پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ انجيڪشن لڳڻ بعد نينگر فوت، ڊاڪٽر گرفتار

شھدادپور: شھدادپور ۾ جناح پارڪ لڳ ڊاڪٽر جيوڻ جي نجي ڪلينڪ تي ڳوٺ سردار شڪور بروھي واسي عبدالمطلب بروھي پنھنجي ھڪ ئي پٽ 8 سالن جي محمد بروھي کي بخار ٿيڻ سبب علاج لا کڻي پهتو، جتي انجيڪشن لڳڻ بعد نينگر بيهوش ٿي ويو ۽ ڪجهه دير ۾ فوت ٿي ويو، نينگر کي وارث فورن سمس اسپتال شھدادپور کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، واقعي جي ڄاڻ ملڻ تي پوليس ڪاروائي ڪندي ڊاڪٽر جيوڻ کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي وارث ٻار جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر پاران انجيڪشن لڳائڻ بعد نينگر کي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ۽ هو فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button