اسرائيل کي اهو اندازو نه هو. جيڪڏهن کي ٿورو به خدشو هجي ها ته اهڙو خطرناڪ ڪم اصل نه ڪري ها. هن کي معلوم هجڻ کپندو هو ته دنيا پنهنجن اکين ۽ ڪنن مٿان مفادن جا پٽيون ۽ ٻڙا تمام طاقت سان ڇڏيا آهن. ڇو ته هو نه ٿا چاهن ته انهن تائين دنيا جي مظلومن جون آهون دانهون پهچي سگهن ۽ پاڻ به پسي سگهن ته دنيا جون بي رحم رياستون ماڻهن انسانن جو ڪهڙو حشر ڪري رهيون آهن؟ ان جو پهريون مطلب ته هن دنيا جو ماضيءَ وارو ضمير لالچي بڻجي ويو آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته اڃان به دنيا جي اندر ۾ اهو احساس موجود آهي، جيڪو انسانن کي انسانن سان درد جي ڌاڳي سان جوڙي ٿو.
فيض چيو آهي:
“بڙا هي درد ڪا رشته يه دل غريب سهي”
اهو درد جو وڏو رشتو، جنهن کي اسان جي شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن اڃان به وڏي وسعت عطا ڪئي هئي سو هاڻي وري سوڙهو ٿي رهيو آهي پر پنهنجي لاءِ جا خبر ڪنهن خوشخبريءَ کان گهٽ ناهي ته ايترين سارين سازشن کانپوءِ به اهو درد جو رشتو هن مهل تائين ڪمزور حالت ۾ ئي سگهي پر قائم دائم آهي ۽ دنيا جي دئيت قوتن کي ان مان خوف آهي ته متان دنيا ٻيهر پيار ۽ احساس جي هار ۾ گلن وانگر پوئجي وڃي.
هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن فلسطين جيڏو ظلم ڪندو هو، ان خلاف دنيا ۾ ايترو ئي ردعمل پيدا ٿيندو هو. اها هڪ شرمناڪ حقيقت آهي ته اسرائيل فلسطين جي ماڻهن مٿان ڪڏهن به هلڪو هٿ نه رکيو آهي. انهن مٿان ڪڏهن به نالي ماتر ديا نه ڪئي آهي. اسرائيل جا صيهوني سياستدان اسرائيل کي صرف طاقت جي حوالي سان نه پر پکيڙ ۽ وسيلن جي سلسلي ۾ عرب دنيا جو سڀ کان مهان ملڪ ۽ وڏو ملڪ بڻائڻ جي اسڪيم تي عمل پيرا آهن. اسرائيلن جي انهن ارادن کان عرب ملڪن جا حڪمران ته ڇا پر اتان جو بدو به آگاهه آهن. اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا رکڻ جو ممڪن آهي ته هڪ سبب اهو به هجي. انهن کي اهو خوف آهي ته اسرائيل مسلسل آپريشنون ڪري ۽ مسلسل متحرک رکي فلسطين کي اسرائيل جي دامن جو داغ بڻائي ڇڏيو آهي، ساڳي ريت سڀاڻي هو صرف گولان هائٽس تي نه اردن ۽ مصر جي تاريخي ماڳن مٿان به قابض ٿي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ توريت مان ڪي لفظ آڻي انهن جي اهڙي وضاحت ڪري سگهن ٿا، جن سان انهن جو قبضو وقتي طور قبول ڪيو وڃي.
اسرائيل جي اک پوري وچ اوڀر تي آهي. ان ۾عراق ته ڇا پر ايران به شامل آهي. جڏهن ته سعودي عرب اسرائيل لاءِ اهو سڻڀو گراهه آهي، جنهن جي تمنا انهن سدائين ڪئي آهي. اسرائيل کان بچڻ ۽ پنهنجن ملڪن جو تاريخي تحفظ ڪرڻ ان کانسواءِ ممڪن ئي ناهي ته عرب ملڪن پاڻ ۾ سمورا اختلاف وساري مڙي مٺ ٿي وڃن. اهي پنهنجي اتحاد ۾ايران ۽ ترڪي ته ڇا پر پاڪستان، بنگلاديش ۽ انڊونيشيا جهڙا سمورا ملڪ هڪ متحرڪ ۽ نيٽو کان وڌيڪ طاقتور اتحاد طور شامل ڪري اسرائيل جي ارادن تي پاڻي ڦيري ڇڏين. پر ڇا مسلمان ملڪ اهو ڪجهه ڪندا؟ اميد گهٽ ۽ خدشا گهڻا آهن. ڇو ته اسرائيل هڪ اسڪيم ذريعي مسلمان ملڪن کي بيحس بڻائيندو ويو آهي. ڇا اها حقيقت ناهي ته هن وقت اسرائيل جي هڪ غمگين ۽ گهايل شهر سان جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ايتري شدت جي جنگ جيڪڏهن ماضيءَ ۾غزا مٿان مڙهي وڃي ها ته صورتحال اهڙي نه هجي ها، جهڙي هن وقت نظر اچي رهي آهي.
