فتح ڪيا پنجاب جنهن کي ٻي قوت لکندو آهيان، پنهنجن نت نئين چالاڪين ۽ چالبازين سان ته انگريزن کي موهي ورتو پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجي انا ۽ غيرت جي چولي ۾ رهيا. رواجي طور ربيع جي آباديءَ لا سنڌ وڌيڪ ڪارامد هئي، ڇو ته سنڌ جا ماڻهو بئراجن جي اڻ هوند جي حالت ۾ به ڪن واهن تي ڪڻڪ پوکيندا هئا. گورنمينٽ آف انڊيا کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته سنڌ ۾ آبپاشي وڌائڻ لا حالتون ڪافي بهتر آهن ۽ سنڌ کي ڪڏهن به ڇڏي نٿو سگهجي پر سياسي حالتن انگريزن کي مجبور ڪيو ته پنجاب کي آبپاشي جي ترقيءَ ۾ اوليت ڏني وڃي ۽ پنجاب جا بئراج گهڻي ڀاڱي 19هين صديءَ ۾ ٺهي تيار ٿي ويا. جڏهن ته سنڌ جا بئراج 20هين صديءَ جي شروعات تائين به هن خطي جي زمين تي ظاهر نه ٿيا.
سر چارلس نيپئر 1843ع ۾ ڪرنل والڪرٽ اسڪاٽ جي هٿ هيٺ سنڌ ۾ واهن کوٽڻ جو کاتو کوليو پر اهو کاتو 1848ع تائين مس هليو، ان کانپوءِ جنرل فائيف 1855ع ۾ سنڌ جي واهن سڌارڻ لا ڪي رٿون ڏنيون، اهي به پنجاب جي فوقيت سبب سرد خاني جي حوالي ڪيو ويون. فائيف جي اندازي موجب ان وقت سنڌ جي گهٽ ۾ گهت 31 لک رپيا آبياني جو نقصان ٿي رهيو هو. پنجاب جي ماڻهن کي چڱي ريت خبر هئي ته پنجاب پنجن ئي درياهن راوي، جهلم، چناب، ستلج ۽ بياس جو پاڻي چڱي ريت استعمال ڪري ٿي سگهيو پر پنجاب سنڌو درياهه جو پاڻي کڻڻ جو پيٽ ۾ سور هو ۽ جيستائين سنڌ جا ماڻهو ستل آهن اهو پاڻي جو ذخيرو ختم ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ پنجاب کان وڌيڪ پاڻي هو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جا درياهه سنڌو کان گهڻا ننڍا هئا ۽ پنجاب جا سڀئي دريا مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. انگريز سوا ڪجهه گهراڻن جي سنڌ کي ڪڏهن به سڄڻ نه سمجهندو هو، تنهنڪري به پنجاب جي بئراجن جو ڪم تيزيءَ سان ٿيو ۽ 1910ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سنڌ لا روهڙي پروجيڪٽ ٺاهيو پر سياسي نقطه نظر سبب ڪو کڙ تيل نه نڪتو، اهو پهريون شخص هو جنهن محسوس ڪيو ته پنجاب جي پروجيڪٽن سبب سنڌ کي وڏو نقصان ٿي سگهيو پئي پر پنهنجي ڪنهن به ڪانه ٻڌي.
پنجاب جو لوور چناب ڪئنال 1889ع ۾ شروع ڪيو ويو، پنجاب جو لوور جهلم ڪئنال 1902ع ۾ شروع ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ ۾ پهريون ڀيرو 1913ع ۾ آرنلڊ مسٽو سکر بئراج پروجيڪٽ تيار ڪري ڏنو. اهو وڏي جدوجهد کانپو جولاءِ 1923ع ۾ منظور ٿيو ۽ مٿس ڪم جولاءِ 1925ع ۾ شروع ٿيو. بدنيتيءَ تي آبپاشي جي منصوبا بنديءَ جي ڪري سنڌ جي آباديءَ جو نقصان ٿيڻ لڳو، جيڪو مهانگائي ۽ بيروزگاري جو سبب بڻيو. ان کان اڳ سنڌ ۾ ننڍن ننڍن واهن ۽ نارن ذريعي آبادي ڪئي ويندي هئي. گهٽ پاڻي هئڻ ڪري 10 ايڪڙن مان 2 ايڪڙ مس ريج ٿي پئي سگهيا، جنهنڪري هارين کانسوا ڏاٽي، ڪوڏر، رنبي ۽ چونڊو ڪرڻ وارا مزدور بيروزگاريءَ جو شڪار ٿيڻ لڳا.
ڪوبه زميندار ٽي يا چار سئو ايڪڙ زمين وڪرو ڪري پئسي جي زور تي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي پاسو هڻي ڪرسي سنڀالڻ کانپو هن جي اندر ۾ 4 کان 5 هزار ايڪڙ زمين خريدڻ جو ڀوت جاڳي ٿو پوي ته ووٽ وٺڻ کانپو اهو بکئي پيٽ سمهڻ وارن يا اگهاڙي پيرن واري جي سار ڇو لهندو.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي آزار جو بهانو بڻائي وڏن، وڏن سرڪاري ادارن کانسوا ڳڻپ کان مٿي فيڪٽريون کنيون ويون، هتان جا مزدور خاندان رلي ويا. ماني ڳڀي لا واجهائڻ تي مجبور ٿي ويا. مٿان واري سوچيل سمجهيل سازش تحت افغانين جي يلغار به اچي لٿي. انهن کي شناختي ڪارڊ به جاري ڪري کين پراپرٽيون خريدڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ هڪ هڪ پٺاڻ 50- 50 ٻيا افغاني گهرائي هتي آباد ڪيا. سور سهندي سهندي سنڌ ٻڍڙي جهور ٿي وئي جو پنهنجي پيٽ جا معدنياتي (ڪارونجهر) جهڙا ذخيرا نٿي بچائي سگهي. صبح جو اکيون مهٽندي تيل جي مهانگي ٿيڻ جي خبر ٻڌون ٿا ۽ هر شئي مهانگي ٿيو وڃي ٿي، ٻيو ته ٺهيو پر ريڊيو جو به ٽيڪس ورتو ويندو. عوام چپ ڇو آهي، عوام جي آواز واري سگهه ڪٿي سمهي پئي آهي، عوام جو اهو شعور ڪٿي دفن ٿي ويو آهي. سنڌ جي شعور کي جاڳڻو پوندو.