ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جي تڪراري رٿا

Editorial

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب پاران ڌاڙي هڻڻ جي روايت پراڻي آهي. جڏهن به سنڌ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي ڪن لاٽار ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو پڻ پيئڻ جي پاڻي لا سڪي رهيا آهن. اهڙي صورتحال هوندي به پنجاب پاڻي جون نيون رٿائون سنڌو درياهه تي اڏڻ جو سوچي رهيو آهي ۽ انهن رٿائن کي جيترو جلدي ٿي سگهي پورو ڪرڻ چاهي ٿو. ارسا جو ڪردار به سڀني کي ساريو پيو آهي، اهو ادارو جيڪو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لا جوڙيو ويو هو، هاڻي اهو نه رڳو پنجاب جي ونگار وهي رهيو آهي پر گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ جي پاڻي جي کڻت کي جائز سمجهي ٿو. هڪ ڀيرو وري پنجاب تڪراري پاڻي رٿائون شروع ڪري رهيو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت اعتراض واريو آهي.
ايڪنڪ جو اجلاس خزاني واري وفاقي صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايڪنڪ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙي ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گريٽرٿل ڪئنال فيز ٽو جو منصوبو واڌاري ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو ته ايڪنڪ ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ جلال پور چوبارا ڪئنالن واري منصوبن جي ڀرپور مخالفت ڪندي سنڌ طرفان سخت اعتراض اٿاريا. ان موقعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنال منصوبا سنڌ جي وحدت خلاف ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جا منصوبا آهن، ان لاءِ سنڌ کي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنال جا منصوبا ڪنهن به صورت قبول ناهن. هن چيو ته هي تڪراري منصوبا آهن جيڪي منصوبا پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي پڻ آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، جنهن باوجود گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو وارا منصوبا سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ پنجاب جي 2 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زميین آباد ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن ڪري سنڌ کي وڌيڪ پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. نثار کهڙو چيو ته گريٽر ٿل ڪئنال تي به سنڌ کي اعتراض هو، جنهن منصوبي کي به ڪنهن فورم جي منظوريءَ جي بنا شروع ڪيو ويو ۽ فيز ٽو منصوبو شروع ڪري سنڌ جي پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙو هنيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ملڪ ٺاهڻ وارو صوبو آهي ان لاءِ سنڌ جي خلاف ڪو به منصوبو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر هوندو ان لاءِ انهن منصوبن تي جيڪڏهن ڪم شروع آهي ته فوري طور بند ڪرايو وڃي ۽ اهي منصوبا ختم ڪري سنڌ جي عوام جي بيچيني پڻ ختم ڪئي وڃي. ان موقعي تي اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان نثار کهڙو جي مخالفت ۽ اعتراضن تي ايڪنڪ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي ۽ صوبن جا خدشا ٻڌڻ ۽ ان تي اتفاق را پيدا ڪرڻ لا ايڪنڪ طرفان 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جا ايڪنڪ ميمبر شامل آهن جيڪي جلد صوبن جي اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس گهرائي انهن جا خدشا ٻڌندا. جڏهن ته نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته ايڪنڪ طرفان قائم ٿيل هن ڪميٽي جي سامهون به سنڌ پاران انهن منصوبن جي خلاف ڀرپور ڪيس پيش ڪيو ويندو ۽ انهن منصوبن جي پڻ ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي.
مٿئين خبر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنجاب کي پاڻي بابت ڪهڙي نيت آهي ۽ ڪهڙي ريت اهو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ واري عمل کي جاري رکڻ ٿو چاهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جا اعتراض جائز آهن پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت اعتراض نه به ڪري ها ته سنڌ جي ماڻهن جا اعتراض ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ آهن. جن کي ختم ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي. سنڌ جون زمينون بنجر ڪرڻ کانپو پنجاب پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري پنجاب ڪڏهن پاڻي جي ورڇ منصفاڻي نه ڪئي آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌو درياهه تي پاڻي جي ڪابه رٿا ڪوبه ڊيم يا ڪوبه ڪئنال سنڌ جي ماڻهن جي مرضي کانسوا نه ٺهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون آئيني ۽ قانوني حق سنڌي ماڻهن جو آهي. جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button