حماس حملي جو فيصلو ڪرڻ وقت نتيجن بابت نھ سوچيو ھوندو؟ اھڙي سوال سان “نھ” ۾ جواب فقط ھڪ احمق ئي ڏئي سگھي ٿو. ڇو تھ جنھن تنظيم اسرائيل سميت سمورين عالمي ۽ علائقائي جاسوس ادارن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي ايڏو وڏو آپريشن مڪمل تياريءَ سان ڪري ڏيکاريو، ان تنظيم اھو ڪيئن نھ سوچيو ھوندو تھ اسرائيل ھڪ زخمي بگھڙ وانگر ان مٿان تمام گھڻي بي رحميءَ سان حملو ڪندو ۽ ھن وقت اسرائيل اھو ڪجھھ ڪري رھيو آھي، جنھن جو پوري دنيا کي پتو ھو. دنيا ۾ ڪو اھڙو ملڪ يا باشعور ماڻھو مشڪل ملندو، جنھن کي اھو اندازو نھ ھجي تھ اسرائيل پنھنجي مٿان حملي جي صورت ۾ ڇا ڪري سگھي ٿو؟ ان ڪري جيڪو ڪجھھ بھ اسرائيل ڪري رھيو آھي يا جيڪو ڪجھھ بھ اسرائيل اڳتي ھلي ڪندو، ان جو حماس کي بلڪل بھ احساس ھو. ان ڪري اسان کي اھو نھ سوچڻ گھرجي تھ حماس پنھنجي عمل تي پڇتائيندو ھوندو. اھو ممڪن ناھي. پر ان سلسلي ۾ ھڪ ڳالھھ ضرور آھي ۽ اسان کي ان تي ويچار ضرور ونڊڻ گھرجن تھ دنيا جي ھر حريت پسند فرد ۽ تنظيم وانگر حماس صرف پنھنجي دشمن يعني اسرائيل جي ردعمل جي باري ۾ بھ سوچيو ھوندو پر ھن دنيا جي انھن قوتن جي ردعمل جي حوالي سان بھ ڪا آس ۽ اميد سوچي ھوندي، جن کي انسانيت جو احساس ھوندو آھي. جن جو خيال ھوندو آھي تھ دنيا ۾ جتي بھ ڪو ظلم ۽ ستم ٿئي ٿو تھ اھو انھن لاءِ تڪليف جو سبب آھي. حماس اسرائيل جي ردعمل کي بھ منھن ڏئي رھيو آھي پر ڇا ھن کي دنيا جي مثبت قوتن جي موٽ جو ڏک نھ ھوندو؟
لطيف جي سر مارئيءَ جي ھڪ بيت جي سٽ آھي:
“مارن منجھھ مياس، نھ تھ ماڙين ماريس ڪينڪي”
يعني مون کي پنھنجي مارن جي ماٺ ماريو آھي. نھ تھ مون کي ھي ماڙيون ۽ ھي قيد ڪڙا ماري نھ ٿا سگھن. اھوئي ھن وقت جو الميو آھي. ڇو تھ جنھن ريت حالتون وڌيڪ بري صورت اختيار ڪرڻ ڏانهن وڌي رھيون آھن. جنھن ريت مثبت احساس ۽ عمل جو مقدار گھٽجي رھيو آھي. جنھن ريت ظلم سان وڙھڻ ۽ ان کي ماري مات ڪرڻ جو رجحان ختم ٿي رھيو آھي. اھو سڀ ڪجھھ تمام افسوسناڪ آھي. ان افسوس جو سڀ کان پيڙا ڏيندڙ پھلو اھو آھي تھ اسان کي ان افسوس جو افسوس بھ نھ رھيو آھي. اھائي علامھ اقبال واري ڳالھھ تھ:
“وائي ناڪامي ڪھ ڪاروان جاتا رھا
اور ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رھا”
معنيٰ تھ صرف قافلو نھ پئي ويو پر قافلي جي دل مان زيان جو احساس بھ وڃي رھيو ھو.
اسرائيل جو غزا مٿان مسلسل حملن جو سلسلو ۽ ان باري ۾ دنيا جي سانت ان جو سڀ کان تازو ۽ تمام تڪليف وارو مثال آھي. ڇو تھ ھڪ طرف دنيا ۾ دھشت ۽ وحشت وڌي رھي آھي ۽ ٻي طرف دنيا جو پرامن ۽ انسان دوست قوتون پنھنجن مفادن جي خاطر پنھنجي چپن تي جيڪا ماٺ جي مھر ھڻي ويٺيون آھن، انھن جو اھو عمل تمام تڪليف وارو آھي. اھا تڪليف ان مھل بھ تھ تمام گھڻي شديد ٿي وڃي ٿي، جڏھن ماٺ رھڻ کان ڪجھھ اڳتي وڌي، ڪجھھ قوتون ماڻھن جي مظلوم جو ساٿ ڏيڻ بدران ظالم جو ساٿ ڏيڻ ۾ پنھنجو مفاد ڏسي رھيون آھن.
