پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ بااثر وڏيري جي ظلمن خلاف عورتن جو احتجاجي مظاهرو

جهڏو: جهڏو لڳ ڳوٺ فتح خان پتافي جي رهواسين اعجاز پتافي، کٻڙ پتافي، جنت، حاجياڻي، چني ۽ ٻين ميڊيا سينٽر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ سرڪاري ساڍا ستاويهه ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنھن تي اسان 55 سالن کان ويٺل آهيون ۽ زمين آباد ڪري رهيا آهيون، علائقي جو بااثر وڏيرو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو مختلف وقتن تي اسان کي زمين تان لڏائڻ لاءِ تنگ ڪندو رهيو آهي، اسان مجبور ٿي عدالت ۾ هن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي، جيڪو ڪيس سنڌ هائي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، ان باوجود گذريل ڏينهن وڏيري جا هاري عاشق خاصخيلي ۽ چار ٻيا نامعلوم ماڻهو اسان جي گهرن تي هٿيار ۽ لٺيون کڻي آيا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سان بدتميزي ڪندي زمين تان لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون. هنن چيو ته بااثر وڏيرو اسان جي گهرن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿياربند ماڻهو موڪلي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button