ايڊورڊ سعيد جو عربي ناول جي حوالي سان هڪ خيال اهو آهي ته جيئن ته عربي ٻولي ۾ صفتن (adjectives) جو استعمال تمام گهڻو ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ئي شايد عربي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ عربي ناول (نثر) ڪا اهم اڳڀرائي نه ڪري سگهيو آهي. ڇو ته ناول جي بنيادي گهرج صفت جي استعمال ڪرڻ بدران فعل (verb) جو استعمال ڪرڻ هوندو آهي. ناول يا ڪهاڻي ۾ جيترو وڌيڪ عمل ٿيندي ڏيکاربو، پڙهندڙ ان ۾ ايتري ئي وڌيڪ دلچسپي وٺندو ۽ هن جو تجسس برقرار رهندو.
اهڙي نموني ننڍي کنڊ جي ناول جي حوالي سان وري خوشونت سنگهه به ملندڙ جلندڙ خيال جو اظهار ڪيو آهي. هو “نيو انڊين فڪشن” نالي هڪ ڪتاب جي تعارف ۾ لکي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ ٽالسٽا، اسڪاٽ يا ڊڪنس جهڙو ڪو وڏو ناول نگار پيدا ٿي نه سگهيو آهي، پر ننڍي کنڊ جي ليکڪن شاعري ۽ ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ مڃايو آهي. ايتري تائين جو خوشونت سنگهه “آگ ڪا درياهه” جهڙو ناول لکندڙ قعرت العين حيدر کي به ليکي ۾ نٿو آڻي.
هتي مان ناول جي حوالي سان پنهنجو اهو خيال به رکڻ گهران ٿو ته ناول ڪنهن تڪرار يا ڏڦير کي نبيرڻ بدران پاڻ هڪ نئين تڪرار يا ڏڦير کي جنم ڏيندو آهي. هڪ اهڙو تڪرار يا ڏڦير جنهن تي نقاد سالن تائين بحث ڪندا رهندا آهن. ناول پنهنجي پڙهندڙ کي پيچيده راهن تي وٺي هلڻ جو نالو آهي. ناول ۾ ڪا به شيءِ اڇي يا ڪاري نه هوندي آهي پر ان ۾ سليٽي رنگ جا هزارين عڪس هوندا آهن. ناول سوالن جا جواب ڏيڻ بدران نوان سوال ڪندو آهي. اهڙا سوال جيڪي اڳ ڪيل سوالن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ هوندا آهن. ناول ۾ سماج، ماحول، انساني فطرت، موت، خدا، ڪائنات، هجڻ ۽ نه هجڻ وارو تڪرار، تهذيب، ثقافت، جنس وغيره جهڙا انيڪ سوال ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. انهن سڀني سوالن کي ملائي “انساني حالت” سڏيو ويندو آهي. مختلف فطري ۽ غيرفطري سببن جي ڪري انساني حالت تي پوندڙ اثر ۽ ان سان گڏ انساني تهذيب ۽ ثقافت ناڪاري يا هاڪاري آهي؟ ناول اهڙا ئي اهم سوال اٿاريندو آهي.
هندستاني ليکڪه اينتا ديسائي پنهنجي ناول “ان ڪسٽڊي” ۾ هڪ ٻولي جو ٻي ٻوليءَ تي حاوي ٿي وڃڻ وارو سوال اٿاريو، ان ۾ هڪ اردو شاعر جو ڪردار ڏنل آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته جيڪڏهن اردو ئي نه بچندي ته اردو شاعري جو وري ڪهڙو مستقبل هوندو؟ هي سوال اسان سنڌين لا به ڏاڍو اهم آهي.
ناول لکڻ به ناول جو موضوع ٿي پيو، جنهن کي ميٽافڪشن سڏجي ٿو. منهنجو آخري ناول “ڪهاڻين جو شهر” انهي موضوع تي لکيل آهي ته ناول ۽ ڪهاڻي ٿيندي ڇا، ان کي ڪيئن لکڻ گهرجي ۽ ليکڪ کي پنهنجي خيالن کي پنهنجي الڳ انداز ۾ اظهارڻ جي آزديءَ جي ڪيتري اهميت آهي. هڪ ناول جو ڪم ساڳي ڳالهه ڪرڻ نه آهي پر ڳالهين کي الڳ انداز ۽ سٽا سان پيش ڪرڻ هوندو آهي.
ناول جي حوالي سان وري سلمان رشدي خيال ظاهر ڪري ٿو ته: “منهنجي خيال ۾ ناول جي فن ڪوبه ڏڪار ڪونهي. عام لفظن ۾ ناول سماج تي سوال اٿارڻ سان گڏ فينٽسي ۽ ان سان گڏ اعترافي بيان جو ميلاپ ٿيندو آهي. اهو ڄاڻ جي سرحدن سان علائقائي سرحدون به پار ڪري ويندو آهي. آمريڪا ۾ ٽام وولف ۽ ٻين پاران نئين صحافت وارو پاڻمرادو نعرو اصل ۾ ناول جي روپ کي چورائڻ جي ڳالهه هئي.” ناول جي حوالي سان وري ترڪي ٻولي جي مشهور ناول نگار اورحان پاموڪ جو خيال آهي ته ناول جو فن ان آرٽ تي آڌريل آهي ته اوهان پنهنجي ڳالهه اهڙي نموني ڪيو جو اها ڪنهن ٻئي جي ڳالهه لڳي، جڏهن ته ڪنهن ٻئي جي ڳالهه وري اهڙي نموني ڪيو جو اها اوهان جي پنهنجي ڳالهه لڳي.
سنڌي پڙهندڙن کي ناول جي باري ۾ ڳالهائڻ ۽ ان تي خيال آرائي ڪرڻ کان پهرين اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ناول ٿيندو ڇا آهي ۽ ان مان اسان ڇا ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا. منهنجو اهو پڻ خيال آهي ته سنڌي ناول هن وقت پنهنجي عروج ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. رسول ميمڻ “ڪتا” جهڙو ناول سنڌي ادب جي جهولي ۾ وجهي چڪو آهي، اڪبر سومري “ترم” جهڙو خوبصورت پوسٽ ماڊرن ناول لکي سنڌي پڙهندڙ کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي، رزاق سهتي جو نفسياتي ناول “عاشق عورت” پڻ هڪ خوبصورت ناول آهي، اختر جو “ڪيفي ادب” يا امر لغاري جو ناول “موکي” جديد سنڌي ناول جا شاندار مثال آهن. اسان جو ناول وڏي وک کڻڻ لا تيار ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن ضرور ان هنڌ وڃي پهچندو جتي اسان ان کي ڏسڻ گهرون ٿا. (پورو ٿيو)