گذريل سال آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهو اڄ به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان کان سواءِ بحاليءَ جو جيڪو ڪم حڪومت ۽ مقامي انتظاميا پاران شروع ڪيو ويو هو، اهو به سست رفتاريءَ جو شڪار آهي، جنهنڪري اهي گهربل هدف حاصل ڪونه ٿي سگهيا آهن، جيڪي وقت سر ملڻا هئا. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ماڻهو ڪنهن آفت جا سٽيل هجن ۽ انهن جي زندگي سخت متاثر هجي ته کين ترت بحاليءَ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهي معمول موجب زندگي گذاري سگهن. پر جيڪڏهن اهي سڀ معاملا وقت سر نه ٿي سگهن ته سندن زندگي عذاب ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ اهي وري به دربدر ئي هوندا آهن. ڪنهن آفت کان پوءِ رڳو بحاليءَ جو ڪم متاثرن کي پنهنجن شهرن يا علائقن ۾ آباد ڪرڻ ڪونه هوندو آهي پر ان سان گڏوگڏ انفرااسٽرڪچر جي بحاليءَ به لازمي آهي. جيستائين اها مڪمل نٿي ٿئي تيستائين بحاليءَ جي ڪم کي پورو نٿو چئي سگهجي. گذريل سال واري ٻوڏ دوران سنڌ جو دادو ضلعو پڻ سخت متاثر ٿيو هو، جنهن جي مڪمل بحالي اڃا تائين ڪونه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪوتاهي ضرور نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان ڪالهه هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي.
منڇر ڍنڊ جي ٻوڏ کي هڪ سال پورو ٿي ويو آهي. پر ان جا بند اڃا تائين بحال ڪونه ٿي سگهندا آهن. بند جي بحاليءَ وارو ڪم سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. ان کان سواءِ بندن تي پراڻن پٿرن ۽ ناقص مٽيءَ جو استعمال پڻ ٿي رهيو آهي. آر ڊي 62 بوبڪ بند وٽ ٺيڪيدار ڪم ڪري منظر تان غائب ٿي ويا آهن. انڊس ڪئنال جي ڪمزور بندن جو ڪم به شروع نه ٿي سگهيو آهي. ان حوالي سان فشر فوڪ فورم نيب کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري چيو آهي. منڇر ڍنڊ جي آر ڊي هڪ کان آر ڊي 100 تائين بند جي مختلف حصن تي پٿرن جي پچنگ ۽ مٽيءَ جو ڪم رهيل آهي. جڏهن ته منڇر ڍنڍ جي بوبڪ وٽان آر ڊي 60 کان آر ڊي 66 تائين منڇر ڍنڍ جي بند تي نالي ماتر ڪم به نه ٿي سگهيو آهي. هي صورتحال ڪنهن به ريت بهتر نٿي چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته بندن جي ڪمزوري سبب اتي رهندڙ ماڻهن لاءِ هر وقت پريشانيون رهنديون آهن. تنهنڪري منڇر جي بندن جو ڪم لازمي ڪرائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ برسات وسڻ جي ڪري بندن تي وڌيڪ زور پوندو ۽ ان سان انساني جانين کي به نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي.
سنڌ ۾ اها هڪ عام روايت آهي ته جڏهن به ڪو ٺيڪيدار ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته اهو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويندو آهي. ان جا سبب کڻي ڪهڙا به هجن پر اصل ۾ عام ماڻهو ڀوڳيندو آهي، ان جي زندگي سخت متاثر ٿيندي آهي. تنهنڪري ان حوالي سان جن ماڻهن ڪم ۾ ڪوتاهي يا سست رفتاري ڏيکاري آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻوڏ متاثرن کي ترت ڪم جي ضرورت آهي ته جيئن منڇر ڍنڍ واري پاسي زندگيءَ جي بحالي به ٿي سگهي. ماڻهن جي زندگي معمول تي موٽي اچي.