ميان نواز شريف واپس ورڻ جا اعلان ڪري رھيو آھي. جڏھن تھ ھن جي واپسي سوريئلسٽ مصور ۽ شاعر سلوينڊور ڊاليءَ جي ان نظم جھڙي بلڪل بھ ناھي، جنھن ۾ ھن لکيو ھو:
“طوفان اچي رھيو آھي
۽ درياهه پنھنجي آرڪيسٽرا
تيار ڪري رھيو آھي”
حال جي حقيقت اھا آھي تھ ھن وقت نواز شريف جو اثر ان واچوڙي کان بھ گھٽ آھي، جيڪو ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪک پن اڏاري سگھڻ جي سگھھ رکندو آھي. پر ھن جي جانشين ڌيءَ مريم نواز پنجاب ۾ وسامي ويل باهه کي ٻيھر ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏئي رھي آھي. جڏھن تھ مسلم ليگ (ن) جو مستقبل ھن مھل تھ ان دونھين ۾ ويڙھيل آھي، جنھن دونھين سبب منظر صاف نظر نھ ايندو آھي. مسلم ليگ (ن) ھڪ اھڙو بگي بڻيل آھي، جنھن کي ھڪ وقت ھڪ کان وڌيڪ گھوڙا پنھنجي سرڪشيءَ سان پنھنجي پنھنجي طرف ڇڪي رھيا آھن. جيتوڻيڪ ان سياسي سواريءَ جي واڳ ميان نواز شريف جي ھٿن ۾ آھي پر ميان نواز شريف ۾ ھاڻي ايتري سياسي سگھھ نھ رھي آھي جو ھو مخالف قوتن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪنٽرول ڪري سگھي.
ھن وقت پنجاب جو سياسي موڊ ميان نواز شريف جو اھڙو استقبال ڪرڻ لاءِ بلڪل بھ تيار ناھي، جھڙو ھو چاھي ٿو يا جھڙي استقبال جي ھن کي شديد ضرورت آھي. ميان نواز شريف جي ننڍي ڀاءُ مختصر وقت لاءِ ملڪ جو سڀ کان وڏو عھدو سنڀالي جيڪا غلطي ڪئي ۽ خاص طور پنجاب ۾ ھن جھڙي ريت پي ڊي ايم جي نالي ۾ آصف زرداريءَ سان اقتداري اتحاد ڪيو، ان عمل سبب ان پارٽيءَ جي رھي کھي ساک بھ ختم ٿي وئي، جيڪا پارٽي تحريڪ انصاف جي اڀار سبب زوال جو شڪار ٿيندي پئي وئي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ عمران خان جي ناڪام حڪومت دوران مريم نواز ھڪ نئين اميد جي صورت اڀري ھئي ۽ ان مھل ھن جي چوڌاريءَ چالاڪيءَ جو اھو ھالو بھ نظر نھ ايندو ھو، جيڪو ھن وقت ھن مٿان ھٽڻ لاءِ ھرگز بھ تيار ناھي. ان وقت ھوءَ “پنجاب جي پتري” بڻجڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ڪري رھي ھئي، ان لاءِ پنجاب بھ ڪافي حد تائين تيار نظر اچي رھيو ھو پر شھباز شريف جي اقتداري چال سموري ماحول کي ان پارٽيءَ جي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنھن جو نالو “پي ٽي آءِ” آھي. ھو جيڪو اقتدار ۾ ھوندي ولين محسوس ٿي رھيو ھو، سو اقتدار مان نڪرڻ شرط ھڪ ڀيرو ٻيھر ھيرو بڻجڻ لڳو. ھن کي پاڻ بھ پنھنجي ان تبديليءَ جو ويساهه بھ نھ پئي ٿيو. ڇو تھ اھو سڀ ڪجھھ حيران ڪندڙ ھو.
