عمران خان اپوزيشن ۾ هوندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه صحيح ڪئي هئي. هن چيو هو ته جڏهن به ٻيا ڏسندا آهن ته حڪومت عوام کي پيڙي رهي آهي ته اهي به ان رستي جا راهي ٿي پوندا آهن. هونءَ ته عمران خان اها ڳالهه ڪرپشن جي سلسلي ۾ ڪئي هئي ۽ هن مهل به ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ته ان جو مطلب حڪومت پاڻ بيان ڪري، پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن پاران جيئن ليٽر تي فائدو وڌائڻ لاءِ هڙتال ڪئي وئي آهي، ان مان صاف پڌرو آهي ته پيٽرول پمپن جا ڊيلر جڏهن ڏسن ٿا ته حڪومت عوام کي ابتو سبتو ڪري ڪمند وانگر پيڙي رهي آهي ته هو ان جو فائدو ڇو نه وٺن؟ جڏهن ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ۽ خاص طور اسان جي پاڙيسري ملڪ جي حوالي سان اسان جا پيٽروليم ڊيلر وڌيڪ فائدو وٺي رهيا آهن پر لالچ جو پيٽ ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي ته هو وڌيڪ منافعو ڪمائڻ لاءِ هڙتال جهڙي طريقي کي استعمال ڪرڻ کان به نه مڙيا آهن. ان ڪري عوام هڪ ڏينهن ۾ ايترو ته ڀوڳيو آهي جو هاڻي شايد هو پيٽروليم جي اگهن تي اڳ جيان دانهون ڪوڪون نه ڪري. چوندا آهن ته سور جو هڪ علاج اهو به هوندو آهي ته ان جي مقدار ۾ اضافو ڪري ڇڏجي. ڇا سرڪار ساڳي فارمولا تي عمل ڪري رهي آهي؟ ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي ڳالهه حڪومت ڪڏهن به تسليم نه ڪندي پر حقيقت اها آهي ته هن مهل عوام کان وڌيل اگهه وسري ويا آهن ۽ هر قيمت تي صرف پيٽروليم جي دستيابي چاهي ٿو.
پيٽرول ڊيلرن جو اهو عمل صحيح ناهي. اهو موقف ته حڪومت جو به آهي پر حڪومت جو فرض رڳو اهو ناهي ته ڪنهن به غلط شي جي مذمت ڪري ۽ پوءِ پاڻ کي فرض کان آجو سمجهي. حڪومت ان لاءِ وجود ۾ نه ايندي آهي. اهو ڪم نه رڳو سياسي پارٽيون ۽ ميڊيا پر عوام به ڪندو آهي پر عوام جي اهڙي تنقيد سان سماج يا ملڪ جي مٿان ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو؟ جنهن ملڪ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتالن کان وٺي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ تائين سخت ترين احتجاجي عملن جو ڪو کڙتيل نه نڪرندو هجي، ان ملڪ ۾ رڳو مذمت سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ حڪومت به جيڪڏهن عوام وانگر بيوس آهي ته پوءِ حڪومت جي هجڻ جو اخلاقي جواز ڪهڙو آهي؟ ڇا حڪومت کي معلوم ناهي ته ضروري شين جي سلسلي ۾ هڙتال ڪرڻ جو مطلب ڇا هوندو آهي؟ حڪومت ۽ ادارن جي وچ ۾ خيالن ۽ مطالبن جي ڏي وٺ ته هلندي رهندي آهي پر ان مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي سگهندو آهي ته پوءِ ادارا اڳيون قدم کڻڻ ڏانهن وڌندا آهن. اهو سرڪار جي سمجهه ۽ صلاحيت تي هوندو آهي ته اهاَ ڪهڙي ريت عوام جي حقن جي حفاظت ڪري ٿي؟ جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ سوڀاري ٿي نه ٿي سگهي ته ان کي ڪڏهن به بهتر حڪومت چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اهو حڪومت جو اولين فرض هوندو آهي ته اها معاملن کي ايترو بگڙجڻ نه ڏئي، جن سان ماڻهو تمام سخت مشڪل ۾ اچي وڃن. جيڪڏهن عوام جي تڪليف ۾ اچي ٿو ته سرڪار جي ڪردار تي ساول پيدا ٿيڻ لازمي بڻجي ويندو آهي.
