ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اوڀر، اولھ ۽ امن

Editorial-Article- Ajaz Mangi

ڀارت ۽ ڪينيڊا جا لاڳاپا تلخ ٿي ويا آھن. ان جو سبب سک سردار ھرديپ سنگھھ جو قتل آھي. ھرديپ سنگھھ ڪينيڊا جو شھري ھو. ھو ڪينيڊا ۽ آمريڪا واري سرحد ويجھو ھڪ گردوارو سنڀاليندو ھو. ھن جي باري ۾ ڀارت کي توائي ۽ تشويش ھئي تھ ھو ڪينيڊا ۾ ويھي خالصتان جي تحريڪ کي زور وٺرائي رھيو آھي. ھن مھل تائين ٿيل تحقيق مطابق ڀارت جي جاسوس اداري را (RAW) اھو فيصلو ڪيو تھ ھن جي سرگرمين کي گوليءَ سان فل اسٽاپ ڏنو وڃي. را پنھنجي فيصلي تي آسانيءَ سان عمل ڪيو. ھن “فادرس ڊي” تي ھرديپ سنگھھ نجر کي گولي ھنئي ۽ مبينا طور ھن جا ٽي قاتل رفوچڪر ٿي ويا. جنھن جاءِ تي ھرديپ سنگھھ کي قتل ڪيو ويو، اھو ھنڌ ڳتيل آباديءَ ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان جڙيل نھ ھو. ھونءَ بھ اڪثر سرحدي علائقن جيان ان ھنڌ تي بھ ڊرگ مافيا ۽ ٻيون قانون شڪن قوتون ڪافي سرگرم رھن ٿيون. ان ڪري ھرديپ سنگھھ جا قاتل آسانيءَ سان فرار بھ ٿي ويا. پر ڪينيڊا جي حڪومت کي ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ پنجن ملڪن جون ايجنسيون (I5) ان سلسلي ۾ معومات حاصل ڪري چڪيون آھن تھ اھا ڪارروائي ڀارتي ايجنسيءَ جي ھئي. اھو عمل ڪينيڊا جي امن پسند حڪومت لاءِ ڪنھن بھ طور قابل برداشت نھ ھو. اھڙي ريت ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو پھرين پنھنجي ڪابينا ۽ پوءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي، انڊيا پرڌان منتري نريندر موديءَ سان ان مھل روبرو ڳالھايو، جڏھن ھو ڀارت ۾ G20 واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو ھو.
موديءَ پنھنجي ملڪ جي ڳجهي اداري جي ان خطرناڪ عمل مٿان نھ صرف پردو وڌو پر ھن ابتو ڪينيڊا جي وزير اعظم ٽروڊو مٿان ڪاوڙ بھ ڇنڊي ۽ ھن کي صاف لفظن ۾ چيو تھ اھا نھايت افسوس جي ڳالھھ آھي تھ اوھان جو ملڪ ڀارت جي علحدگي پسند سکن کي نھ صرف پناهه ڏئي ٿو پر انھن پنھنجي ملڪ جي سرزمين سھولتن سميت مھيا ڪري ٿو تھ جيئن ھو اسان جي ديش يعني ڀارت جي وجود خلاف سازشون ڪري سگھن. موديءَ جي اھو جارحيت ڀريو انداز ڪينيڊا جي نوجوان وزير اعظم کي بلڪل بھ نھ وڻيو ۽ ھن کيس سڌن لفظن ۾ چيو تھ منھنجو ملڪ پنھنجي آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ جو پابند آھي. اسان ڪڏھن بھ قانون کي اورانگھڻ جو تصور بھ نھ ٿا ڪري سگھون. جڏھن تھ اھا تلخي واري گفتگو ان پوائنٽ تي ختم ٿي تھ جيڪڏھن ڪينيڊا جي حڪومت وٽ اھي ثبوت آھن تھ اسان جي ڳجھي اداري ان قسم جي حرڪت ڪئي آھي تھ ھن کي اھڙا ثبوت ڀارت حوالي ڪرڻ گھرجن. اھڙي ريت ھڪ طرف ڀارت G20 جو جشن ملھائڻ ۾ مصروف ھو ۽ ٻي طرف پردي پويان ڪينيڊا ۽ ڀارت جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بھ ھلندي رھي. موديءَ سان اھڙي شڪايت صرف ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو نھ ڪئي پر آمريڪا جي صدر بائيڊن بھ موديءَ آڏو اھو معاملو اٿاريو ۽ ھن بھ چيو تھ جيڪڏھن ان قسم جو ڪو ڪم ٿيو آھي تھ اھو تمام گھڻي افسوس وارو آھي. مودي ظاھر آھي تھ ان الزام کي تر جيترو بھ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نھ ھو.
