ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جعلي دوائن ۽ انجيڪشن جو ڪاروبار

Editorial

ملڪ ۾ گورين ۽ دوائن جي حوالي سان ڪو چيڪ ۽ بيلنس ڪونهي. جنهنڪري مدي خارج دوائن ۽ انجيڪشن جو استعمال عام جام آهي. پر صحت کاتو ان پاسي ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. نتيجي ۾ عوام سان سدائين ڪا نه ڪا جٺ ٿيندي رهندي آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ نقلي دوائن جو ڪاروبار عروج تي آهي ۽ ان صورتحال ۾ جيڪي هزارين مريض اسپتالن ۾ موجود هوندا آهن، اهي ڊاڪٽرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل هوندا آهن. جتي اهي ڪڏهن به ڪنهن نقلي انجيڪشن يا دوا جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ٻارن کي غلط انجيڪشن لڳڻ جا ڪيترائي ڪيس ٿي چڪا آهن پر اڄ ڏينهن تائين اسپتال جي عملي يا ڊاڪٽرن کان ڪو پڇاڻو ڪونه ٿيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ پنجاب ۾ مريضن کي جيڪي انجيڪشنون لڳايون ويون هيون، انهن انجيڪشن جي ردعمل ۾ ماڻهو اکين جي نور کان محروم ٿي ويا. ڇا اتان جي اسپتال عملي کي انهن انجيڪشنن جي مدي خارج هئڻ جو اندازو ڪونه هو يا جتي اهي وڪرو ٿي رهيا هئا. ڇا اتي ڪنهن ڊرگ انسپڪٽر اها چڪاس ڪونه ڪئي ته نقلي يا مدي خارج انجيڪشن وڪرو ٿي رهيون آهن. تنهن هوندي به انهن انجيڪشنن جو نه رڳو وڪرو ڪيو ويو پر اهي مريضن تي آزمايون ويون.

اواسٽن انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ پنجاب ۾ وڌ کان وڌ مريض متاثر ٿيا آهن. جنهن کان پوءِ ان انجيڪشن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ پڻ ساڳي انجيڪشن تي پابندي لڳائي وئي آهي. پر صحت کاتي کي ان انجيڪشن جي پهرين جاچ وٺڻ گهرجي ها. جيڪڏهن اها انجيڪشن مارڪيٽ ۾ موجود هئي ۽ اهو خدشو هو ته ان سان مريضن کي ڪو ري ايڪشن يا ردعمل ٿي سگهي ٿو ته ان وقت ئي ان جي استعمال تي پابندي لڳائڻ گهرجي ها. هاڻ جڏهن هيترو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهن اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن تنهن کان پوءِ صحت کاتو تحرڪ ۾ آيو آهي ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي به حرڪت ۾ آئي آهي. جڏهن ته اهو سڄو ڪم اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها. پر جيئن ته اسان وٽ ڪو حادثو ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه ڪرڻ جي روايت آهي، تنهنڪري هن ڀيري به ائين ئي ٿيو آهي، جڏهن عوام جو نقصان ٿي ويو آهي ته ان کان پوءِ حڪومت هوش ۾ آئي آهي ۽ هاڻ انجيڪشن جي باري ۾ سنجيدگي اختيار ڪندي، ان کي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ کان روڪي رهي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ نقلي دوائن ۽ انجيڪشن جو ڪاروبار عروج تي آهي ۽ ان ۾ حڪومت جا پنهنجا ماڻهو به ضرور ملوث هوندا، جيڪي دوائن جي معيار کي چڪاسين نٿا، انهن کي ڪيتري گرمي پد تي رکڻ گهرجي ته جيئن اهي محفوظ رهن. اهو نٿو جاچيو وڃي، نتيجي ۾ عوام جڏهن اهي دوائون استعمال ڪري ٿو ته اهو سڌي ريت انهن دوائن ۽ انجيڪشنن کان متاثر ٿئي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ وڏو ڏوهه آهي، جيڪي ماڻهو به ان ۾ ملوث آهن، انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي انساني زندگين جو سوال آهي، جيڪڏهن عوام کي انجيڪشن به نقلي لڳائي ويندي ته پوءِ هن ملڪ ۾ خالص شيءِ ڪهڙي آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button