غزا مٿان اسرائيلي بمباري جاري آھي. گھر واريءَ تي دڙن ۾ تبديل ٿي رھيا آھن. ھوائي حملن جي نتيجن ۾ شھيد ٿيندڙ انسان قبرستانن ۽ زخمي انھن اسپتالن ۾ منتقل ٿي رھيا آھن، جن ۾ انتھائي ايمرجنسيءَ جو عالم آھي. اسپتالن ۾ علاج جون سھولتون ناھن. ڊاڪٽر ۽ صحت وارو عملو محدود ۽ دائون اڻ لڀ آھن. زخمين ۾ صرف مرد نھ پر عورتون، ٻار ۽ ٻڍڙا بھ شامل آھن. جڏھن تھ غزا ۾ اندر ۽ غزا جي ٻاھر جنگ پوري شدت سان جاري آھي. حماس جا گوريلا پوري قوت سان وڙھي رھيا آھن. ھن مھل تائين اسرائيل جا 700 کان وڌيڪ فوجي ۽ شھري موت جي آغوش حوالي ٿي چڪا آھن. فلسطينين جو انگ ان جو اڌ آھي. پر ان تعداد ۾ تڪڙو اضافو اچي رھيو آھي. ڇو تھ اسرائيل جي وزير اعظم ھڪ طرف تھ غزا کي کنڊر بڻائڻ جو آفيشل اعلان ڪيو آھي ۽ ٻيو تھ آمريڪا جون فوجي کيپون بنا ڪنھن وقفي جي اسرائيل پھچي رھيون آھن. ان سلسلي ۾ آمريڪا جو مشھور جنگي ٻيڙو بھ غزا جي ساحل تي لنگرانداز ٿيڻ جي لاءِ ھلي چڪو آھي. اھڙي صورت ۾ انساني الميو اڃان وڌيڪ شديد ٿيڻ طرف وڌي رھيو آھي. جڏھن تھ ان سموري صورتحال نھ صرف عالمي قوتون پر عرب حڪومتون بھ ان طرح ردعمل ۾ اچڻ لاءِ تيار نظر نھ ٿيون اچن، جنھن ريت انھن کي اچڻ گھرجي.
غزا مٿان اسرائيل جي وحشي بمباري ڪيترو وقت جاري رھندي؟ ان باري ۾ ڪجھھ چوڻ تمام گھڻو محال آھي. ڇو تھ دنيا جون طاقتون خاص طور آمريڪا، ڪينيڊا، يورپ جا ملڪ اسرائيل جو مڪمل ساٿ ڏيندا رھيا آھن. پر ان جي ابتڙ مسلمان ملڪن فلسطين جي عوام جو ان طرح سان ساٿ نھ ڏنو آھي. جيڪڏھن مسلم دنيا فلسطين جي ھم قدم ٿي ھلي ھا تھ اڄ اسرائيل ايتري حد تائين فلسطين جي سرزمين تي قبضو نھ ڪري وٺي ھا. اسرائيل وقت سان نھ صرف فلسطين جي سرزمين مٿان قابض ٿيندو ويو آھي پر ھن عرب حڪومتن کي فلسطين جي حمايت کان پري رکڻ ۾ بھ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ھن وقت ڪيترائي عرب ملڪ اسرائيل کي ھڪ جائز رياست طور تسليم ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ھلندڙ سال دوران اسرائيل جي سفارتي سوڀ ۾ تمام گھڻي تيزي ڏسڻ ۾ آئي آھي. وڏي ڳالھھ تھ مسلمان دنيا جو مھندار ملڪ سعودي عرب بھ سرڪاري طور اسرائيل کي قبولڻ اعلان ڪري چڪو آھي. جڏھن فلسطين جي ماڻھن کي محسوس ٿيو تھ انھن جو ڌڻي سائين نھ رھيو آھي. جڏھن انھن پاڻ کي تمام گھڻو تنھا ٿيندي ڏٺو. جڏھن انھن کي لڳو تھ عام طور پوري مسلمان دنيا ۽ خاص طور انھن جا ھم زبان ۽ ھم مذھب عرب ملڪ انھن کي فراموش ڪري چڪا آھن. تڏھن انھن ۾ مايوسي پيدا ٿيڻ ھڪ فطري عمل ھو. ان مايوسيءَ ۾ حماس جھڙي تنظيم پنھنجي مذھبي جذبن کي قومي جدوجھد سان ملائي ھڪ اھڙو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن کي فلسطين ۽ خاص طور غزا ۾ تمام گھڻي حمايت ملي. ان حماس اوسلو ٺاهه کان پوءِ پنھنجي عوام جون لاڳيتيون ھمدرديون حاصل ڪيون آھن. اڄ انھن جو ئي نتيجو آھي تھ حماس حڪومت ۾ نھ ھوندي يا سرڪاري سگھھ کانسواءِ بھ ايتري اسرائيل سان جنگ جوٽي سگھي ٿي.
