ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل ٻارَ

پاڪستان هتان جي شهرين لاءِ ڪيترو غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان جو اندازو هتي ٿيندڙ واقعن مان لڳائي سگهجي ٿو. اهي واقعا اغوائن، قتل، ڦرن ۽ ڌاڙن جا آهن. جيڪي روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. هتي وڏي ڄمار جا شهري ته ٺهيو پر ٻار به محفوظ ڪونه آهن. انهن کي جنهن جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، اهو ماڻهن جو هانءُ ڏاري ٿو وجهي پر انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ هتان جي حڪومت، ادارا ۽ انتظام بيوس نظر اچن ٿا. جنهنڪري جنهن کي وجهه ملي ٿو اهو ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. ڪالهه ڪنب ۾ اٺن سالن جي ٻارڙيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي. ايئن ڪيئن اهڙا واقعا آهن، جيڪي رپورٽ به نه ٿيندا هوندا پر اهو سلسلو اڃا تائين هلي رهيو آهي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سال نالي تنظيم ڪالهه هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ ڪيل انڪشاف ڇرڪائيندڙ آهن.
ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم “ساحل” پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جنوريءَ کان جون 2023ع تائين پاڪستان ۾ روزانو سراسري طور 12 ٻار جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيا آهن. ٻارن تي تشدد خاص طور تي جنسي ڏاڍائيءَ تي ڪم ڪندڙ تنظيم ساحل چيو آهي ته سال 2023ع ۾ ٻارن سان ڏاڍائيءَ جا 22 سئو 27 ڪيس سامهون آيا آهن. تنظيم 1996ع کان ٻارن تي تشدد ۽ خاص طور ٻارن جي جنسي ڏاڍائي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن سال مجموعي طور 86 قومي ۽ علائقائي اخبارن کي جانچيو ويو جن ۾ ٻارن جي جنسي زيادتي، اغوا، گمشدگي ۽ ٻارن جي شادي بابت رپورٽنگ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2023ع ۾ ٻارن سان ڏاڍائي جا 22 سئو 27 ڪيس سامهون آيا ۽ 2023ع جي پهرين 6 مهينن ۾ 6 کان 15 سالن جي ڇوڪرين جا 457 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 593 ڪيس ڇوڪرن جا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي ڊارڪ ويب تي سرگرمين کي ٽريڪ ڪيو، جتي گذريل 6 مهينن دوران فحش مواد جا ڪل 53 ڪيس سامهون آيا. رپورٽ موجب ٻارن سان حادثن يا تشدد جا ڪل 963 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 760 ٻار فوت ٿيا، جڏهن ته 268 ٻار ٻڏي فوت ٿيا، 148 ٻار قتل ڪيا ويا، 144 ٻار روڊ حادثن ۾ فوت ۽ 61 ٻارن خودڪشي ڪئي.
هن رپورٽ آڌار چئي سگهجي ٿو ته ٻارن جون زندگيون ڪٿي به محفوظ ڪونه آهن. اهي نه رڳو جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن پر ڊپريشن ۾ اچي خودڪشيون پڻ ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ٻارن لاءِ هر حوالي سان عذاب ئي عذاب آهي. ڇا حڪومت کي اندازو ناهي ته اها ملڪ جي مستقبل کي ڪيئن تباهه ڪري رهي آهي ۽ جيڪي ماڻهو ٻارن تي ڪنهن به قسم جو تشدد ڪن ٿا، سي هر ڀيري بچي ويندا آهن. انهن لاءِ ڪي سزائون ڪونه آهن. اسين سمجهون ٿا ته هر ٻار کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. تنهنڪري ٻارن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ لاءِ هر قسم جا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن وڌيڪ ٻار خودڪشيون ڪرڻ ۽ جنسي ڏاڍائين کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button