ڪينيڊا ۽ ڀارت ٻھ جمھوري ملڪ آھن. ڪينيڊا ھڪ نھايت نفيس قسم جي سسٽم سان سلھاڙيل ملڪ آھي. جڏھن تھ موديءَ جي دور ۾ ڀارت جي دماغ ۾ ھندوقومپرستيءَ جي جيڪا ھوا ڀرجي وئي آھي، اھا ھن مھل ڀارت لاءِ بھ مسئلا پيدا ڪري رھي آھي. ڇو تھ ڀارت ۾ ھڪ عقيدي ۽ ھڪ ٻوليءَ وارو ملڪ ناھي. ڀارت ڀانت ڀانت مذھبن ۽ ذاتين پاتين تي مشتمل اھڙن متضاد سماجي روايتن وارو ملڪ آھي، جنھن کي سدائين گڏ رکڻ لاءِ رياست کي پنھنجي طاقت استعمال ڪرڻي پوندي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ڀارت کي ھڪ وحدت طور پيش ڪرڻ ۾ ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ ننڍي کنڊ جي وڏي دماغ جواھرلال نھرو اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن جي سيڪيولرزم واري سوچ ڀارت جي ان تضاد کي سنڀالڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀاري بھ ٿي پر ڀارت جي ھندو آباديءَ جي دل ۾ سدائين اھو سوداءُ موجود رھيو تھ تاريخ ۾ انھن سان انصاف نھ ڪيو ويو. ڇو تھ ڀارت مٿان سدائين حملا ڪري ايندڙ ڌارين جيڪا دھشت واري تاريخ رقم ڪئي، ان جو سور سدائين ھندو آباديءَ جي ان حصي شدت سان محسوس ڪيو، جيڪو ذات پات جي حساب سان برھمڻ سڏيو ويندو آھي.
مغل دور ۾ تھ ھندو قومپرستي دٻيل رھي پر انگريز جي حڪومت دوران ھندو سوچ کي اھو وقت ۽ حالتون ميسر ٿيون تھ ھوءَ سياست ڪري سگھي ۽ پاڻ سان ٿيل انياءَ جو انتقام وٺي سگھي. ان دور ۾ ھڪ طرف تھ آزاديءَ جا نعرا ۽ نغما ھئا پر آزاديءَ جي ڳڏيل جدوجھد پويان ھندو قومپرستيءَ جو اھو سفر بھ جاري رھيو، جنھن جو گيڙو جھنڊو آر ايس ايس (RSS) جي ھٿ ۾ رھيو. آر ايس ايس ھڪ انتھائي حساس ۽ ستن پردن ۾ پوشيده اھڙي تحريڪ رھي، جنھن جو مقصد ھند جي جند کي انھن سمورن ڌرمن ۽ فردن مان آجو ڪرڻ ھو، جيڪي تاريخ جي سفر ۾ نھ صرف ڀارت جو اڻٽٽ حصو بڻجي ويا پر انھن پنھنجي ان ڪلچر تي بھ ڪو ڪمپرومائيز نھ ڪيو، جيڪو ھندو آباديءَ جي بنيادي عقيدن مخالف ھو. آر ايس ايس ڀارتي مسلمانن کي تھ پنھنجو ازلي دشمن سمجھندي رھي آھي پر ان ڪڏھن سکن ۽ عيسائين کي تھ ڇا پر انھن ٻڌن ۽ جينن کي بھ شڌ ھندوستاني نھ سمجھيو آھي، جيڪي گوتم ۽ مھاوير جي گيان ساگر مان ڪوش ڀري جيئندا ھئا. اھوئي سبب آھي تھ ھندو سوچ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم لاءِ ڀارت جي سرزمين سوڙھي ڪندي وئي ۽ انھن کي ڀارت ڇڏي پنھنجا پکا آس پاس وارن ملڪن ۾اڏڻا پيا. عيسائي ايتري انگ ۾ ناھن. سکن کي ھندو مٿئين دل سان ئي سھي پر پنھنجو حصو قرار ڏيندا رھيا آھن پر ان ھندو سوچ مسلمانن کي ڪڏھن پنھنجو نھ سمجھيو ۽ نھ قبول ڪيو. اھوئي سبب آھي تھ ڪانگريس جي ڪشادي سوچ ھوندي بھ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي مسلم ليگ جو بنياد وجھڻو پيو. مسلمانن ۽ ھندو قومپرستن ۾ ڪشمڪش نھ صرف پراڻي آھي پر ان ۾ تمام گھڻي تڪليف واري تلخي بھ آھي. ان ڪري اھا ڪڏھن پنھنجي اثر کي ختم ڪري نھ سگھي آھي.
پاڪستان پنھنجي روايتي مخالف ڀارت خلاف سک سوچ واري ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڇو تھ ڀارت ۾ سک پنھنجي مذھبي وجود کي قومي وجود قرار ڏئي، جھڙي ريت پنھنجي لاءِ الڳ رياست يعني خالصتان جو مطالبو ڪندا رھيا آھن، ان کي پاڪستان پاران سدائين سياسي سھائتا ملي آھي.
ڀارت پاڻ کي ڀلي دنيا جي وڏي جمھوريت چوي پر ڀارت ڪڏھن بھ پنھنجي سرزمين تي ان سوچ کي عملي سياست ڪرڻ جو حق ڏيڻ لاءِ راضي نھ ٿيندو، جيڪا سوچ ڀارت کان الڳ ٿيڻ واري آھي. جڏھن نھ صرف ڪينيڊا پر پوري اولھھ ۾ علحدگيءَ واري سياست مٿان ڪا روڪ ٽوڪ ناھي پر ان جو اولين شرط اھو آھي تھ اھا سوچ پنھنجي عمل ۾ مڪمل طور پرامن ھجي. ان حوالي سان جڏھن ڪينيڊا ۾ سک آبادي خالصتان جا پرچم لھرائي ٿي ۽ آزاديءَ جا گيت ڳائي ٿي، تڏھن اتان جي سرڪار کي ڪا ڳڻتي محسوس نھ ٿي ٿئي. جڏھن تھ ڀارت لاءِ اھي سرگرميون تڪليف جو سبب بڻجن ٿيون. ڪينيڊا ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود ھر تضاد ھن وقت تلخ دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي. ڀارت اولھھ لاءِ واپار ۽ چين مخالف محاذ جي سلسلي ۾ اھم ھوندي بھ ڪينيڊا کان وڌيڪ نھ ٿو ٿي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button