پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ شڪاري ڪهاڙيون هڻي ڊيل کي ماري ڇڏيو، گرفتار

ڇاڇرو: ڇاڇرو ڀرسان شڪاري مور پکي (ڊيل)کي ڪهاڙيون هڻي ماري ڇڏيو، ڊيل جا ننڍڙا ٻار جان بچائي جهنگ ۾ ڊوڙي ويا. ڳوٺاڻن شڪاري مير حسن پٽ بادل ڪپري کي ڪهاڙي سان شڪار ڪيل ڊيل سميت سوگھو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي وائلڊ لائف کاتي ٿر جي ٽيم پهچي ماريل ڊيل ۽ شڪاري کي گرفتار ڪري ورتو. وائلڊ لائيف ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر جو چوڻ هو ته ظالم شڪاري ظلم جي انتها ڪئي آهي، معصوم ٻارن جي ما ڊيل کي ماريو آهي، شڪاري جو تعلق ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ نيٻاڙو سان آهي، شڪاري مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، اڄ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button