ملڪ ۾ ٻه شيون مسقتل طور تي وڌي رهيون آهن. هڪ مهانگائي ۽ ٻيو سياسي مونجهارو! سياسي پارٽين جا سربراهه ۽ انهن جا حامي ڪجهه به چون حقيقت اها آهي ته هن مهل عام ماڻهو ان کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ نه ٿو چاهي ته هن سان اقتصادي انصاف ڪڏهن ٿيندو؟ جڏهن ته اهو سوال هن وقت نگران حڪومت جي ايجنڊا تي ئي ڪونهي. ڇو ته اها بظاهر نيون چونڊون ڪرائڻ آئي آهي پر ملڪ ۾ موجود معاملن جي حوالي سان جيڪڏهن نگرانن جي صرف بيانن جو جائزو به وٺجي ٿو ته اها ڳالهه تمام گهڻي شدت سان محسوس ٿڻ لڳي ٿي ته اها خود انهن کي به خبر ناهي ته انهن کي ڇو آندو ويو آهي ۽ انهن کي ڇا ڪرڻو آهي؟ مطلب ته هن وقت نگران حڪومت جو اهو حال آهي، جنهن جو تذڪرو ڪندي مرزا غالب لکيو آهي:
”هم وهان هين، جهان سي هم ڪو اب
ڪڇ هماري خبر نهين آتي“
نگران سرڪار جو جڏهن اهو حال هجي ته پوءِ ملڪ جي ٻين معاملن جو حشر ڪهڙو هوندو؟ ان باري ۾ تمام گهڻي سوچ ويچار جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. ڇو ته هاڻي معاملا ايترا ته آسان ٿي ويا آهن جو انهن تي گهڻي دماغ خوري به انسان کي نه ٿي وڻي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ماڻهن وٽ معلومات گهٽ هوندي هئي. انهن جي پوري ڪوشش اها هوندي هئي ته هو ڪنهن طرح سان وڌ کان وڌ علم حاصل ڪري سگهن. پر جديد طور ۾ جڏهن معلومات انسانن جي آڱرين جي اشارن تي هجي ته پوءِ ڪنهن کي ان جي ڪهڙي پرواهه هوندي ته هن کي ڪيتري ڄاڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا آهن؟
اها هڪ حقيقت آهي ۽ تمام تلخ حقيقت آهي ته ماڻهن کي هن مهل معلومات نه پر ماني گهرجي. انسانن کي علم نه پر انصاف کپي. ڇو ته انهن جي مٿان زندگيءَ جو بار تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اهو ڪنهن کي اهو احساس نه هو ته هڪ ڏينهن ماڻهن جي مٿان زندگي تمام گهڻو ڀاري بار بڻجي ويندي. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي جو اسان جي ماڻهن سان معاشي انصاف نه ٿو ٿئي. جڏهن به جنهن به معاشري ۾ ماڻهن جي آمدني گهٽجي ويندي ۽ هو زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا ته پوءِ انهن جا احساس اهڙا ئي هوندا.
ملڪ ۾ هن مهل ماڻهو جهڙي طرح سان بجليءَ جا بل ساڙي احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن جو اهو احتجاج ڪنهن خاص سياسي پارٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ ناهي. اهو عوام جو پنهنجو فيصلو ۽ پنهنجو عمل آهي. ڇو ته انهن لاءِ محدود آمدنيءَ ۾ ايترا ڀاري بل ڏيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن بڻجي ويا آهن. ان صورت ۾ انهن کي صرف پنهنجي احتجاج مان اها اميد آهي ته رياست ۽ نگران حڪومت ڪنهن طرح سان دٻاءَ ۾ اچي ڪو اهڙو فيصلو ڪري وٺي، جنهن سان انهن مٿان مشڪل ڪجهه آسان ٿئي.
پاڪستان جو عوام مهانگائيءَ جي پيڙا مان گذري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ سنڌ اهڙو ماڳ آهي، جتي عوام جي مٿان هڪ نه پر ٻه بار پيل آهن. هڪ مهانگائيءَ جو ۽ ٻيو عدم تحفظ جو!! مهانگائي پوري ملڪ جو مسئلو آهي ۽ عدم تحفظ جا پاڇا به پوري ملڪ جي مٿان پون ٿا پر سنڌ ۾ مهانگائي سان گڏ تحفظ نه هجڻ سبب پيدا ٿيل تلخي ايتري ته شديد آهي جو ماڻهن جي لاءِ هر گهڙي هڪ گهاءُ بڻجي وئي آهي. انهن کي اهو اعتبار ناهي ته انهن جي مٿان زندگيءَ جو بار گهٽبو ۽ هو وري خوش ٿيڻ واري حق سان همڪنار ٿي سگهندا. انهن کي اهو ڪنهن به طرح سان يقين ناهي. اها بي يقيني ڪيتري نه ڪٺن آهي؟ ان جو اندازو هر انهيءَ انسان کي ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪنهن بي يقينيءَ واري ڪيفيت مان گذريو هوندو.
