پاڪستانسنڌ

ميهڙ لڳ شادي نه ڪرائڻ تي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان شاهھ پنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھوتي خان ناريجو جي رھواسي نوجوان 25 سالن جي اختر سولنگي گھريلو اڻبڻت سبب پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، جنھن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو، فوتي نوجوان جي وارثن ۽ پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان پنھنجي گھروارن کي جلد شادي لا زور ڀريندو رھيو ھو، جڏھن ته والدين فصل کڻڻ لا چوندا ھئا، جنھن تان ناراض ٿي هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي، فائرنگ بعد دروازا ڀڃي نوجوان کي کڻي خانگي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. شاهھ پنجو پوليس ۽ سندس وارث نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ کڻائي آيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button