ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لا ضلعي جي سڀني شهرن ۾ احتجاج مان اها حقيقت سامهون آئي آهي ته هاڻي ماڻهن جو صبر ختم ٿي ويو آهي ۽ اهي بدامني مان بيحد تنگ اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڪشمور شهر ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻن، شهرين ۽ واپارين ۽ اغوا ٿيلن جي وارثن جي سڏ تي هڙتال ڪري سڄو ڪاروبار بند ڪيو ويو. ان سان گڏ سوين ماڻهن احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي. بخشاپور ۾ پڻ هڙتال ڪري مظاهرو ڪيو ويو. ڪرمپور ۾ پڻ ڪاروبار بند رهيو. ڪنڌڪوٽ ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل ڪاروبار بند ڪري سوين شهرين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا آهن. هندو پنچائت جي اڳواڻن جو موقف آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر صرف غريب ۽ ڪاروباري طبقو نشاني تي آهي، بڊاڻي مان معصوم جئه ديپ ڪمار ۽ ھندو پنچايت جي مکي جڳديش ڪمار جي اغوا کي ٽي مھينا گذري ويا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ضلعي اندر ڏوھارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، ڪشمور ضلعي کي اغوا انڊسٽري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن ٻارڙا خوف مان اسڪول نٿا وڃن، ڪاروبار پڻ متاثر پيو ٿئي.
هي انتهائي المناڪ صورتحال آهي ته ماڻهو زنده هجي پر اهو رهزنن وٽ قيد هجي ۽ وقت جي حڪومت انهن رهزنن جي اڳيان چپ هجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ماڻهو اغوا ئي نه ٿين ۽ مڪمل امن هجي پر اهو هڪ چرئي جو خواب آهي جيڪو شايد هتي سنڌ ۾ ڪا ساڀيان نه ماڻي سگهي. پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٿي سگهي ٿو ته حڪومت، خاص ڪري پوليس ڪماني طرفان ماڻهن کي اها آٿت ملڻ گهرجي ته اهي فڪرمند آهن ۽ اهي انهن اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. پر جن جا پيارا انهن کان پري آهن، رهزنن جي چنبي ۾ آهن ۽ جيڪي رات ڏينهن تشدد ڀوڳي رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته حڪومت کي انهن جي ڪا اون ناهي. جي حڪومت فڪرمند هجي ها ته ڪشمور ضلعي جي سڀني شهرن جا ماڻهو ڪاروبار بند ڪري هيئن رستن تي نڪري ڌرڻا نه هڻن ها.
اسان جو به اهوئي مطالبو آهي جيڪو اغوا ٿيلن جي وارثن جو مطالبو آهي ته ساگر ڪمار پٽ اندر لعل، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، مکي جڳديش، جئديپ سميت سمورن مغوين کي فوري طو تي بازياب ڪرائي ڪچي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي. هي سڀ ڪجهه فقط ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن پوليس آفيسر سنجيده ٿين ۽ اهي ڪنهن به مصلحت کي پنهنجي فرض جي اڳيان اچڻ نه ڏين. پر هتي ٿئي ايئن ٿو ته پوليس آفيسر علائقن جي اهم ماڻهن جي اڳيان بيوس هوندا آهن ۽ انهن جي ئي چوڻ ۾ هوندا آهن، جنهن ڪري غريب ماڻهن جي دانهن ڪوڪ ڪنهن ڪن تي پئي دل نرم ڪرڻ بدران مٿان ئي مٿان فضائن ۾ گم ٿي وڃي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته هي صورتحال فقط ان صورت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهن حڪومتي ادارا عملي طور تي پبلڪ سرونٽ طور سامهون اچن ۽ عوام جي خدمت ڪن. پر اهي خاصن خاص جي خدمت مان ئي واندا ناهن. اهو سڀ تبديل ٿيڻ گهرجي.