سنڌ پاڪستان جو اهو مسڪين ۽ مظلوم صوبو آهي، جيڪو اقتصادي طور تي بدحاليءَ جو شڪار هجڻ سان گڏ بي انصافيءَ ۽ ان سان عدم تحفظ جو شڪار آهي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي ٻه اشو ڀرپور طرح سان اڀريل آهن. هن وقت سنڌ ۾ جهڙي ريت ٻين اشوز تي احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ جهڙي ريت سنڌ جي سوشل ميڊيا انهن ٻن اشوز تي مستقل طور احتجاج رڪارڊ تي رکي رهي آهي، اهي ٻه اشوز آهن، معصوم فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جو قتل! انهن ٻن اشوز جي حوالي سان جيڪا به صورتحال جنم وٺي چڪي آهي، ان ۾ هڪ شي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ۽ اها شيءَ آهي، عدم تحفظ!
سنڌ جان محمد مهر کان سواءِ جنهن وڏي صدمي جو شڪار آهي، اهو صدمو معصوم فاطمه جو ڀيانڪ موت آهي. معصوم فاطمه جي سلسلي ۾ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هڪ پير جي حويليءَ ۾ هڪ معصوم پورهيت ٻارڙيءَ جو اهڙي درندگيءَ سان ڪيل قتل سنڌ جي سماج مٿان هڪ تمام وڏو سواليا نشان ٺاهي رهيو آهي ۽ اسان کان اهو واقعو پڇي رهيو آهي ته ڇا سنڌ ۾ تحفظ هڪ بي معنيٰ لفظ نه بڻجي ويو آهي؟ اسان وٽ ان تلخ سوال جو ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب ڪونهي. ڇوته هي ڪو الزام نه پر حقيقت آهي ته سنڌ تحفظ جي سلسلي ۾ غيرمحفوظ معاشرو بڻجي چڪي آهي. هن وقت سنڌ جون سموريون سڄاڻ ڌريون، ان نقطي تي سوچڻ لاءِ مجبور آهن ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ديس کي اهڙي عدم تحفظ جي صورتحال مان ڪڍي، حفاظت ڀري ڪناري تي ڪيئن پهچائجي؟
پاڪستان مجموعي طور تي مسئلن ۾ ويڙهيل ملڪ آهي. پر اهو به سچ آهي ته مسئلن جا مڇر ڏٻري ڍور جي مٿان وڌيڪ حملو ڪندا آهن. ان حوالي سان سنڌ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ آسودي صوبي کان هيٺ ڪري، جڏهن غربت جو مثال بڻجي وئي آهي ته ان غربت مٿان تحفظ جي غيرتسلي بخش صورتحال تمام گهڻي پيڙا پيدا ڪري ٿي. ان پيڙا جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ هن حڪومت کان صرف ۽ صرف قانون جي حڪمراني چاهي ٿي؟
ڇا قانون جي حڪمرانيءَ جي راهه ۾ به معاشي بحران ڪا رڪاوٽ بڻبو آهي؟ ڇا حڪومت کي امن امان قائم ڪرڻ يا قانون جي حڪمراني لاڳو ڪرڻ لاءِ به آءِ ايم ايف کان قرض کڻڻو پوندو؟ جيڪڏهن عالمي برادري اسان جي ملڪ جي معاشي مدد نه ڪندي ته ڇا اسان جو ملڪ فاطمه جهڙين معصوم نياڻين کي تحفظ فراهم نه ڪندو؟ اهو سوال پڇا ڪرڻ جو مطلب پنهنجي ملڪ جي مٿان ڪا طنز ڪرڻ نه پر پنهنجي حڪمرانن جي طرز حڪومت مٿان اهو سوال اٿارڻو آهي، جنهن جو جواب هو عملي طور تي ڇا پر زباني طرح سان به ڏئي نه ٿا سگهن. اهڙن سوالن تي سوچيندڙ رياستون پنهنجي مسئلا حل ڪري پنهنجن ماڻهن کي سکيا ۽ ستابا معاشرا فراهم ڪري سگهنديون آهن.
ڇا اسان جي حڪومت ۽ رياست جي سوچ واري ايجنڊا تي اهو سوال موجود آهي؟