غزا ۾ زخمين جي مٿان بمباري ڪري معصوم عمرين وارا مريض، عورتون ۽ نرسون ۽ ڊاڪٽر مارڻ کانپوءِ اردن ۽ مصر جهڙا ملڪ به آمريڪا مخالف آواز ڪڍڻ لڳا آهن. ڇو ته ڪجهه به ٿي وڃي پر هن مهل تائين احساس جو آخري دنيا جي دلين کي ٻڌي ويٺو آهي. اهو ڪنهن به ريت مڪمل طور ٽٽي نه سگهيو آهي. جڏهن اسرائيل محسوس ڪيو ته هو قبضي ۽ قتل عام جي جوش ۾ڪجهه اڳتي وڌي ويو آهي ته هن هڪ طرف غزا مٿان زميني حملي واري منصوبي کي في الحال روڪي ڇڏيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو کي آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽريءَ انٿوني بلنڪن عرب رياستن جي سربراهن جا تيور توري هن کي اهو اطلاع ڏنو هجي ته هن جي حق ۾ اسرائيل جي حق ۾ اهو هرگز ناهي ته هن جي فوج ڪتر مشين وانگر غزا ۾ڪاهي پئي. ان سان عرب دنيا اندر وڏو ڀونچال پيدا ٿي سگهي ٿو. پر اسرائيل پاران غزا جي اسپتال مٿان جيڪو هوائي حملو ڪيو ويو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ 500 کان وڌيڪ مريض مري ويا، ان تي پوري عرب دنيا ۾ هڪ غصو پيدا ٿي پيو آهي. ان غصي کي گهٽائڻ ۽ اسرائيل جي پست ٿيل همت کي ڪجهه وڌائڻ لاءِ آمريڪا جي صدر کي پنهنجي اگهي جسم کي ميڊيڪل جي مدد سان ڪجهه تازو توانو ڪري هن کي ڏهن منٽن کان وڌيڪ تقرير ڪرائي وئي ۽ ان ۾ڪو شڪ ناهي ته هو پنهنجي تقرير ۾ بار بار کگهندو به رهيو. هن جوش خطابت جو سوچيو به هوندو پر هن جي ڪمزور دل ۽ نحيف جسم هن جو ساٿ نه ڏنو پر پوءِ به پنهنجي ملڪ جي پاليسي بيان کي هن پوري ريت بيان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. هن صاف طور چيو ته حالتون ڪجهه مختلف آهن پر اسرائيل سان اهو ڪجهه ٿيو آهي، جيڪو ڪجهه آمريڪا سان نائن اليون جي سلسلي ۾ ٿيو هو. جڏهن ته هن ۾ ايتري سگهه باقي نه بچي هئي ته هو سوالن جا جواب ڏئي سگهي، پر هن لاءِ سفيد رنگ وارن اصول پرست صحافين وٽ به تمام گهڻا ۽ انتهائي مشڪل سوال موجود هئا.
اسرائيل جي حمايت ڪندڙ مغربي ميڊيا ۾ ميوزڪ تي رقص ڪندڙ نوجوانن ۽ هڪ اڌڙوٽ عمر جي فرد جي موت جو قصو ته تمام گهڻو هليو آهي پر هاڻي هڪ معصوم ٻار جو مثال بار بار پيش ٿي رهيو آهي. ڄڻ ته مني صديءَ کان وٺي ڪلسٽر بمن سان پرزا پرزا ٿيل فلسطيني ٻار، ٻار ئي نه هئا. ڄڻ ته هو ڪپهه، ڪپڙي ۽ رٻڙ جا گڏا هئا. هڪ طرف هزارين ٻارن جا چچريل لاش ۽ ٻي طرف هڪ ٻار جولاش! جڏهن ته عالمي ميڊيا ۾ اها دعوا تڪرار جي ور چڙهي وئي آهي. اسرائيل مخالف ميڊيا جو خيال آهي ته ٻار جي اها تصوير آرٽيفشل انٽيليجنس (AI) جو ڪارنامو آهي. جڏهن ته هن وقت تائين ٻار جي اها تصوير شايع ڪندڙ آمريڪا جي اخبار نه ڪا ساک پت ڏني آهي ۽ نه اهو چيو آهي ته اهڙي تصوير جي فارنزڪ ٽيسٽ ٿي سگهي ٿي. جڏهن فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي حملي کانپوءِ هڪ ٻار جي قتل سان گڏ عورتن جي ريپ ٿيڻ جا به الزام لڳڻ لڳا آهن. جڏهن ته ڪجهه حماس مخالف عرب اينڪر ۽ دانشور اهو موقف پوري قوت سان رکن ٿا ته هو حماس جا ڪنهن به طور حامي ناهن پر انهن کي معلوم آهي ته حماس اهڙي حرڪت نه ٿو ڪري سگهي. اسرائيلي نارين سان ريپ ٿيڻ جي ڳالهه اسرائيل جي وزير به ڪئي آهي ۽ آمريڪا جي صدر به ورجائي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته هو ٻيئي فلسطين جي مٿان وڏو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. جڏهن ته اسرائيل جي جيلن ۾ فلسطيني عورتن سان جيڪي جنسي زيادتيون ٿيون آهن، انهن جو تفصيل تمام طويل آهي. هن وقت وچ اوڀر ۾ جيڪا باهه ٻري ۽ ٻاري وئي آهي، ان کي وسائڻ بدران جيڪڏهن ان قسم جون تقريرون ۽ ان قسم جا الزام لڳايا ويندا ته امن ان خطي ۾ ڪيئن ايندو؟ امن لاءِ امن جي ٻولي ۽ امن جو لهجو اهم هوندا آهن. هن وقت به حماس ۽ هاڻي حزب الله توڙي انهن جي حامي ملڪن جا لفظ معاملي کي مچائڻ بدران کٽائڻ جي حق ۾ آهن پر اسرائيل جي وزير اعظم جيڪي ڪجهه چيو ۽ ان مٿان آمريڪا جي صدر جيڪي ڪجهه ٻوليو، ان تي پراڻي اردو پهاڪي کي ابتو ڪري ائين لکڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته “ڇوٽي ميان تو ڇوٽي ميان، بڙي ميان سبحان الله.”