پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 ماڻهو زخمي

ميهڙ: ميهڙ لڳ راڌڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم شاهه آڳرو ۾ سڱاوتي تڪرار تان سيدن جي ٻن ڌرين سيد مٺل شاهه ۽ سيد ممتاز علي شاهه ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ هڪ ڌر جو حاڪم علي شاهه، ممتاز شاهه ۽ منظور شاهه سخت زخمي ٿي پيا، ٻي ڌر جو راشد شاهه زخمي ٿيو، جن کي پوليس راڌڻ اسپتال منتقل ڪيو، جتان کين لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ته رستي ۾ حاڪم علي شاهه فوت ٿي ويو. جڏهن ته منظور شاهه کي سخت زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. قتل ٿيل حاڪم علي شاهه جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ آندو ويو، جتي سندس جي تدفين ڪئي وئي. جهيڙي سبب ڳوٺ ۾ ڇڪتاڻ برقرار ٻڌائي پئي وڃي. جهيڙو جو سبب سڱاوتي معاملا ۽ زمين جو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. راڌڻ پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button