ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جو تدارڪ ڪيو

Editorial

ڳڻپ واري کاتي مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. هلندڙ هفتي 22 شيون مهانگيون ٿيون، جڏهن ته کنڊ جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي 172 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو. ان ڏس ۾ شماريات کاتي موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 05 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ سالياني بنيادن تي مجموعي شرح 25 ڏهائي 34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي گذريل هفتي 22 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 12 شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 17 جا اگهه مستحڪم رهيا. شماريات کاتي موجب بصر 16 رُپيا، مٽرن جي دال ڏهه رُپيا، کنڊ ڇهه رُپيا ۽ ٿوم في ڪلو ڏهه رُپيا مهانگي ٿي، جڏهن ته آنن جو في ڊزن ست رُپيا مهانگو ٿيو. مهري جي دال في ڪلو اٺ رُپيا، مڱن جي دال ٻه رُپيا، ڪڪڙ في ڪلو چار رپيا، هڏي واري گوشت به ٻه رُپيا في ڪلو مهانگو ٿيو. جڏهن ته هڪ سال ۾ چانهه پتي 90 سيڪڙو، چانور به 90 سيڪڙو ۽ مرچ 86 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
ٻئي پاسي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن خلاف واپاري تنظيمن ۽ شهرين پاران وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي سميت ملڪ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ مهانگي بجلي خلاف واپارين پاران مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بجلي جي بلن ۾ شامل اضافي ٽيڪس ۽ بجلي جي مسلسل وڌندڙ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ واپاري برادري تحت بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي واپاري اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واپاري برادري ڪي اليڪٽرڪ جي اوور بلنگ کي رد ڪري ٿي. واپاري اڳواڻن چيو ته ماڻهو بک مري رهيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ هزارين ۽ لکين رپين جا بل موڪلي رهي آهي، حڪمران طبقو اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. درحقيقت حڪمران ۽ اسٽيبلشمينٽ ئي ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم جا ذميوار آهن. ماڻهو قرض کڻي ۽ سامان وڪرو ڪري بجلي جا بل ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف بينر ۽ پوسٽر هئا. ان موقعي تي مظاهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٻئي طرف راولپنڊي ۾ بجلي جي اضافي بلن خلاف مري روڊ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ شهرين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ڪميٽي چوڪ تي آئيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين مري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ٻئي طرف آزاد ڪشمير ۾ به واپارين پاران مهانگي بجلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا. باغ ۾ انجمن تاجران، عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ سول سوسائٽي پاران بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا ۽ حڪومت ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چوڻ هو ته جيستائين بجلي جي بلن ۾ اضافو بند نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رهندو، جڏهن ته 5 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير جي هر چوڪ ۽ چوراهي تي ڀرپور عوامي طاقت سان آواز بلند ڪندا. هوڏانهن ملڪ جي ٻين شهرن لاهور، اٽڪ، پشاور، ڪوئيٽا، تونسا، حيدرآباد، نواب شاهه، رحيم يار خان ۽ ملتان ۾ شهري وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري آيا ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو.
وڌندڙ مهانگائي بابت هاڻي عوام جي سهپ جواب ڏئي رهي آهي. عوام جي بنيادي مسئلن کي سمجهي انهن جو تدارڪ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button