پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي ۾ نوجوان جي قتل خلاف ايس ٽي پي جو مظاهرو

ڄام نواز علي: نئون آباد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن هفتو اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل اختر عرف دولو مهر جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن علي ڏنو خاصخيلي، مير شاھد ٽالپر، مقتول جي وارثن اسلم مهر ۽ دين محمد مهر ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڊي ايس پي ڄام نواز علي پرويز اختر قريشي 24 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، ان باوجود جوابدارن بابت پوليس پتو لڳائي نه سگهي آهي. مقتول جي وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي ته مقتول جي جا اصل جوابدار گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button