پاڪستان جا سياسي سمجھو پاڻ ۾ اختلاف ھجڻ جي باوجود بھ ان ھڪ نقطي تي اتفاق ڪن ٿا تھ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي جھڙي ريت ھٽايو ويو، اھو عمل ان پارٽيءَ لاءِ نئون جنم ثابت ٿيو، جنھن پارٽيءَ پنھنجا واعدا پورا نھ ڪري پنھنجي ان پاپولرٽيءَ جو انت آڻي ڇڏيو ھو، جيڪا پاپولرٽي ان پارٽيءَ جي انھن جلسن ۾ نظر ايندي ھئي، جيڪي جلسا گھٽ ۽ ميوزڪ ڪنسرٽ وڌيڪ محسوس ٿيندا ھئا. عمران خان کي عوام ۾ وري مقبول ڪرڻ جو ڪارڻ اھا حڪومت بڻي، جنھن ھڪ طرف تھ تحريڪ انصاف جي مئل ساک ۾ نئون ساهه وڌو ۽ ٻيو تھ ان مريم نواز جي سياسي مستقبل جي تابوت ۾ جيڪڏھن آخري نھ تھ بھ گھٽ ۾ گھٽ تمام مضبوط ڪوڪو ضرور ٺوڪيو.
مريم نواز گذريل ڏينھن پنجاب کي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جيڪا ابتدا ڪئي آھي، ان ۾ ھوءَ ڪيتري نھ ڪمزور ۽ لاچار نظر اچي رھي ھئي. جيتوڻيڪ ھن جو ڏِک ڏسڻ جھڙي ۽ ھن جي وِک تيز ھئي پر پوءِ بھ ھوءَ عوام جي امنگن جي علامت طور نظر نھ ٿي آئي. ڇو تھ ھن جي پويان ھن جي خانداني پارٽيءَ جون اھي سياسي خرابيون پنجاب جي ماڻھن کي صاف نظر اچي رھيون ھيون، جن پنجاب کي مسلم ليگ (ن) جي سلسلي ۾ تمام گھڻو مايوس ڪيو آھي. ھن وقت بھ پنجاب ۾ اھڙن ماڻھن جو انگ تمام گھڻو آھي، جيڪي ھن مھل بھ ان خيال تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار ناھن تھ ميان نواز شريف واپس نھ ورندو. جڏھن انھن کي صحافي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تھ ميان نواز شريف تھ ملڪ موٽڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي، تڏھن ھو مخصوص پنجابيءَ ۾ چون تھ “اھڙا اعلان نوان ناھن.”
ھن وقت مسلم ليگ (ن) جي سياست نئين ناھي ۽ ٻيو تھ پنجاب جو عوام ھاڻي پراڻي انداز سان ھن جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي ماحول ۾ پنجاب جي پنھنجي حق ۾ اٿارڻ جو عمل مائي مريم نواز لاءِ ائين آھي، جيئن ڪائي ناري سموري رات جي وڏي ڦڙي واري برسات ۾ پسي ويل ڪاٺين کي چلھھ ۾ ٻاري صبح جي چانھن ڪاڙھڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي. ھن وقت مسلم ليگ (ن) جو منظر ان دونھين ۾ ويڙھيل آھي، جنھن جو تذڪرو اسان ھن ڪالم جي ابتدا ۾ ڪيو ۽ مريم نواز جي اکين ۾ اھو پريشان پاڻي آھي، جيڪو صرف ۽ صرف اھل نظر ڏسي سگھندا آھن.
