پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ عورت ڦاهو کائي ڇڏيو، لاش 7 ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو

سامارو: سامارو لڳ ڳوٺ صحبت ڌونڪائي جي رھواسڻ پرڻيل عورت حسني زال عبدالقيوم ڌونڪائي گھرو اڻبڻت تان ڪالهھ رات دير سان ڪچي ديوار واري گھر جي ڇت ۾ لڳل لڪڙي ۾ رسي سان ڳچي ۾ ڦاھو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي سامارو روڊ پوسٽ جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڦاھي تان لاش لاهي تعلقي اسپتال آندو، جتي ڊيوٽي ليڊي ڊاڪٽر موجود نه ھئي، اسپتال انتظاميا جي لاپرواھي سبب عورت جو لاش 7 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم روم ۾ پيل رھيو. جڏھن ته صبح ٿيڻ تي ڊيوٽي ليڊي ڊاڪٽر علينا علي پھچي لاش جو پوسث مارٽم ڪيو، جنھن بعد پوليس لاش عورت جي مڙس عبدالقيوم ڌونڪائي ۽ ٻين وارثن حوالي ڪيو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا. پوليس موجب وارثن پوليس کي ٻڌايو آھي ته عورت حسني گھرو اڻبڻت سبب ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي، واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button