ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايس يو پي، ڄڃ وائڙي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

قومن جي زندگيءَ ۾ ڪي واقعا ۽ حادثا اهڙا هوندا آهن، جيڪي انهن جي قسمت بدلائي ڇڏيندا آهن. اهي واقعا ۽ حادثا تبديليءَ جو محرڪ ٿيندا آهن، جنهنڪري دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ لکبي آهي. اهو اسان جو اڀاڳ آهي جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙا موقعا ايندي به سنڌي قوم خاص ڪري سياسي قيادتن ۽ سياسي پارٽين اهڙو ڪجهه به ڪري ڪونه ڏيکاريو آهي، جنهن کي سنڌي قوم لاءِ ڇال سمججهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سڪرنڊ ڀرسان ماڙي جلباڻيءَ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جنهن تي سڄي سنڌ پنهنجو ردعمل ڏيکاريو. اهو ردعمل اسان کي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا پڻ نظر آيو. ڪنهن ڳوٺ ۾ جيڪڏهن آپگهاتي بمبار هجڻ جي شڪ ۾ ڳوٺاڻن تي رينجرس گوليون وسائي انهن کي قتل ڪري ڇڏي ته پوءِ اهو ظلم ئي لکيو ويندو. ان واقعي ۾ لڳ ڀڳ 4 ڄڻا مارجي ويا. واقعي کان ترت پوءِ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته رينجرس وارن سڌيون گوليون هلائي نوجوانن کي ماريو آهي، جڏهن ته اهي هٿين خالي هئا. ان کان پوءِ اهو چيو ويو ته اهي ڳوٺاڻا سنڌ يونائيٽد پارٽي (ايس يو پي) جا ووٽر آهن.

ڪجهه دير کان پوءِ ايس يو پي جو موقف آيو. جيڪو نه فقط عجيب قسم جو هو پر ائين لڳي رهيو هو ته اهو سياسي ساڃاهه کان وانجهيل موقف آهي. زين شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اليڪشن کان اڳ پيپلز پارٽي پوليس ذريعي سياسي انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ماڙي جلباڻي ۾ ايس يو پي جي معصوم ووٽرن کي نشانو بڻائيندي مٿن سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جيڪو انتهائي شرمناڪ عمل آهي. سندس ان ٽوئيٽ مان ڪٿي به ڳوٺاڻن جي موقف جي تائيد نٿي ٿئي، ان کانسواءِ جيڪڏهن ان ڳالهه کي قبول به ڪري وٺجي ته اهو ڪم پيپلز پارٽيءَ جو آهي ته ڇا اهڙي حرڪت سان پيپلز پارٽي ايس يو پيءَ جا ووٽ کاري سگهي ٿي ۽ ڳوٺاڻن جا ووٽ پنهنجي حق ۾ ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽي اليڪٽيبلز جي سياست ڪندي رهي آهي. هن کي بس سياسي طور ڪنهن بااثر ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي، جنهن وسيلي اها ڪنهن به تڪ جا ووٽ ٻهاري ويندي آهي.
ايس يو پي جو هاڻوڪي صورتحال ۾ سياسي طور ڪمزور موقف پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي پنهنجو موقف چٽائيءَ سان پيش نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان کي اها اميد به رکڻ گهرجي ته اها ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچائي سگهي ٿي. هي سياسي وائڙئپ آهي. هڪ هنڌ ججهي انگ ۾ ماڻهو مارجي ويا آهن، ان معاملي تي سخت موقف اختيار ڪرڻ ۽ ان موقف تي بيهي رهڻ بدران ايس يو پي اصل حاڪمن جي ونگار وهڻ ۾ لڳي وئي. جنهن کان پوءِ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هي واقعو ٽنڊي بهاول واري واقعي جهڙو آهي ۽ ان ۾ مائي جندو جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. مائي جندو ڪا سياسي عورت ڪونهي، هن اهو ڪيس هڪ ماءُ ٿي وڙهيو هو. ٻئي واقعا الڳ الڳ نوعيت جا آهن. سنڌ جون سياسي پارٽيون سهي جي کل آهن، جيڪي پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافي تي به اٺ پکيءَ وانگر ڪنڌ واري ۾ هڻي ويهي رهنديون آهن. ان کانسواءِ جيڪا ايف آءِ آر ڪٽائي وئي آهي، ان ۾ نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي، هاڻ جڏهن اهي قاتل ئي نامعلوم آهن ته پوءِ ڪير انهن جي سڃاڻپ ڪندو ۽ ڪير انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو.
سنڌ جون سياسي پارٽيون خاص ڪري ايس يو پي، هن سڄي واقعي کي سياسي طور ڪيش ڪرائڻ ۾ ناڪام ويون آهن. اهي پنهنجي عوام جو ڪيس لوڙهڻ جو ذميوار آهن. سنڌ جي سياسي پارٽين کان وڌيڪ منظم جدوجهد هزارا واسين جي آهي، جڏهن انهن جا ماڻهو مارجي ويندا آهن ته اهي لاش رکي ايتري وقت تائين ڌرڻو هڻندا رهندا آهن، جيستائين انهن وٽ وزير اعظم يا آرمي چيف نٿو پهچي. پر سنڌ جون سياسي پارٽيون هن وقت جنهن حالت ۾ آهن، انهن مان ڪا به اميد نٿي رکي سگهجي ته اهي سنڌ واسين لاءِ ڪا اهڙي مزاحمتي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون، جيڪي ملڪ ۾ ٻيون قومون ڪري رهيون آهن. سياسي طور ڪمزور ۽ غير اهم موقف اختيار ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سرڪار ماڙي جلباڻي جي ڳوٺاڻن تي ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺاڻن ئي ڳوٺاڻن تي گوليون وسائي ماريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button