13 هين رجب جي رات هئي. هڪ فقيراڻي محفل ۾ وڃڻ جي سعادت نصيب ٿي. ڪافي اوشاق، سالڪ ۽ فقرا شريڪ ٿيل هئا. جنهن فقير فنڪار کي شروع ۾ وارو مليو سو اکين کان نه پيو ڏسي سگهي. هن درويش هٿ ۾ يڪتارو کڻي ۽ مولا علي جي نعرن سان شروعات ڪئي ۽ ڪرائي، پو روايتي انداز ۾ سلام ڪري عجب لفظ چيا ۽ انهن لفظن جو فرق به ٻڌايائين. جيڪي برابر منهنجي لا نوان هئا. جن منهنجي سوچ ۾ تحرڪ ۽ علم ۾ اضافو ڪيو. ان فقرا ڳائڻ جي شروعات کان اڳ ۾ هڪ سهڻي وضاحت ڪئي ته “مان نابين آهيان پر انڌو ناهيان!” يعني بيشڪ مان ڏسي نٿو سگهان ليڪن اهل بيت جيڪي حضرت نوح جي ٻيڙي مثل آهن، انهن جي محبت ۽ عقيدت منهنجي اندر ۾ ضرور آهي. يعني نابين وٽ وري به سڃاڻپ آهي پر انڌو پنهنجن کي ناهي سڃاڻيندو.
آ به قلم لکڻ لا کڻان ٿو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان لکڻ شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان؟؟ پڄاڻي ڪيئن ڪريان ڀلا پڄاڻي ڪريان به ته ڇو ڪريان؟؟!!
نيٺ قلم قرب ڪيو ۽ چيو ته فطرت جي عاشق ڀائو کي ٻڌائي ته توکي مرحوم نه ڪڏهن لکندس ۽ نه ئي چوندس. قلم چيو ڀائو کي ٻڌائي ته جيئن ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ فرق آهي، ڀلي کڻي معنيٰ ساڳي هجي. ڀائو کي ٻڌائي گم ٿيڻ ۽ گم ڪرڻ ۾ فرق آهي، اڃان وڌيڪ قلم قرب ڪندي چيو ته ڀائو کي ٻڌائي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ فرق آهي، جاڳڻ ۽ جاڳائڻ ۾ فرق آهي، پروڙڻ ۽ پتوڙڻ ۾ فرق آهي، سور ۽ سرور ۾ فرق آهي، غفلت ۽ شعور ۾ فرق آهي، لوڙڻ ۽ ولوڙڻ ۾ فرق آهي، سارڻ ۽ سنڀالڻ ۾ فرق آهي، خيال ۽ تخيل ۾ فرق آهي، پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ فرق آهي، پيرن سان پنڌ ڪرڻ ۽ دل سان هلڻ ۾ فرق آهي، ڪنهن کي وسارڻ ۽ ڪنهن کي دل تان لاهڻ ۾ فرق آهي، زندگي گذارڻ ۽ زندگي جيئڻ ۾ فرق آهي.
اهڙي نموني موت ۽ فوت ٿيڻ ۾ به فرق آهي. جنهن کي موت ايندو آهي اهو تاريخ جي ورقن ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪندو ناهي، جنهن کي موت ايندو آهي ان لا محفلون ناهن سجايون وينديون، جنهن کي موت ايندو آهي ان لا اجرڪ ۽ گلن جا تحفا ناهن رکبا. ها ڀائو! جنهن کي موت ايندو آ، ان جي ياد ۾ ڏيئا ناهن ٻاريا ويندا، جنهن کي موت ايندو آهي ان جي لا اکيون آليون ناهن ٿينديون. “ها نور محمد جا پٽ” اهو ڀائو اسان جي وچ ۾ هڪ ڪوڊ ورڊ هوندو هيو.
جنهن کي موت ايندو آهي، ان جي قبر سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي، جنهن کي موت ايندو آهي اهو محفل جو عنوان ناهي بڻجندو، جنهن کي موت ايندو آهي ان جي نان جي صدقي ڪنهن کي پاڻي به ناهي پياريو ويندو، ۽ جنهن کي موت ايندو آهي ان جي نشانين کي سنڀاليو ناهي ويندو. تنهن ڪري ڀائو هي جيڪي ڪجهه منهنجي اندر جو احساس ۽ احوال آهي، اهو توکي زندهه سمجهي لکي رهيو آهيان. ڇو جو تو پاڻ ئي خوابن ۾ ٻڌايو آهي ته اسان جدا ڪاٿي ٿيا آهيون؟ اسان هميشه گڏ رهيا آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.
توکي مون پٽيون کڻندي ۽ پڙهندي ڏٺو، توکي مون ڏهين ڪلاس ۾ صاحبن سان انگلش ڳالهائيندي ۽ ڊڪشنري انعام کٽندي ڏٺو، مون توکي جوشيليون تقريرون ڪندي ڏٺو، مون توکي موڙن ٻڌڻ جي رنگ ۾ به ڏٺو، تون گهوٽ گهٽ ڀائو وڌيڪ پيو لڳين. تنهنجي لفظن ۾ لطيف سائين جو عڪس هجي، يا تنهنجو ڀٽائي گهوٽ جي ڪلامن تي رقص هجي تون تڏهن به ڀائو رهين، ڪاليج ۾ پڙهائين يا جشن لطيف ڪرائين تون اتي به ڀائو رهين.
اڄ به مان انهن هوٽل جي بينچن کي ڏسندو آهيان جتي پاڻ ويهندا هئاسين ان رستن ۽ جاين تان گذرندو آهيان جڏهن به گذرندو آهيان ته تنهنجي يادن جا ڪڪر ڇائنجي ويندا آهن. ڀلا ٻنين تي ويهي سج لهڻ جا منظر ڪيئن وسرندا؟ جتي پاڻ چار گهڙيون ويٺاسين.
ڀائو شايد ڪچهري گهڻي ٿي وئي توکي به پنهنجي مرشد لطيف جي محفل ۾ وڃڻو هوندو، ڀلي مٿان مٽي هجي پر هيٺ محفل آ. وري ٻئي جمعي تي رهاڻ ڪبي. سنڌ جي سينڌ کي سائو ڪندڙ ۽ رکندڙ لطيف سائين کي اسان طرفان قدمن تي هٿ ۽ عاجزي ڀريا سلام عرض ڪجان.
لطيف سرڪار جي سهڻين سٽن سان موڪلاڻي ٿا ڪيون.
“جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
اتي اوتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.