سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ نه رڳو ججهي انگ ۾ استادن ۽ ٻي عملي جون ڀرتيون ٿيون آهن پر ان کان سواءِ ڪيترائي اسڪول بحال پڻ ٿيا آهن. اهي اسڪول جتي استاد غيرحاضر هئا يا حالت خراب هئي، انهن کي ختم پڻ ڪيو ويو. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ تعليم ۽ صحت کاتي ڏانهن ڪافي ڌيان ڏنو هو، جنهنڪري اهي ٻئي شعبا ڪنهن حد تائين بهتر ٿيا آهن، پر ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اڃا تائين به ٻنهي شعبن ۾ بهتريءَ جي اميد آهي ۽ اڳيان هلي وڌيڪ ڪم پڻ ڪري سگهجي ٿو. ان هوندي به سنڌ ۾ اڄ به سوين اسڪول آهن، جيڪي ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن، اڃا تائين به سوين استاد آهن، جيڪي اسڪول جو منهن نٿا ڏسن. نتيجي ۾ نه رڳو شاگردن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي پر اهي تعليم کان پڻ محروم لڳا پيا آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ اڄ به وڏي انگ ۾ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ ان جي نه حڪومت کي پرواهه آهي ۽ نه ئي وري سندن ماءُ پيءُ کي. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه وقت کان وٺي بوگس ۽ جعلي ڀرتيون پڻ ٿيون آهن، جنهنڪري به تعليم جو حال بهتر ڪونه پيو ٿئي.
ان حوالي سان نگران حڪومت ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي نگران حڪومت تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ۽ گوسڙو ماسترن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان معاملي تي نگران صوبائي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي گوسڙو استادن جا تفصيل گهري ورتا آهن، جڏهن ته استادن جي ڀرتين جي ڊيٽا پڻ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولز ڊائريڪٽر استادن جي ڊيٽا 15 ڏينهن ۾ جمع ڪرائي رپورٽ پيش ڪن. استادن جو وڏو انگ سرڪاري اسڪولن ما غير حاضر هجڻ جون رپورٽون مليون آهن. تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته پهرين مرحلي ۾ استادن جي ڀرتي ۽ تعليم بابت جاچ ڪئي ويندي. گوسڙو استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو. ان حوالي سان ڊائريڪٽر اسڪولز کان 5 دستاويز گهريا ويا آهن، جن ۾ سروس بوڪ، پهرين پگهار جي سلپ، ايڪسپلينيشن ليٽر، اين او سي ۽ حاضري رپورٽ شامل آهن. رعنا حسين جو چوڻ هو ته نون استادن جو وڏو انگ تقريريءَ جي انتظار ۾ آهي، جن کي جوائننگ ڏيڻي آهي. ان ڪري گوسڙو ۽ ڪم چور استادن کي برطرف ڪري نون کي مقرر ڪنداسين. هي هڪ سٺو فيصلو آهي جيڪڏهن ان تي عمل ٿئي ٿو ته ان سان نون ماڻهن لاءِ گنجائش پيدا ٿيندي ۽ ان کان سواءِ انهن استادن جي پڻ نشاندهي ٿيندي، جيڪي جعلي ڀرتين وسيلي استاد ٿي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو به جعلي ڀرتين ۾ ملوث رهيا آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن اڳيان هلي جعلي ڀرتين جو سلسلو بند ٿي وڃي يا وري ڪابه حڪومت بيوروڪريسي وسيلي جعلي ڀرتي نه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته ان سان هر شعبو تباهه ٿئي ٿو ۽ ڪوبه شعبو بهتر ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي. تنهنڪري نگران حڪومت جو هي فيصلو ساراهه جوڳو آهي، جنهن تي ترت عمل ٿيڻ گهرجي.