لسا ڇوڪرا هن مجموعي جي نائين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ روايتي طور ٻهراڙيءَ جي هڪڙي ننڍڙي شهر جي هاءِ اسڪول جي منظر ڪشي ٿيل آهي. جنهن ۾ استادن جو هڪڙو گروپ آهي جيڪو تعليم جي بهتري ۽ شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، شاگردن جي مدد ڪري ٿو، پاڻ ۾ چندو ڪري غريب شاگردن جي ڪتابن ۽ اسڪول ڊريس ۾ مدد ڪري ٿو. نہ رڳو پاڻ دلچسپيءَ سان ڪلاس وٺن ٿا پر شاگردن کي پڙهائي طرف راغب ڪرڻ لاءِ اُتساهين ٿا، بلڪہ ايئن چئجي تہ اهي استاد صحيح معنا ۾ استاد هجڻ جو حق ادا ڪن ٿا، جنهن سبب نه رڳو شاگردن بلڪھ سماج ۾ سندن بهترين استاد هجڻ وارو عزت ڀريو مقام پيدا ٿئي ٿو ۽ انهن لاء هڪڙو بهترين رويو پيدا ٿئي ٿو.
ٻئي طرف استادن جو هڪڙو اهڙو گروپ به ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ بجاءِ معصوم سهڻن يعني لسن ڇوڪرن جي خوبصورتي ۾ دلچسپي وٺندڙ آهي ۽ انهن لسن ڇوڪرن کي ڦاسائڻ ۽ ساڻن جنسي تعلقات رکڻ ۽ جنسي طور حراسمينٽ ڪرڻ لاء اسڪول اچي ٿو. جنهن سان نہ رڳو سماج تي ناڪاري اثر پون ٿا.
“سنگنت” هي ڪهاڻي توڙي جو مجموعي جي ترتيب جي حساب سان ٻارهين نمبر تي آيل آهي پر موضوعاتي هڪجهڙائيءَ جي حساب سان ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته هن ڪهاڻي، “لسا ڇوڪرا” ڪهاڻي جي ڪُک مان جنم ورتو آهي.
منهنجي خيال ۾ متن، چيل ۽ اڻ چيل ٻنهي طريقن سان سماج لاڳاپن ۽ تضادن کي ظاهر ڪندو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به لڳ ڀڳ ايئن ئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٽرانس جينڊر (کدڙن فقيرن يا ٽين جنس) جي هڪ ڪردار ياسمين جي ڪٿا پيش ڪئي وئي آهي. ياسمين جيڪا پنهنجي رويي ۽ عمل ۾ ڪنهن بہ صورت ۾ روايتي جسم فروشي جي ڌنڌي سان واڳيل نه هوندي به کيس پنهنجي “گرو” ۽ هڪ عدد سنگتيءَ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيئن هو سماج ۾ موجود جنسي وحشي بگهڙن ۽ اوڙي پاڙي جي آواره ۽ لچن لفنگن شودن جي جنسي حراسمينٽ کان پاڻ بچائي سگهجي. هڪ حد تائين مقيم جي سنگت، ياسمين کي اهو تحفظ ته فراهم ڪري ٿي پر اهو تحفظ ڪو دائمي تحفظ نٿو بڻجي. جتي ڪهاڻيءَ جو هڪڙو مک ڪردار مقيم، ياسمين خاطر، اوڙي پاڙي جي لچن لُفنگن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ نه رڳو هر وقت تيار ملي ٿو پر ڪيترن اهڙن موقعن تي عملي طور ياسمين جو تحفظ به ڪري ٿو، جنهن سبب سندن “سنگت” مشهور ٿئي ٿي، اُتي مقيم جي اها سنگت هڪڙي طنزيا جملي جو کاڄ بڻجي ٿي وڃي.
حفيظ ڪنڀر اهو سڄو حادثو ڪمال ڪاريگريءَ سان پيش ڪري، ڪلائيميڪس کي اهڙي طرح پڄاڻي طرف وٺي ٿو اچي جو پڙهندڙ حيران ٿيڻ کان رهي نٿو سگهي. ڪهاڻيءَ ۾ مقيم جي پيءُ ولوءَ کان مقالمو هن ريت چورايو ٿو وڃي؛ “ٻيلي! مون ته ڪي ڪين چيو. بس ان رات سدائين جيان دير سان گهر وريو. ماڻس ڇڙٻيو، مون کان منهن مان ايترو نڪري ويو ته؛ “هجنئي سنگت مڙس ماڻهوءِ سان ته ناس پتو به هجئي. کسين جا يار اهڙا ئي هوندا.”
پڻس ولوءَ جي ان چوڻ تي پنهنجي ماستريءَ جي پهرين پوسٽنگ هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪرائي ٿو ۽ اتي هڪڙي ميٽرڪ جي شاگرد “مڙس ماڻهو” نواز سان سنگت رکي ٿو. جڏهن ياسمين ان ئي ڳوٺ جي وڏيري جي ڪاڄ ۾ وڃي ٿي ۽ مقيم کي ڳولي لهي ٿي تہ مقيم ساڻس هن طرح مخاطب ٿئي ٿو؛ “مئٽرڪ ۾ پڙهي ٿو. سنگت جو به مڙس آهي.”آخر مڙس ماڻهو تہ آهي نه.”
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هن جملي سان ٿئي ٿي. “ياسمين جو زمين تي اڇليل وجود ليلڙائون پائڻ لڳو، “مڙس ماڻهو” جي ٽوڪ اندر ۾ ترار جيان کپي وئي، اکيون ڀرجي آيس. ٻئي ڏينهن ياسمين کي شهر ۾ سڀني ڏٺو پر ٽئين ڏينهن کانپوءِ هن کي شهر ۾ ڪنهن ڪو نه ڏٺو.”
“دڪانداري” هن ڪهاڻي ڪتاب جي پندرهين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ وبائي دور جي فوتگين ۽ اوچتو ڪفن جي ڪپڙي جي مهانگي ٿي وڃڻ جي منظرنگاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ دڪاندار چوي ٿو.”مون تڏهن چيو ته توهان چار آهيو، پر مون وٽ ايترو ڪپڙو ئي ڪونهي.” سيٺ رزاق چيو.”هاڻ سڌي ڳالھه ڪريان. هڪ ڪفن جا ڇھه هزار وٺندس. مون وٽ ڪفن ئي ٽي آهن. چوٿون ڪفن ٻئي هنڌان هٿ ڪري ڏيڻو پوندو.”
ٻئي هنڌ چوي ٿو ته؛ “اڙي يار وضو ۾ آهيان، قسم سان سڌي ڳالهھ پيو ڪريان، وبا پئي هلي، هر پاسي قيامت لڳي پئي آهي، ماڻهن وٽ وقت ڪونهي.”
هن ڪهاڻيءَ ۾ حفيظ ڪنڀر ڪمال ڪاريگريءَ سان صنعتي دور جي عڪاسي ڪئي آهي، جنهن ۾ دڪانداري پنهنجي دينداري، باوضو ۽ قسم سان پيو ٽيڻ تي ڪفن وڪڻي! يعني مارڪس چواڻي صنعتي سماج ۾ هر شيءِ وڪري لاءِ آهي. دينداري، وضو، قسم، ٻيو به گهڻو ڪجھه ۽ مطلب ته سڀ ڪجھه. (ھلندڙ)