طبقاتي سماج ۾سڀ کان وڏو ۽ گھڻ رخو بحث جيڪو به ٿئي ۽ جنهن به نقطه نگاهه کان ٿئي، پر انهيءَ جي آخري ۽ نتيجا خيز پڄاڻي معاشي نابرابري ۽ معاشي استحصال جن نقطي تي پهچي ٿي. ان حقيقت کان ڪو به نظريو انڪار نٿو ڪري سگھي ته طبقاتي سماج ۾ سڀ کان برو ۽ خراب ناسور معاشي استحصال آهي. ان معاشي استحصال کي هونئن ته گھڻين ئي صورتن ۾ ڏسي ٿو سگھجي پر گھڻو بحث انهيءَ ۾ طبقاتي نقطه نگاهه کان ئي ٿيندو آهي جنهن ۾ هڪ طبقو پورهيت جو جن ۾ مزودر، هاري ته خاص ڪري اچي ٿا وڃن پر پورهئي جون ٻيون جيڪي به صورتون آهن، اهي شامل ٿي ٿيون وڃن. ايتري حد تائين جو پڙهائڻ ۽ لکڻ جو پورهيو به پورهيت جي زمري ۾ اچي ٿو. ان پورهيت جو استحصال اهو طبقو ڪري ٿو جيڪو کانئس پورهئي جي خريداري ڪري ٿو. هو ان محنت کي خريد ڪري انهيءَ جي عيوض کانئس پورهيو ٿو ڪرائي، انهيءَ جو معاوضو ڪنهن طبقاتي سماج ۾ ان بنيادن تي طئي ناهي ٿيندو ته هو پنهنجي پورهئي عيوض جيڪا محنت ڪري ٿو، ان جي اپت جي حساب سان کيس اجورو ڏنو ٿو وڃي يا نه. اهوئي سبب آهي جو اجورو خريد ڪندڙ مسلسل دولت مند ٿيندو ٿو وڃي. ڇو ته هو ان اجوري جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منافعو وڏي پيماني تي دولتمند طبقو يا سرمائيدار کڻي ٿو وڃي. اهڙي ريت هر پورهئي جو استحصال وسيلن ۽ دولت تي قابض طبقو ڪري ٿو. پوءِ ان جو نالو ڪهڙو به آهي.
سرمائيداري سماج ۾ گھڻي ڀاڱي عام استعمال جيئن ته سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جي نالي سان ٿئي ٿو پر زراعت ۾ جديد مشينري اچڻ کانپوءِ هاڻي گھڻي ڀاڱي زراعت به جديد انڊسٽريءَ ۾ شامل ٿي وئي آهي، تنهنڪري وڌندڙ سرمائيداري ئي دولت ڪٺي ڪندڙ ۽ استحصالي قوت جي صورت ۾ موجود آهي. استحصال جيئن ته طبقاتي سماج جي استحصال جو روح آهي، جيڪڏهن استحصال نه رهي ته طبقاتي سماج مري ويندو ۽ استحصالي سماج جيستائين قائم آهي، تيستائين سماجي اڻ برابري ۽ ان اڻ برابريءَ جا برا اثر انساني فڪر ۽ سوچ کي سڌي ريت متاثر ڪندا رهندا. شروعات ۾ استحصال ۽ طبقاتي سماج وسيلن تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ رڳو شروع نه ٿيو پر انهيءَ تي انساني محبت ڪرائڻ سان شروع ٿيو جنهن جي پهرين صورت غلاميءَ کان ٿيندي جاگيرداري تائين ۽ جاگيرداريءَ کان سرمائيداري تائين پهتي آهي پر هي نقطو خاص ڪري ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته استحصال غلاماڻي دور کان سرمائيداراڻي دور تائين پنهنجي جبر جون صورتون تبديل ڪندو رهيو آهي. پهريان انسان رڳو استحصال جو شڪار نه هو پر بدترين جبر جو به شڪار هو. تنهنڪري استحصال جي مخالفت شديد جبر جي بنيادن تي ٿيندي انسانيت ۽ احساس جو نقطه نظر به مضبوطيءَ سان وڌي پيو پر وقت گذرڻ سان استحصالي طبقي جبر جي شدت کي گھٽائيندي استحصال کي وڌ کان وڌ مضبوط ۽ پختي ڪرڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي. اهوئي سبب آهي جو ڪارل مارڪس استحصالي نقطي کي واضح ڪرڻ لاءِ جبر ۽ تشدد تي بحث ڪرڻ پورو بحث پورهئي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ “قدر” تي ڪيو آهي.
هن صاف ۽ چٽن لفظن ۾ اهو واضح ڪندي سمجهايو ته جيڪڏهن سرمائيدار مزدور جي محنت ۾ پيدا ٿيندڙ منافعو (جيڪو مزدوري ڏيڻ کانپوءِ به بچي ٿو) جنهن کي مارڪس قدر زائد يعني سرپرلس ويليو سڏيو آهي ۽ هن پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪيو ته سرمائي جي وڌڻ ۽ طاقتور ٿيڻ، دنيا ئي اهو قدر زائد آهي. تڏهن دنيا ۾جيڪي سرمائيداري نظام خلاف ۽ استحصال خلاف تحريڪون وڌيون عارضي ۽ مضبوط انقلاب آيا، خاص ڪري 1917ع جي سوويت يونين جي انقلاب کانپوءِ سرمائيدارن پنهنجن ترقي يافته سماجن ۾ عوام جو معيار زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فلاحي منصوبا اڳتي وڌايا، ڪارخانن ۾ پورهيت جو معيار زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪمت
عملي جوڙيندي ان تي عمل ڪيو. انهن سماجن ۾ معيار زندگي بهتر نظر اچن لڳو پر استحصال برقرار رهيو. پر سرمائيدار طبقي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سرمائيداري، بدحالي ۽ جبر کي پيدا نٿي ڪري پر خوشحالي آڻي ٿي. پر حقيقون اهي آهن ته جيترو سماج مشينري ترقي ۾ اڳتي وڌي ٿو، انهيءَ ۾ هر قسم جي پورهئي جو وڌيڪ استحصال ٿئي ٿو. ڇو ته استحصال جو تعلق رڳو بدحالي ۽ جبر سان ناهي پر پيداوار جي اجرتي حق سان آهي ۽ استحصالي طبقو سرمائيدار استحصال تي بحث ڪرڻ بدران فقط فلاح ۽ خوشحاليءَ جا دليل ڏئي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن هو استحصال تي ڳالهائيندو ته هو پنهنجي استحصال ۽ ڦرمار کي ڪڏهن به لڪائي نٿو سگھي.