ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پرڏيهين جي نيڪالي، هڪ بهتر فيصلو

Editorial

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته وڏي وقت کان ملڪ جون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي زور ڏينديون رهيون آهن ته پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي ملڪ تي بار آهن. اهي نه رڳو ملڪ جي وسيلن تي بار آهن پر ملڪ جي امن امان لاءِ به خطرو ٿي پيا آهن. ماضي ۾ ڪئين ڀيرا اهو چيو ويو ته پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو ويندو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو، نتيجي ۾ نه رڳو پرڏيهي پاڪستان ۾ موجود رهيا پر ٻيا پرڏيهي به لکن جي انگ ۾ پاڪستان ايندا رهيا ۽ اهي هتي مستقل بنيادن تي آباد آهن. جڏهن ته پاڪستان جو پنهنجو عوام معاشي طور بدحال لڳو پيو آهي، اهو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اتي پرڏيهين جو رهڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جهڙُو ملڪ جيڪو اڳ ئي آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ عالمي بينڪ جو قرضي لڳو پيو هجي، اهو لکن جي انگ ۾ موجود افغانين، برمين ۽ بنگالين کي ڪيئن ٿو پالي سگهي.
ان حوالي سان ڪالهه اهو فيصلو ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تي ملڪ ڇڏڻو پوندو. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي پاڪستان ۾ موجود غيرقانوني پرڏيهين کي رضاڪاراڻي طور 31 آڪٽوبر تي ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پهرين نومبر تائين واپس نٿا وڃن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪندا. هن موجب هاڻ پاڪستان ۾ ڪوبه پرڏيهي بنا ويزا يا پاسپورٽ جي داخل نه ٿي سگهندو. سندس موجب 10 آڪٽوبر کان وٺي 31 آڪٽوبر تائين افغان شهرين لاءِ اليڪٽرانڪ تذڪرو آهي، اهو ڪمپيوٽرائيزڊ هوندو. هن فيصلي جي آجيان ٿيڻ گهرجي. هيءَ هڪ سٺو فيصلو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪيستائين غيرقانوني پرڏيهين جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي پيو هلندو. تازو جيڪي دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿيون آهن، انهن ۾ به پرڏيهي هٿ ملوث آهن ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن ته پوءِ انهن کي هتي رهائڻ ۽ انهن جي مهمان نوازي ڪرڻ جو ٺيڪو پاڪستان ڪونه کنيو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ٻيا ڪيترائي مسلم ملڪ موجود آهن پر اتي افغانين کي ايترو سولائيءَ سان رهڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي انهن لاءِ ملڪ پنهنجا بارڊر کولي ڇڏيندا آهن پر پاڪستان افغانستان جو واحد پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن جو بارڊر افغانين لاءِ کليل آهي ۽ جتان غيرقانوني طريقي سان انهن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته جيستائين ملڪ ۾ ڪو هڪ پرڏيهي به غيرقانوني طريقي سان ملڪ ۾ ٽڪيل آهي، ان وقت تائين پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري نٿي اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي دشمن ملڪن پاران استعمال ٿيندا آهن ۽ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ملوث هوندا آهن. تنهنڪري هاڻ جڏهن انهن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان تي سئو سيڪڙو عمل به ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو فيصلو رڳو زباني ڪلامي آهي ته پوءِ ان جا ڪي بهتر نتيجا ڪونه ملي سگهندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي پاڪستان ۾ استحڪام آڻڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button