ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جا زبون حال اسڪول

Editorial

سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ جيڪي شڪايتون عوام کي آهن، انهن مان گهڻي ڀاڱي صحيح آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ اهڙا اسڪول به موجود آهن، جتي بنيادي سهولتن جو نالو نشان ڪونهي. اهڙا اسڪول سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ موجود آهن. ڇاڪاڻ ته اسڪولن کي ملندڙ فنڊ اسڪولن ۽ شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خرچ ئي ڪونه ٿو ٿئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن کي نه پاڻي پيئڻ جي سهولت آهي، نه فرنيچر آهي ۽ نه ئي اتي ڪي بهتر عمارتون آهن، جتي ويهي اهي تعليم پرائي سگهن. جڏهن ته تعليم کاتي کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت ٻار ڏکين حالتن ۾ به تعليم پرائي رهيا آهن. ڪالهه اهڙيون ئي ڪجهه خبرون رپورٽ ٿيون آهن، جن موجب ميرپور ٻرڙو جي مختلف ڳوٺن ۾ 6 کان وڌيڪ اسڪولن کي تالا لڳل آهن، جڏهن ته عملو غائب آهي. جيڪب آباد جي اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر مختلف اسڪولن تي ڇاپا هنيا آهن. پرائمري اسڪول نثار راجپوت، پرائمري اسڪول پنهل جعفري ۽ پرائمري اسڪول صالح جعفريءَ کي تالو لڳل آهي. سرڪاري پرائمري اسڪول مير جان جعفري ۽ پرائمري اسڪول جاڳڻ چنو کي به تالو لڳل آهي. ان کان سواءِ ميرپور بٺوري ۾ به اسڪول بند لڳو پيو آهي، جنهنڪري ڳوٺانڻ اوطاق کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته عمارت تباهه ٿي وئي آهي، جنهنڪري ٻار اتي تعليم جو عمل جاري نٿا رکي سگهن. ٻئي پاسي ڪڙيو گهنور ۾ گرلز پرائمري اسڪول، غريب آباد، بوائز اسڪول ڪڙيو گهنور جون عمارتون به زبون حال لڳيون پيون آهن.
ڪنهن به ٻار جو اهو بنيادي حق آهي ته اهو جنهن اسڪول جي عمارت ۾ تعليم پرائي ٿو، اها محفوظ هجي. ان جي ڪرڻ جو خطرو نه هجي ۽ نه ئي اها اهڙي زبون حاليءَ جو شڪار هجي جو ٻار سدائين هڪ خوف ۾ تعليم پرائيندا رهن. سنڌ ۾ اسڪولن جي عمارتن جي ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ ۽ ٻارن جي زخمي ٿيڻ جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري انهن واقعن جو ٿيڻ معمول هوندو آهي. پر ڇا اسڪولن جي انتظاميا کي اهو خيال ڪونهي ته انهن کي ايس ايم سي جو فنڊ ملندو آهي. اهو فنڊ اسڪولن جي ضرورتن تي خرچ ڪيو ويندو آهي. پر هتي صورتحال اها آهي جو هتي ايس ايم سي فنڊ هڙپ ٿي ويندو آهي. مٿي جن اسڪولن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي اسڪول به زبون حاليءَ جو شڪار آهن يا جن اسڪولن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، انهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان کان سواءِ تعليم کاتي کي اها جاچ ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن اسڪولن کي ايس ايم سي فنڊ ملي رهيو آهي ته پوءِ اهو خرچ ڇو ڪونه پيو ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مٿي ڄاڻايل اسڪولن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ۽ تعليم کاتو انهن جي مرمت ڪرائڻ ۾ تحرڪ وٺڻ ۾ دير نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button