پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ همراهه جي تذليل الزام هيٺ آيل ڌر جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ مبارڪ جي پي پي ايڇ آئي جي ملازم گلاب رند جي تذليل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ميگھواڙ برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو. ناري جي مڙس سنڪيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ هرجي مل، آتم ميگھواڙ، نگومل، ڀوڄو مل ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ناري مينا ڪماري ميگھواڙ ۽ سندس مڙس سنڪيش ڪمار ميگھواڙ الزام هڻندي چيو ته تذليل جو نشانو بڻايل گلاب رند ۽ امير رند اسان جي گهر ۾ رات جو داخل ٿيا هئا. مينا ڪماري چيو ته منهنجي رڙين تي ڳوٺاڻا پهتا، جنهن تي امير علي ڀڄي ويو ۽ گلاب رند کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪيو. ميگھواڙ برادري جي ماڻهن چيو ته جوابدار مينا ڪماري کي اغوا ڪرڻ جي ارادي سان داخل ٿيا هئا، پوليس اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري، اسان سان ظلم ٿيو آهي، ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button