ڀارت ان جو سڀ کان وڏو مثال آھي. اھو ڀارت ئي ھو جنھن کي آزادي وٺي ڏيڻ ۾ مھاتما گانڌيءَ جو اھم ۽ بنيادي ڪردار ھو ۽ مھاتما گانڌي پنھنجي پرامن ۽ اھنسا وادي سوچ سبب پوري دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ گانڌيءَ کان پوءِ اھو جواھرلال نھرو ھو، جنھن نئين آزاد ٿيل ملڪ کي سيڪيولر سوچ ۽ پرڏيھي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ ھڪ آزاد قسم جي سڃاڻ ڏني پر اڄ اھو جمھوري ۽ سيڪيولر ڀارت ايترو تھ ھيٺ ڪري پيو آھي جو ان جو وزير اعظم نريندر مودي حماس ۽ اسرائيل جنگ ۾ امن جو پاسو کڻڻ بدران اسرائيل جو پاسو کڻي رھيو آھي ۽ سرعام چئي رھيو آھي تھ ھو اسرائيل سان گڏ بيٺل آھي. جڏھن تھ ان جي اھڙي اسٽينڊ تي ھن مھل تائين ڀارت مان ھن خلاف نظرياتي بغاوت جو ڪو پرامن ۽ فڪري قسم جو ردعمل بھ نھ اٿيو آھي، ڪجھھ آواز آھن، جيڪي موديءَ جي اھڙي موقف تي ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظھار ڪري رھيا آھن پر اھي آواز ايترا تھ ٿورا آھن جو ھن شور ۾ انھن کي ٻڌڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ٿي رھي آھي. اھا تڪليف ان وقت وڌي وڃي ٿي، جڏھن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اسرائيل جي ظلمن خلاف ماٺ ھجي.
پاڪستان بھ انھن ملڪن ۾ شامل سمجھيو وڃي ٿو. ھونءَ تھ پاڪستان ھڪ رياست طور امن جي ڳالھھ ڪئي آھي ۽ ھن فلسطين جي ماڻھن لاءِ پنھنجائپ جو اظھار بھ ڪيو آھي پر اھو صرف خانا پريءَ وارو بيان آھي. جڏھن اصل ڳالھھ ڪنھن بھ ملڪ پاران ان جي مدد ڪرڻ آھي، جنھن کي پنھنجو سمجھيو وڃي. مثال طور ايران جھڙي ريت خطرا کڻي بھ فلسطين جي ماڻھن سان بيٺو آھي، ھن جو اھو موقف تاريخ ۾ ڪڏھن بھ فراموش ٿي نھ ٿو سگھي. ڇو تھ اھو موقف حق ۽ سچ وارو آھي. جيتوڻيڪ ايران مسلمان ملڪ ھجڻ جي باوجود بھ پنھنجي شيعا مسلڪ جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي ۽ حماس شيعا سوچ واري تنظيم ناھي پر جيڪڏھن اوھان ڏسندا تھ اوھان کي ايران ۽ ھن جي لبنان ۾ ساٿي تنظيم حزب اللھ حماس سان گڏ بيٺل نظر ايندا. انھن جي موقف ۾ رتيءَ جيترو بھ رک رکاءُ ناھي. ڇو تھ ھو سمجھن ٿا تھ اسرائيل ھڪ ظالم ملڪ آھي ۽ ھن خلاف گھٽ ۾ حق ۽ سچ جو ڪلمو پڙھڻ ھر باشعور ۽ اصول پرست ماڻھوءَ ۽ ماڻھن جي گروهه جو اولين فرض آھي.
ايران ۽ شام فلسطين جي سرعام ۽ ڀرپور حمايت ڪري رھيا آھن، جڏھن تھ اسان انھن ملڪن ۾ شامل آھيون، جيڪي اخلاقي طور پنھنجو امن وارو موقف پيش ڪري ماٺ ٿي ويا آھيون پر پاڪستان صرف پرڏيھي کاتو ناھي. ھر ملڪ جو پرڏيھي کاتو گھڻن دٻائن ھيٺ ھوندو آھي ۽ اھو گھڻو ڪجھھ چاھيندي بھ اھو سڀ ڪجھھ نھ ڪري سگھندو آھي، جيڪو ڪجھھ اھو ڪرڻ چاھيندو آھي. پر ھر ملڪ جون سياسي قوتون تھ آزاد ھونديون آھن. اھي تھ پنھنجي موقف کي بنا ڪنھن خوف جي پيش ڪري سگھن ٿيون. جيڪڏھن اسان پنھنجي ملڪ جي سياسي پارٽين جو جائزو وٺنداسين تھ اسان کي افسوسناڪ صورتحال نظر ايندي. ھجڻ اھو گھرجي تھ اسرائيل جي نسل پرست ۽ تشدد پسند پاليسيءَ خلاف ملڪ جون ترقي پسند قوتون عمل جي ميدان ۾ اڳتي اچن پر ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ اسرائيل جي مذمت ڪرڻ لاءِ صرف مذھبي قوتون سرگرم رھيون آھن. ھن ڀيري تھ انھن جي جذبن ۾ بھ اھا گرمي ناھي، جيڪا ماضيءَ ۾ محسوس ٿيندي ھئي. جڏھن پاڪستان ۾ ترقي پسند قوتون ۽ سنڌ ۾ قومپرست ڌريون بنھھ خاموش ٿي ويٺيون آھن. جڏھن تھ ھي اھو دور آھي، جڏھن اسرائيل پاران ٿيندڙ حملن سان منظر اسان پنھنجي موبائل فون تي لائيو ڏسي رھيا آھيون. پر پوءِ بھ ھڪ ماٺ آھي.
اھا ماٺ ڇو آھي؟ ڇا ان خاموشيءَ پويان خوف آھي؟ خوف جو تھ ڪو سبب ۽ جواز ٿي نھ ٿو سگھي. ڇو تھ حق جو ساٿ ڏيڻ سبب پاڪستان ۾ ترقي پسند يا لبرل قوتن مٿان ڪو بھ قانوني قدم نھ کڄندو ۽ نھ وري انھن جي مٿان عالمي سطح تي ڪي وارنٽ نڪرندا. پر اھا ماٺ صرف ۽ صرف اقتداري مفادن سبب آھي. صرف ان لالچ سبب اسان جي سياسي پارٽين اسرائيل جي مذمت ۽ فلسطين جي حمايت ڪرڻ بدران پنھنجا چپ مصلحت جي سڳي سان سبي ڇڏيا آھن.