پاڪستانسنڌ

فريدآباد لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورتن سميت 15 ماڻهو زخمي، احتجاج

فريدآباد: فريدآباد لڳ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسڻ ثمينا تيوڻو ڪجهه ڏينهن اڳ گھران نڪري وئي ھئي، جنهن تان تيوڻا ۽ خاصخيلي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي. گذريل ڏينهن ٻنھي ڌرين جي ماڻهن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن سبب ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري سڪينا تيوڻو، ريحانه، خالق، جاني، امام علي، غلام نبي، محمد عمر، فاروق، شيرزادو، گلزار، سجاد خاصخيلي، ضمير خاصخيلي ۽ عبدالفتاح سميت 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي ميھڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته تيوڻا ڌر جا زخمي ماڻهو ٿاڻي اڳيان تڙپندا رھيا. ان موقعي تي تيوڻا ڌر جي ماڻهن امداد علي تيوڻو، سومر تيوڻو ۽ امام علي تيوڻو چيو ته خاصخيلي ڌر جي ماڻهن ھلان ڪري حملو ڪيو، هي اسان جي عورت ثمينا تيوڻو کي به کڻي ويا، وري هاڻ حملو ڪري ماڻهو زخمي ڪيا، پوليس هٿ سان جهيڙو ڪرايو آهي. جيسيتائين ڪيس داخل نه ٿيندو، زخمين کي اسپتال کڻي نه وينداسين. هنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي دادو فريدآباد پوليس خلاف نوٽيس وٺي ملوث اھلڪارن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري. جڏهن ته چڱي مڙس نور احمد تيوڻو جي ڀا رفيق احمد تيوڻو ٿاڻي تي پھچي ايس ايڇ او فريدآباد سان ملاقات ڪري جوابدارن علي نواز خاصخيلي، حاضر، ملان محمود ۽ فوجي نياز حسين سميت 15 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو. ھوڏانھن مخالف ڌر علي نواز خاصخيلي، محمود خاصخيلي ۽ اياز حسين خاصخيلي چيو ته تيوڻا ڌر بنا جواز ڏنڊا لٺيون کڻي اچي جھيڙو ڪيو. هنن چڱي مڙس نور احمد تيوڻو جي چرچ تي جھيڙو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button