هن ملڪ جي اقتداري تاريخ جون هونئن ڀل ڪهڙيون به مختلف صورتون رهيون هجن پر هڪڙي ڳالهه هر دور ۾ هڪجهڙي پئي نظر آئي آهي ته جيئن ئي ڪنهن ڌُر لاءِ اهو اشارو ملي ٿو وڃي ته ايندڙ حڪومت کيس ملندي، تيئن ئي اقتدار جا اهي شوقين جيڪي پنهنجي مٿي اليڪشن نٿا کٽي سگهن، سي رِڙهي وڃي امڪاني اقتداري ڌُر کي ويجها ٿيندا آهن. اهڙا مثال اسان کي هر اليڪشن ۾ سمورن صوبن کان ويندي پنهنجي انهي سنڌ ۾ به کوڙ ملي ٿا سگهن، جنهن سنڌ تي گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي راڄ ڪندي رهي آهي. ان تناظر ۾ اسين جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن جي امڪاني اتحادن يا حمايتين جي مٽاسٽا جو جائزو وٺون ته پوري ملڪ ۾ نواز ليگ ڏانهن لاڙو وڌندي ٿو نظر اچي. جيڪڏهن ايڪيهين آڪٽوبر تي ميان صاحب اعلان موجب پهچي ٿو وڃي ۽ لاهور ۾ پاڪستان جي مينار وٽ رٿيل سندس جلسو ڪامياب وڃي ٿو ته پوءِ تحريڪ انصاف وٽ جيڪو تڏو وڇائبو سو ته پنهنجي جاءِ تي پر سڀ کان گهڻي ننڊ پيپلز پارٽيءَ جي ڦِٽندي. اهو ان ڪري جو تاريخ جي تناظر ۾ اقتدار جي اصل ويڙهه رهي ئي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ آهي. هي ته ڦِٽي ميان صاحب جي، جو هو ڪپڙن کان ٻاهر نڪري وڃي انهن سان ئي اٽڪيو جنهن کيس پيپلز پارٽي خلاف تاتي وڏو ڪيو هو، جي نه ته عمران خان کي ايئن ٿورئي گور ڇڏيو وڃي ها. عمران خان ته اسٽبلشمينٽ جي مجبوري تڏهن بڻيو جڏهن نواز شريف ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ تڪرار وڌيا، نه ته اها خبر اسٽبلشمينٽ کي به چڱي ريت هئي ته عمران خان ۾ ملڪ هلائڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي؟
بهرحال پاڻ ڳالهه نواز ليگ جي امڪاني اقتدار جي پئي ڪئي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته سنڌ جي صورتحال ڪيئن وڃي بيهندي؟ سنڌ ۾ آهستي آهستي جنهن قسم جي صورتحال جُڙندي نظر پئي اچي، تنهن مان واضح اشارا ملڻ لڳا آهن ته ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽي نه فقط باقي صوبن بلڪ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي سوڙهي ٿيڻ واري آهي. اهو هيئن جو هي جيڪي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ويجهڙايون ٿيون هيون، تن جو بنيادي سبب جنرل مشرف هو. جنرل مشرف جهڙي ريت نواز شريف کي خوار ڪري ملڪ مان ڀڄايو، تنهن کان پلاند وٺڻ لاءِ ميان صاحب وٽ محترما شهيد وٽ پناهه وٺڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي. پر هاڻ وقت تمام گهڻو اڳيان نڪري چڪو آهي ۽ جمهوريت جي ميثاق وارو اهو ڪتاب پڻ ٺَپجي هڪ پاسي ٿي چڪو، جنهن تي محترما شهيد ۽ ميان صاحب اتفاق ڪيو هو.
هن وقت جي جيڪا صورتحال آهي، تنهن ۾ ميان صاحب کي خطرو رڳو عمران خان مان آهي ۽ عمران خان نائين مئي تي پنهنجي پير مٿان جيڪو ڪهاڙو وهائي ڪڍيو، تنهن کانپوءِ ميان صاحب واڳ ڌڻين وٽ اڪيلو متبادل بچيو آهي. اڪيلو متبادل ان ڪري ٿا چئون جو واڳ ڌڻين کي پنجاب ۾ ٺاپر گهرجي جيڪا پيپلز پارٽي نه پر نواز ليگ ئي آڻي سگهي ٿي. هاڻ ڳالهيون اهي ٻُڌڻ ۾ پيون اچن ته نواز شريف اسٽبلشمينٽ کان نه فقط وفاق ۽ پنجاب بلڪه سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومت پڻ گهري ورتي آهي ته جيئن سياسي ۽ معاشي طور نئون خاڪو جوڙڻ ۾ کيس ڪنهن به صوبي اندر ڪا انتظامي ڏکيائي پيش نه اچي. ان ڏس ۾ وري جيڪڏهن ماضي ڏانهن موٽ کائون ته سنڌ، بلوچستان توڙي خيبرپختونخوا جون قومپرست ڌريون نواز ليگ سان پاڻ کي اڳي به سنهجو سمجهنديون رهيون آهن ۽ هاڻ به کين نواز ليگ سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي. مينگل گروپ کان ويندي اي اين پي تائين سڀ جا سڀ ميان صاحب سان کيرکنڊ رهندا آيا آهن. اي اين پي ته اڃان به ميان صاحب سان گهڻي ويجهي رهي آهي. سڀني کي خبر آهي ته ارڙهين ترميم جي منظوري واري مرحلي ۾ جڏهن ميان صاحب اُٺ پير ٺاهي ويهي رهيو هو ته اي اين پي ئي کيس رام ڪيو هو.
باقي سنڌ جي قوپرستن لاءِ نواز ليگ کان بهتر ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ان ڪري هاڻ جي ڊي اي ۾ شامل ڌريون هجن يا سنڌ ايڪشن ڪميٽي وارا يا ايئن ڪي ٻيا فرد، سڀ توهان اسان کي سگهو ئي ميان صاحب جي ڪيمپ ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا. باقي مذهبي ڌريون يا ايم ڪيو ايم ته آهن ڌڻين جون شيون، تن کي جيئن هدايتون ملنديون تيئن ڪندا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي وڌندڙ اڪيلائيءَ کي ڪيئن ٿي گهٽائي.