حڪومت اهو چئي به سگهي ٿي ته هڙتال هر اداري يا گروهه يا فرد جو جمهوري حق هوندي آهي پر اهڙو موقف پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته ڪجهه شيون بنهه ضروري نوعيت جون هونديون آهن ۽ انهن جي سلسلي ۾ ڪو به سمجهوتو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ان حوالي سان پيٽروليم به هڪ اهڙي شي آهي، جنهن سان پوري سماج جي چرپر ختم ٿي وڃي ٿي. هن وقت تيل بدران ته انساني زندگيءَ جي سرگرميءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پيٽرول ڊيلرن کي ان مقام تائين ڪيئن ٿي وڃڻ ڏئي سگهي جو هو هڙتال ڪن؟ هر شي جي حوالي سان ته نه پر ضروري شين جي حوالي سان ڪجهه اسمن جي سلسلي ۾ هڙتال آخري هٿيار جيان هوندي آهي. ڪنهن به عام جنگ ۾ آخري هٿيار هلائڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ڇو ته هر جنگ يا معرڪي جو هٿيار اڳ ۾ ئي سوچيل سمجهيل ۽ جنگ وڙهندڙ ڌرين جي ذهنن ۾ صاف هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پروين شاڪر پنهنجي هڪ شعر ۾ لکيو آهي:
“جنگ ڪا هٿيار طئي ڪڇ اور ٿا
تير سيني مين اتارا اور هي”
هر اداري جو ڪو نه ڪو مسئلو يا مطالبو هوندو آهي پر پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ جڏهن حساس شين کي هلائڻ وارا ادارا انهن حرڪتن تي لهي اچن ته ان جو صاف مطلب اهو هوندو آهي ته انهن ادارن حڪومت جو پاڻي ڪڇي ورتو آهي.
حڪومت ان ڳالهه کي قبول نه ڪندي ۽ حڪومت جي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪو فرق به نه ٿو پوي پر اها حقيقت آهي ته جهڙي ريت ٽي ايل پي احتجاج ڪري نه رڳو پاڻ کي قانوني طرح قبول ڪرائي وئي پر حڪومت کي هيسائي هن پنهنجي سرواڻ کي به آزاد ڪرائي ورتو. اهڙي ريت پوري ملڪ کي اهو پيغام ملي ويو ته هيءَ حڪومت احتجاج کي نه ته پنهنجي صلاحيت سان روڪي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي دٻا کي برداشت ڪري سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته هڪ طرف مخالف ڌر جي دل کي آٿت ملي آهي ۽ ٻي طرف حڪومت کان پنهنجا جائز توڙي ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ هڙئي قوتون ميدان ۾ لهي پيون آهن.
اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته پيٽرول ڊيلرن حڪومت کان جيڪو مطالبو ڪيو آهي، اهو اهڙو نه ڪيو آهي، جنهن سان حڪومت جي مٿان ڪوئي بار پوي. پيٽرول ڊيلرن کي پتو آهي ته حڪومت انهن جو اهڙو مطالبو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ڇو ته حڪومت جي مٿان اندروني توڙي ٻاهرين قسم جا تمام گهڻا دٻا آهن. اقتصادي حوالي سان ته حڪومت جي مٿان آءِ ايم ايف کان وٺي نامعلوم قوتن تائين خبر ناهي ته ڪنهن جا ڪنهن جا دٻا آهن؟ ان صورتحال ۾ حڪومت جي کيسي ۾ هٿ وجهڻ ته پيٽروليم ڊيلرن کي به مشڪل محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري انهن اهڙو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو بار عوام جي ڪلهن مٿان پوندو ۽ ان باري ۾ انهن کي به معلوم آهي ته حڪومت کي پنهنجي مقبوليت ۽ غيرمقبوليت جي ايتري گهڻي پرواهه ناهي. ان ڪري هو حڪومت کي تنگ ڪن ٿا ته ڪنهن ريت انهن کي به اهو حق ڏنو وڃي ته عوام جي مٿان اهي به پنهنجي مفادن جو بار وڌائي سگهن. انهن کي به پتو آهي ته عوام جو مفاد يتيم ٻار جو مٿو آهي ۽ ان تي ڪوئي به پنهنجي پاڪي هلائڻ جي پريڪٽس ڪري سگهي ٿو. ان ڪري حڪومت جي مٿان هڙتال جو دٻاءُ وڌو ويو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته نه رڳو حڪومت پر رياست وٽ به ايترو ذخيرو ناهي جو اها پيٽرول ڊيلرن کي ڪنهن ريت منهن ڏئي سگهي. حڪومت هونءَ ته اهو اعلان به ڪيو آهي ته پي ايس او يا شيل ۽ ڪجهه ٻيون ڪمپنيون هڙتال جو حصو ٿيڻ بدران عوام کي پيٽرول فراهم رکڻ جو فرض ادا ڪنديون پر حشر اهو آهي ته ڪراچيءَ جهڙي گجگاهه شهر ۾ اندريان پمپ ته گذريل ڏينهن کان وٺي پر هاءِ وي يا پي ايس او وارا پمپ به پنهنجا ذخيرا ختم ٿيڻ جو اعلان ڪري هڙتال واري صبح جو ئي عوام کي مايوس موٽائڻ لڳا ۽ هن مهل سرڪار پاران اهڙو ڪو ادارو ناهي، جيڪو اهو چيڪ ڪري ته پيٽرول جي کوٽ حقيقي آهي يا هٿرداو آهي؟ هن مهل سموريون پيٽرول اسٽيشنون عوام لاءِ انڪار وارا بينر لڙڪائي هڪ حوالي سان انهن جي سگهه کي للڪاري رهيون آهن ته هو ڇا ڪري سگهندا؟ جيڪڏهن حڪومت به پيٽرول ڊيلرن جو ڪجهه نه ٿي بگاڙي سگهي ته هو ڇا ڪندا؟ جنهن عوام جي مقدر ۾ اهڙي حڪومت هجي ته هو پنهنجي قسمت تي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ عوام کي پنهنجي تقدير مٿان تنقيد ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو ويو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اها آزادي آهي؟
فارسيءَ جي هڪ شاعر ڪهڙي نه تلخ حقيقت بيان ڪئي آهي ته “اهو نظام ڪهڙو نظام آهي؟ جنهن ۾ ڪتا آزاد ۽ پٿر قيد هجن” هن وقت عوام جنهن مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي، اها مصيبت ڪجهه اهڙي آهي. عوام وٽ جياپي جي جيتري به سگهه بچي آهي، اها مهانگائيءَ جي نالي ۾ آخري ڦڙي تائين نپوڙي پئي وڃي. عوام سان ان آزار ۾ حڪومت اڻ سڌي ريت ملوث نه هجي ها ته اها عوام جي پاسي ٿي بيهي ها ۽ حڪومت جو پاسو ٿيڻ اهو ناهي ته حڪومت افسوس يا تنقيد جو هڪ بيان جاري ڪري ڇڏي. حڪومت جي هٿ ۾ رڳو قلم ۽ مائيڪ ته ناهي جو ان جي حد ايتري گهڻي حد تائين محدود هجي. حڪومت وٽ پورو ملڪ ۽ ان جا وسيلا آهن. جيڪڏهن حڪومت ان تي ٺيڪ چڱي ريت عمل ۾ نه ٿي آڻي سگهي ته اها حڪومت جي کوٽ آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام سان تاريخي انصاف ڪرڻ ۽ ملڪ کي نئين سر تعمير ڪرڻ جو وعدو ڪري اقتدار ۾ آئي هئي ۽ گذريل ٻن سالن کان وٺي عوام جو وڏو انگ اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته اسان کي موجود سرڪار جي ڀلائي ۽ بهتري نه گهرجي. اسان کي ساڳي حال تي ڇڏيو وڃي، جنهن حال تي اسان اڳ ۾ هئاسين ۽ حڪومت بضد آهي ته اها عوام جي مٿان تبديليءَ کي مڙهيندي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته “زور جي ميندي نه لڳندي آهي” عوام جي مٿان پنهنجي مرضيءَ جي تبديلي مڙهڻ واري مشق ستم کي وڌيڪ جاري رکڻ جو مطلب عوام جي قوت برداشت سان کيڏڻ برابر آهي. هيءَ حڪومت جيڪڏهن سڌارا آڻڻ جي سلسلي ۾ بيوس آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اها عوام جي مٿان تبديليءَ جي مڏي ڪاتي هلائڻ وارو حق هر حال ۾ استعمال ڪندي.