پنجاب ڪنھن ريت ميان نواز شريف لاءِ پنھنجي دل جا درواز کولڻ جي موڊ ۾ نظر نھ ٿو اچي. ڀلي مريم جي جلسن ۾ اھي پنجابي گانا وڏي شور سان وڄايا وڃن تھ:
“سانون ميان تي اتي ناز اي
ميان دي نعري وجڻي تي وجڻي ني”
جيڪڏھن پنجاب ۾ حقيقي طور تي ڪڏھن ڪنھن جا نعرا پنجاب پنھنجي دل کي دھل بڻائي وڄايا ھئا تھ اھو صرف ۽ صرف ذوالفقار علي ڀٽو ھو. جڏھن تھ بينظير ڀٽو جي قتل بھ جڏھن پنجاب سوڳوار ٿيو ھو تھ ھن جي چپن تي اھو گيت آيو ھو:
“ڀٽو دي بيٽي آئي سين”
ھن وقت بھ پنجاب جي دل جي انتھائي گھرائيءَ ۾ جيڪڏھن ڪنھن شخصيت جو عڪس لھرائي رھيو آھي تھ اھو ذوالفقار علي ڀٽو آھي ۽ پنجاب ڪيترو بھ “ڪملو” ڇو نھ ھجي پر ھو آصف ۽ بلاول کي ڀٽو جو تسلسل سمجھڻ لاءِ ڪنھن بھ طور تيار نھ ٿيو آھي ۽ نھ وري ٿيندو نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ آصف زرداريءَ پنجاب جي سياسي سومناٿ کي فتح ڪرڻ لاءِ پنھنجي ولي عھد جي قيادت ۾ ڪيترائي ڀيرا سياسي چڙھايون ڪيون آھن پر پوءِ بھ ھو پنجاب کي فتح ڪرڻ وارو غزنوي بڻجي نھ سگھيو آھي.
پيپلز پارٽي پنھنجي پراڻي مخالف ۽ نئين محب يعني مسلم ليگ (ن) سان گڏجي “ليول پليئنگ فيلڊ” ٺاھڻ جي سلسلي ۾ ڪجھھ مطالبا بھ ڪيا پر اھو وقت بھ گذري ويو، جنھن وقت ۾ مريم بلاول کي پنھنجو ڀاءُ تسليم ڪندي ھن جو ھٿ وڏي ويساهه سان پڪڙيو ھو ۽ ھن ھڪ نئين سياسي سفر جو سوچيو ھو. جيڪڏھن ان وقت بھ پاڪستان جي روايتي سياسي دوکيبازيءَ جو سستو مظاھرو نھ ڪيو وڃي ھا تھ اڄ نھ صرف مريم پر بلاول لاءِ بھ جيڪڏھن پنجاب مڪمل نھ بھ تھ گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن حد تائين پنھنجي ڪنھن نھ ڪنھن آجيان واري انداز جو اظھار ڪري ھا پر اھڙو ڪجھھ نھ ٿيو. اھو راڪيٽ فائر ٿيندي ئي زمين جي مدار ۾ ڦاٽي پيو. اھو خلا ۾ بھ داخل ٿي نھ سگھيو.
مريم نواز کي معلوم آھي يا نھ؟ پر پنجاب جو جديد ميڊيا وارو ذھن ان سياسي سچائيءَ کي سمجھي چڪو آھي تھ ميان نواز شريف جي سياست پنھنجا پساهه پورا ڪري چڪي آھي. ھاڻي اھي پراڻيون ڳالھيون پنجاب جي دل ۾ نئين ھلچل پيدا نھ ٿيون ڪري سگھن تھ “ميان نواز شريف شير آھي”……”ميان نواز شريف ايندو تھ ملڪ ترقي ڪندو”…..”نواز شريف ايندو تھ ڊالر ھيٺ ۽ رپيو مٿي ويندو”…….نواز شريف ايندو تھ ھي ٿيندو……نواز شريف ايندو ھو ٿيندو. ھن وقت پنجاب جو عام ماڻھو پوري اعتماد سان سروي ڪندڙ صحافيءَ جي مائيڪ آڏو اھو چوڻ جي جرئت ڪندي ڪو بھ خوف محسوس نھ ٿو ڪري:
“ھڪ تھ نواز شريف نھ ايندو. جيڪڏھن ايندو بھ تھ ھو ملڪ لاءِ ڪجھھ نھ ڪندو.” پنجاب جا اھڙا تيور ان تبديليءَ جو اعلان آھن، جنھن کي مريم نواز تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. پر ڇا صرف نھ مڃڻ سبب ڪا حقيقت تبديل ٿي سگھي ٿي؟
جواب آھي “بلڪل بھ نھ.”