پاڪستانسنڌ

نيو ڇور ۾ مهيني کان پاڻي بند، شهرين جو مظاهرو

ڇور: نيو ڇور شھر جي 15 کان وڌيڪ مختلف پاڙن ڪنڀار، ڀيا، ٺڪر، سومرا ڪالوني، سوٽھڙ، بجير، چارڻ، سونارو پاڙي، جيلاني ڪالوني، مھيشوري پاڙي، شھمير جي ڍاڻي ۽ ٻين پاڙن ۾ گذريل ھڪ مھيني کان واٽر سپلائي پاڻي جي فراھمي بند ھجڻ ڪري شھري پريشان آھن. ان سلسلي ۾ شھرين ۽ سماجي اڳواڻن ضلعي ميمبر ڪرن سنگهھ سوڍو، صوفي سارنگ رام سوٽھڙ، پرٿوي سوڍون، ڊاڪٽر رضا سميجو، عيدل ڪنڀر، ڊاڪٽر يعقوب، حنيف نھڙي، ڀمر لعل مھيشوري، اعجاز سومرو، ڪامريڊ سليم، جسوت سنگھه، عمر اعجاز نھڙي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي نيو ڇور-عمرڪوٽ روڊ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو. هنن چيو ته مختلف پاڙن ۾ ھڪ مھيني کان مٿي وقت کان واٽر سپلائي جي فراھمي معطل ھجڻ ڪري مٺي پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون، پاڻي نه هجڻ سبب کارو پاڻي استعمال ڪريون پيا، جنھن ڪري مختلف بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن. ھنن چتا ڏنو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي وارن ٻن ڏينھن اندر پاڻي جي فراھمي بحال نه ڪئي ته ھڙتال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button