ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين قيادت نيون اميدون

Editorial-Article- Nirma Talpur

اسين ھڪ اھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا، جتي اسان جي حڪمرانن پنهنجن ذاتي مفادن خاطر ڪرپشن ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي۔ نتيجي ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي غريبن لاءِ جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي۔ ڇا ان جو ھڪ سبب غلط ماڻهن جي ھٿن ۾ حڪومت جون واڳون ڏيڻ ناهي؟ ڇا اسين پنهنجي ووٽ ڏيڻ واري حق جو غلط استعمال نـه پيا ڪريون؟ ڇا اڃان تائين اسان پنهنجي ووٽ جي طاقت کان اڻواقف آھيون يا شايد خبر ھوندي بھ ان تي سنجيدگيءَ سان غور نٿا ڪريون.
ملڪ جيان تنظيمن ۾ بـھ ان ضابطي کي قائم رکڻ انتھائي ضروري آھي. سياسي ھجي يا غير سياسي سڀني تنظيمن ۾ اھا ڳالهه لاڳو ٿئي ٿي. ملڪ توڙي صوبائي سطح تي ڊاڪٽر ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئشن (واءِ ڊي اي) تنظيم کان ضرور واقف ھوندا ڇو تـھ اھا اڪيلي تنظيم ئي سڄي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي جدوجهد لاءِ عملي ميدان ۾ رھي آھي. سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ بـھ ان پنهنجو پاڻ مڃرايو آھي ۽ ڊاڪٽرن کي ھڪ جڳهھ تي گڏ ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آھي ۽ انهن جون پنهنجي ڊاڪٽر ڪميونٽيءَ لاءِ ڪيل ڪوششون ڪنهن کان بـھ لڪل ناھن۔
سنڌ ۾ جڏھن بـھ ڊاڪٽرن جي جدوجهد جي ڳالهه ٿي آھي، ان ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري جو نالو سر فھرست رھيو آھي۔ ڪراچيءَ ۾ تازو احتجاج ۾ ڊاڪٽر محبوب نوناري توڙي سندس ساٿين کي ذھني توڙي جسماني ايذاءُ ڏئي پنهنجي موقف کان ھٽائڻ لاءِ وس ڪيا ويا پر سلام آھي، انهن کي جيڪي پنهنجي ڪيل عھد ۽ پنهنجي تنظيم خاطر سور ۽ سختيون برداشت ڪندا رھيا.
ڊاڪٽر محبوب نوناري سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن جي جدوجهد ۾ ڊاڪٽر روشن چانڊيو بھ گڏ رھيو آھي. توڙي جو لمس ۾ شايد ئي ڪنهن پوسٽ گريجوئيٽ يا ھائوس آفيسر جي ڪا شڪايت ڊاڪٽر روشن کي ٻڌائي کانسواءِ حل ٿي ھجي. ھو سدائيم ڊاڪٽرن لاءِ آواز اٿاريندو رھيو ۽ ڪافي ڀيرا ان ڪري کيس مايوسين کي بـھ منهن ڏيڻو پيو پر ڪڏھن بـھ ھن پويان پير نـه پاتو۔
واءِ ڊي اي ھونئن تـ پوسٽ گريجويٽس ۽ ھائوس آفيسرن جي تنظيم آھي پر ڊاڪٽر روشن چانڊيو پھريون صدر آھي جنهن پنهنجي صدارت واري دور ۾ لمس جي شاگردن لاءِ سجاڳيءَ جي ھن لھر جي شروعات ڪئي تـه جيئن ھائوس جاب کان پھرين ھنن کي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ اچڻ کپي جنهن لاءِ ھن اسٽوڊنٽ ونگ واءِ ڊي اي لمس متعارف ڪرائي ۽ ان لاءِ پنهنجو وقت سھيڙي ڀرپور ڪم ڪيو۔
لمس ۾ ڪاميابيءَ سان پنهنجي صدارت جو مدو پورو ڪري ھاڻ ڊاڪٽر روشن کي صوبائي چونڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي ۽ اسين پراميد آھيون صوبائي سطح تي بـھ ھو ڪامياب ٿي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندو۔ جيئن ته اسين ايندڙ اليڪشن جي چونڊ لاءِ تياري ڪريون پيا. طبي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ، جديد ٽيڪنالاجيءَ کي لاڳو ڪرڻ ۽ مريض-مرڪزي ترقيءَ کي ھٿي ڏيڻ، ميرٽ تي ايف سي پي ايس جي ٽريننگ کي ھٿي وٺرائڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ سيٽن جي گھر ڪرڻ، ڊاڪٽرن جي مھيني سر پگھار لاءِ ڪوششون ڪرڻ، ھر ڊپارٽمينٽ ۾ لائبريري کولرائڻ، ڊيوٽي ڊاڪٽرن لاءِ ٽرانسپورٽ جو بھتر انتظام ڪرائڻ، ليڊي ڊاڪٽرن لاءِ ھاسٽل ۽ سيڪيورٽيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ ووٽ ڏئي بھترين جي چونڊ ڪرڻ اسان جو فرض آھي۔
ڊاڪٽر محبوب نوناري ۽ ڊاڪٽر روشن چانڊيو جي پينل جنهن جو نالو ڊيموڪريٽڪ پينل جي نالي سان آھي. لمس ۾ ھن ڀيري صدارت لاءِ ڊاڪٽر مير افضل خاصخيلي ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر رانا اشفاق جو نالو چونڊيو ويو آھي. ڊيموڪريٽڪ پينل ۾ ھر اميدوار مهارت ۽ تجربي جو مالڪ آهي جيڪو صحت جي سار سنڀار جي دائري ۾ ٿيندڙ تبديلين کي هلائڻ لاءِ تيار آهي. جيڪي معياري صحت لاءِ ڪوششون، طبي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ رٿابنديون پڻ ڪن پيا.
ان کانسواءِ، انهن جي عمل ۾ اعليٰ اخلاقي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائجي ٿو ته ڊيموڪريٽڪ پينل ۾ انهن ماڻهن کي اڳواڻي لاءِ اميدوار ڪيو ويو آھي جيڪي طبي پيشي جي سالميت کي ترجيح ڏين ٿا. هنن چونڊن ۾ جيڪڏهن ڊيموڪريٽ فورم کي ڪاميابي ملي ٿي ته اهو صحت جي پاليسين کي پيچيدگيءَ جي شڪل ڏيندو، پر اھو پنهنجي ڊاڪٽرن جي جائز حقن لاءِ بـه ھميشـھ سرگرم رھندو۔
21 آڪٽوبر تي لمس ھاسپيٽل ڄامشورو ۾ اليڪشن ٿيڻي آھي. اميد تـه ساڃھه وند ھن ڀيري بـھ بهتر قيادت کي کٽرائي ھڪ ڀيرو وري پنهنجي حقيقي اڳواڻن جي ھٿن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجن ڊاڪٽرن جو مستقبل ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button