ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان ۽ نواز شريف چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا

Editorial-Article- Allahbux Rathor

سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي درست قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ هي ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته عمران خان ته اڳ ئي نااهليءَ جي سيٽ تي ويٺل هو، پر هاڻ نواز شريف جا به قانوني معاملا ايترو جلد حل نه ٿيندا، جو هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي. نااهلي وارو معاملو به ففٽي ففٽي ٿي ويو آهي. جهانگير ترين جي پاڪستان استحڪام پارٽيءَ جي چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف لاءِ رستو کليو ضرور آهي، پر سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو رستو بند ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ عام چونڊون جيڪي جنوريءَ جي آخري هفتي ۾ ٿيڻيون آهن، انهن ۾ نواز شريف ته جيل ۾ هوندو. ان ڪري هو پنهنجي سزا کي ڪليئر ڪرائي نه سگهندو ته ان جو هي مطلب ٿي سگهي ٿو ته هو چونڊ مهم ۾ حصو ته وٺي نه سگهندو. ان سان گڏ هو وزير اعظم جو چوٿون ڀيرو اميدوار به ٿي نه سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ اهو ممڪن آهي ته نواز شريف جا قانوني معاملا مارچ 2024 تائين ڪنهن حد تائين بهتر ٿي وڃن.
نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ جو شيڊيول ويجهو پهچي ويو آهي. هو دنيا جي انهن ملڪن مان 25 ارب ڊالرن جي سيڙپ وٺي اچڻ جو واعدو ڪري چڪو آهي، جيڪي هينئر اسرائيل ۽ فلسطينين جي جنگ سبب ٻڏتر جو شڪار آهن. انهن جا پنهنجا ملڪ به عدم استحڪام جو شڪار ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن جنگ وڌيڪ ڦهلجي ٿي، جنهن جا امڪان موجود آهن ته پوءِ نواز شريف جا واعدا وفا نه ٿيندا. اهڙي صورتحال ۾ نواز شريف جي واڳ ڌڻين سان اتفاق راءِ، ڊيل يا ڍيل جو ڇا ٿيندو؟ جيستائين عام چونڊون ٿيڻيون آهن، اوستائين عالمي مارڪيٽ ۾ ممڪن آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ به لاٿ بدران واڌ اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ جيڪي ملڪ پيٽرول وڪرو ڪندا آهن، اهي سمورا جنگ جي ڪري پريشانيءَ ۾ ورتل هوندا. ممڪن آهي ته جنگ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي آمد به گهٽجي وڃي ۽ پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ تيل خريداريءَ ۾ مشڪلاتون محسوس ڪن. ان ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته نواز شريف ڪيئن سيڙپ کڻي ايندو، اهو ممڪن نظر نٿو اچي. ان سان گڏ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي رفتار جيڪا اڳ ئي 40 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ آهي. ان ۾ واڌ ايندي ۽ معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. ان سان گڏ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي صورتحال ڪٿي دنگ ڪندي، هي سمجهڻ ڪو راڪيٽ سائنس نه هوندي.
هيل تائين سڀني ٻڌو پئي ته (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ جي يو آءِ ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي پئي ته جنوريءَ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مقصد ملڪ کي وڌيڪ بحران جي ور چاڙهڻ برابر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ برفباري هوندي ته ٻئي پاسي نواز شريف جا قانوني معاملا اڌ رستي ۾ هوندا. ان ڪري چونڊن ۾ (ن) ليگ اها ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهندي، جنهن جي ان کان اميد ڪئي وڃي پئي. شهباز شريف جنهن گذريل حڪومت جو هڪ حصو حڪمراني ڪئي، ان انتهائي بدترين صورتحال ۾ اتحادين سان گڏجي جيڪو ڪجهه ڪيو. ان کان وڌيڪ شايد ڪري نه سگهڻ جهڙي صورتحال هئي، پر (ن) ليگ پنهنجي پراڻي بيانيي ڏانهن مڙي مڙي ڏسي رهي هئي ته عمران خان جي جيئن حڪومت وئي هئي، تيئن ئي عام چونڊون ٿين ها ته (ن) ليگ جي صورتحال مختلف هجي ها. سوال هي آهي ته ان وقت به نواز شريف جا قانوني ۽ سياسي معاملا بهتر نه ٿيا هئا ۽ هو ڏيهه وري نٿي سگهيو. اهڙي صورتحال ۾ ان جي ڪارڪردگي ڪيتري بهتر هجي ها؟ (ن) ليگ پاڻ شهباز شريف جي دور کي انتهائي بدترين سڏيو آهي، جنهن تي سڀني کي حيرت آهي. جيڪڏهن بنديالي انصاف هجي ها ۽ عمران خان وزير اعظم، ان پٺيان واڳ ڌڻي هجن ها ته پوءِ (ن) ليگ جي حالت ڪهڙي ٿئي ها؟ جيڪڏهن باجوا اينڊ ڪمپنيءَ جو پراجيڪٽ ناڪام به ٿي ويو، ان جي باوجود (ن) ليگ جي صورتحال ڪا بهتر ته نه هئي جو اها ڪلين سوئيپ ڪري ها. هو جيترو ماضي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا، نقصان (ن) ليگ جو ئي ٿيندو. ان سان گڏ هن ملڪ ۾ چونڊون ڪيتريون شفاف ٿينديون آهن ۽ ان ۾ طاقتور ڌرين جي ڪيتري مداخلت هوندي آهي، ڇا هي ڪو ڳجهو راز آهي؟
(ن) ليگ ۽ جي يو آءِ جي عام چونڊن کان ڪنڌ ڪڍائڻ جي انهن کي قيمت ته ادا ڪرڻي آهي. هو وري به شڪر ڪن ته پ پ پنجاب ۾ طاقتور پوزيشن ۾ ناهي ۽ پي ٽي آءِ به وکري وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ (ن) ليگ کي گهڻو خطرو ناهي، پر جيڪڏهن شهباز شريف ئي ايندڙ وزير اعظم آهي ۽ (ن) ليگ جي واڳ ڌڻين سان اها ئي ڊيل ٿي آهي ته پوءِ ان پارٽي ته گهاٽي جو سودو ڪيو آهي. ان عام چونڊن جي مخالفت ڪري پنهنجو سياسي نقصان ڪيو. هاڻ (ن) ليگ هجي يا جي يو آءِ ٻئي چون پيون ته ٺيڪ آهي، ڀلي اليڪشن ڪميشن جنوريءَ جي آخر ۾ چونڊون ڪرائي. هي ٽٽل دل سان سڀ ڪجهه چئي رهيا آهن، جيڪو پڻ (ن) ليگ جي صحت تي ناڪاري اثر ڇڏيندو.
اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته (ن) ليگ ۽ واڳ ڌڻين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو هجي ته جيستائين، نواز شريف جا قانوني معاملا حل ٿين ايستائين عبوري طور تي شهباز شريف وزير اعظم رهندو. ان کانپوءِ وڏي شريف کي سياسي منظرنامي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ائين جيئن ماضي ۾ چوڌري شجاعت حسين ڪجهه عرصي لاءِ وزيراعظم ٿيو هو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڊيل جي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ، واڳ ڌڻين سان جوڙ توڙ ڪري سگهي ٿي. ممڪن آهي ته (ن) ليگ جي حڪمت عملي به اهائي هجي، پر اڳي پوءِ نواز شريف کي جيل ۾ ئي وڃڻو آهي. مريم نواز هجي يا ڪي ٻيا اڳواڻ سڀني جي سُئي نواز شريف ۾ اٽڪيل آهي، هو سمجهن ٿا ته نواز شريف جي اچڻ سان سموريون بلائون دور ٿي وينديون. جيڪڏهن ملڪ جي خزاني ۾ ڪجهه نه هوندو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تيزيءَ سان ختم ٿي ويا ته (ن) ليگ چين کي چوندي ته ڪولمبو هوائي اڏي جيان، پاڪستان جو جيڪو به هوائي اڏو پسند آهي، وٺي ۽ ڪجهه ڊالر ڏئي.
اها ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته هن ملڪ جي سياست ۾ رڳو نواز شريف يا (ن) ليگ ناهن، پر ٻيون سياسي قوتون به موجود آهن،جن ۾ جوڙ توڙ جي ماهر پيپلز پارٽيءَ به شامل آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻين سمورين ڌرين کي هڪ اک سان ڏٺو ته پوءِ آصف زرداريءَ جو ايوان وزير اعظم ڏانهن وڃڻ واري در کي به ٻيڪڙي نه سگهبو. پوءِ وزير اعظم ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. اهي سياسي قوتون، جيڪي واڳ ڌڻين، پي ٽي آءِ جي پيٽ مان ڪڍيون ويون آهن، انهن کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اهو به وسارڻ نه گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي جيتري به سگهه هجي. اها ايندڙ حڪومت ٺاهڻ جي عمل ۾ (ن) ليگ کي ته ووٽ نه ڏيندي. اهڙي صورتحال ۾ (ن) ليگ حڪومت آسانيءَ سان قائم رهي نه سگهندي. هاڻ ضروري آهي ته سموريون پارٽيون پنهنجو پنهنجو سياسي پروگرام ٻڌائين ۽ ان حوالي سان حڪمت عمليءَ جو به اعلان ڪن ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button