حماس جي اوچتي حملي سبب ھڪ طرف اسرائيل جو عوام پنھنجي حڪومت ۽ خاص طور پنھنجي رياست جي عالمي شھرت رکندڙ جاسوس اداري موساد مٿان سخت ڪاوڙيل آھي ۽ ٻيو تھ پوري دنيا اسرائيل سميت آمريڪا مٿان الزام ھڻي رھي آھي تھ انھن کي انٽيليجنس جي حوالي سان سخت قسم جي شڪست ملي آھي. ڇو تھ جنھن قسم جو حملو حماس ڪيو آھي، اھو ھڪ ٻن ڏينھن يا ھڪ اڌ ھفتي جو ڪم بلڪل بھ ناھي. ان قسم جي حملي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مھينا کپن. ان جو مطلب اھو ٿيو تھ حماس مھينن کان وٺي پنھنجي طئي ٿيل آپريشن جي پلاننگ ڪري رھيو ھو ۽ ان سلسلي ۾ ھو وڏي مقدار ۾ ھٿيار بھ ڪٺا ڪري رھيو ھو تھ پنھنجا ھزارين گوريلا بھ تيار ڪري رھيو ھو پر اھڙي ڪارروائيءَ جو اطلاع ڪنھن جي بھ ڪن نھ پيو. جڏھن تھ اسرائيل جي جاسوس اداري موساد جو حماس مٿان فل فوڪس رھندو آھي. ان کانسواءِ اھا بھ حقيقت آھي تھ عرب دنيا جون اڪثر حڪومتون عوامي حمايت نھ ھجڻ سبب پنھنجي حڪمرانيءَ لاءِ پنھنجن جاسوس ادارن مٿان گھڻو خرچ بھ ڪنديون آھن ۽ انھن کي ھر طرح سان سرگرم بھ رکنديون آھن. حيرت جي ڳالھھ اھا آھي تھ ان سلسلي ۾ ڪنھن کي ڪو پتو نھ پيو.
حماس پاران اسرائيل خلاف شروع ڪيل “آپريشن طوفان اقصيٰ” کي اسرائيل جو نائن اليون قرار ڏنو پيو وڃي پر نھ صرف اسان کي بلڪھ پوري دنيا کي سوچڻ ۽ سمجھڻ گھرجي تھ آمريڪا جھڙي گجگاهه ملڪ ۾ مٺ جيترن ماڻھن جو ڪنھن منصوبي جي پلاننگ ڪرڻ ۽ ان مٿان عمل ڪرڻ ايترو مشڪل ناھي.، جيترو مشڪل ھزارين ماڻھن کي ھڪ تمام وڏي اھم حملي لاءِ تيار ڪرڻ آھي. خاص طور ان شھر ۾ جيڪو شھر اسرائيل مخالف فلسطين جو آخري مورچو سمجھيو وڃي. اھو شھر جنھن مٿان نھ صرف مستقل حملا ٿيندا ھجن پر اھو شھر اسرائيل ۽ مصر معرفت سخت ترين گھيري ھيٺ ھجي. غزا گھيري ۾ رھندڙ شھر آھي. اھڙي گھيري ۾ ھٿيار ڪھڙي طرح آيا؟ ويڙھاڪ ڪيئن تيار ڪيا ويا؟ اھو سڀ ڪجھھ حيران ڪندڙ عمل آھي. اھڙي حيراني ۽ حيرانيءَ سان گڏ پريشاني انھن حڪومتن جي حصي ۾ اچڻ گھرجي، جيڪي حڪومتون صرف بندوق ۽ بارود جي طاقت تي ناز ڪن ٿيون. انھن کي ھاڻي محسوس ٿيڻ گھرجي تھ ھن دور ۾بھ ڪمزور، مظلوم ۽ محڪوم ماڻھو اھڙي پلاننگ ڪري سگھن ٿا، جنھن سان انھن قوتن جي مٿي ۾ موجود ھوا نڪري وڃي.
حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جو جائزو وٺڻ کان اڳ ۾ اھا ڳالھھ ذھن نشين ڪرڻ لازمي آھي تھ حماس اھو حملو بظاھر تھ اسرائيل جي مٿان ڪيو آھي پر اصل ۾ ان حملي جو حدف عرب ملڪن ۽ خاص طور سعودي عرب پاران اسرائيل کي بطور جائز رياست تسليم ڪرڻ ۽ پنھنجي ملڪ ۾ ان جو سفارت خانو قائم ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ اسرائيل سان ٻھ طرفا معاھدا ڪرڻ واري سفارتي منصوبي مٿان آھي. ڇو تھ اھڙي حملي کان پوءِ اسرائيل جي اھا سفارتي سوڀ جيڪا بقول اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو آخري مرحلي ۾ ھئي، سان بظاھر تھ تمام پوئتي ڌڪجي وئي آھي. ڇو تھ اھڙي ماحول ۾ عرب اسرائيل ٺاهه جي ڳالھھ بھ عرب عوام لاءِ ناقابل برداشت آھي. اسرائيل کي ھڪ طرفو نھ پر گھڻ طرفا ڌڪ لڳا آھن. اسرائيل جو سمورو ڀرم ڀري پيو آھي. ھو انتھائي شرم واري ڪيفيت مان گذري پيو. پر ھن کي سڀ کان وڏو نقصان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ غزا جي مٺ جيترن ماڻھن ھن جي منصوبن جي في الحال تھ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آھي.
حماس پاران شروع ڪيل “آپريشن طوفان اقصيٰ” کي ڪوئي “مھم جو” قسم جو عمل قرار ڏئي سگھي ٿو پر ڇا اھو سچ ناھي تھ اھڙي قدم کڻڻ کان پوءِ فلسطين جي بيحس بت ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر زندگيءَ جي چرپر جاڳي پئي آھي. فلسطين جو اھو ڪيس جيڪو ذري گھٽ ٻڏي چڪو ھو، سو ھڪ ڀيرو ٻيھر تري آيو آھي. ان حملي عالمي ضمير جو ڌيان ڌرتيءَ جي ان حصي طرف شدت سان ڇڪايو آھي، جيڪو ماڳ 21ھين صديءَ ۾ بھ انصاف ۽ آزاديءَ کان محروم آھي. اسرائيل خلاف حماس جي آپريشن دشمن ملڪ خلاف جنگ کان گھٽ ۽ پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد وڌيڪ آھي. جدوجھد ناڪامي ۽ ڪاميابيءَ جي تناظر ۾ نھ تورڻ گھرجي.