پاڪستانسنڌ

فريدآباد لڳ گهر مان لکن جي چوري، هڪ ڄڻو گرفتار

فريدآباد: فريدآباد ويجهو ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ ڳوٺاڻي غلام رسول چانڊيو جي گھر مان رات نامعلوم چور 2 لک روڪ رقم، سونا زيور، ڪپڙا ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان چوري ڪري ويا، پيرو کڻائڻ لا کوجي ڪتو گھرايو ويو، جنھن کان پيرو پوليس جي نگراني ۾کڻايو ويو، ساڳئي ڳوٺ جي ڳوٺاڻي انور چانڊيو جي گھر ۾کوجي ڪتو ويھي رھيو، پوليس گھرڌڻي انور چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي ڳوٺ جو سماجي سوشل ورڪر جيوڻ مولائي، امتياز علي چانڊيو، عنايت علي چانڊيو، اشرف علي چانڊيو، غلام باقر علي چانڊيو ۽ ٻيا ماڻهو موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button