ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انڊيا، اسرائيل ۽ عرب دنيا

مظلومن جي قومپرستي ۽ ظالمن جي قومپرستيءَ ۾ ايترو فرق آهي، جيترو حق ۽ ناحق ۾! جيترو سچ ۽ ڪوڙ ۾! جيترو رحم ۽ ظلم ۾!
اهي خيال امن پسند ۽ انسان دوست ماڻهن جي ذهنن ۾ ان وقت به اٿيا هئا، جنهن وقت هٽلر جا فاشي فوجي هزارين ۽ لکين انسانن کي انتهائي سفاڪيءَ سان اجل جي آغوش ۾ اڇلائيندا هئا. اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻي تڪليف وارو عمل هو. ڇا اهو عمل ڪنهن به ريت جسٽيفاءِ ٿي پئي سگهيو؟ ڇا ڪنهن جو يهودي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ايترو مها پاپ ٿي سگهي ٿو؟ جو هن کي گئس چيمبر واڙي هن جو ساهه ٻوساٽيو وڃي. نه ڪڏهن به نه. دنيا جو ڪو به فلسفو، ڪو به اخلاق ۽ ڪا به حڪمت ان جي اجازت ڏئي نه ٿي سگهي ته ڪنهن انسان کي رڳو مذهب ۽ قوم جي بنياد تي جيئرو جلايو وڃي. اهو تصور ئي انسانيت جي اصولن جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏي. اهو خيال ئي خراب آهي. جڏهن ته ان تي عمل ڪيترو نه ڪنو ۽ ڪرڀ جوڳو هوندو؟
اهي احساس ڪالهه جنهن قوم جي حمايت ۾ سوچيا ويندا هئا، اڄ ان قوم جي خلاف ويچاريا پيا وڃن. ڪالهه يهودي جرمنيءَ ۾ جيئرا جلايا ويندا هئا ته عالمي سطح تي انهن جي حمايت ۾ نه رڳو جمهوريت پسند لبرل پر ڪميونسٽ خيالن جا ماڻهو به انهن جي حمايت کي حق ۽ سچ سمجهندا هئا. پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اها قوم جيڪا ڪالهه مظلوم هئي، سا پنهنجو الڳ ملڪ ملڻ بعد ايتري ته ظالم ٿي ويندي جو اها پنهنجن محسنن جي ٻچن کان نه فقط انهن جي ابن ڏاڏن جي زمين کسي وٺندي پر انهن کي ايترو ته چيچلائي ماريندي جو موت کي به مرندڙ ماڻهن جي مٿان رحم اچي وڃي. هونءَ ته فلسطينين مٿان اسرائيل جي ظلمن جي تاريخ مني صديءَ کان وٺي عرب خون سان تحرير ٿي رهي آهي پر تازو حماس پاران اسرائيل جي مٿان حملو ڪرڻ جي جواب ۾ اسرائيل جهڙي ريت غزا جهڙي ڳتيل آباديءَ واري ننڍڙي شهر کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتان جنهن قسم جون خبرون عالمي ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون، اهو سڀ ڪجهه انتهائي ايذائيندڙ عمل بڻجي ويو آهي.
اسرائيل جي انسان سوز عملن خلاف اسلامي دنيا جو ردعمل افسوس جوڳو آهي پر اها هڪ خوش آئنده ۽ دل کي دلاسو ڏيندڙ صورتحال آهي ته نه اولهه جي ملڪن ۾ اسرائيل جي جنگي جنون کي اتان جا ماڻهو سخت لفظن ۾ نندي رهيا آهن. گذريل ڏينهن لنڊن شهر ۾ جهڙي ريت ٽن لکن جي انگ ۾ انسان ڪٺا ٿيا ۽ انهن غزا مٿان مسلسل بمباري ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ پورو شهر مقتل ۾ تبديل ڪرڻ خلاف جيڪو احتجاج ٿيو، ان انسانيت جا حوصلا وڌايا آهن. وڏي ڳالهه اها به آهي ته هن جنگي جنون ۾ هميشه وانگر جهڙي ريت آمريڪا اسرائيل جو ساٿاري ٿي بيٺو آهي پر آمريڪا جو عوام ۽ اهو به نيويارڪ جا شهري جهڙي ريت اسرائيل جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي جهڙي ريت هو غزا جي ماڻهن لاءِ پنهنجي غم جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو اتساهيندڙ آهي. پر ان سلسلي ۾ ڪجهه ڳالهيون هن دور ۾ وڏي حيرت جو ڪارڻ بڻجي ويون آهن. انهن ڳالهين جا تفصيل ته تمام طويل آهن پر جيڪڏهن پاڻ مختصر طور فقط انهن معاملن جي موضوعن تائين محدود رهون به ته تمام مشڪل صورتحال جو منظر پيش ٿي رهيو آهي.
ميڊيا جي معرفت دنيا جي باري ۾ ٿوري گهڻي معلومات رکندڙ ماڻهن کي ڄاڻ هئي ته اسرائيل مٿان حماس ان مهل حملو ڪيو، جڏهن هو فيل مست بڻجي عرب دنيا ۾ سفارتي سوڀون ماڻيندو ۽ فلسطين جي بنيادي انساني حقن کي پنهنجن ڀاري پيرن هيٺان ڀيليندو پئي ويو. جڏهن اسرائيل مٿان حماس حملو ڪيو ۽ ان حملي جي جواب ۾ جڏهن اسرائيل فلسطين جي پرامن شهرين مٿان بارودي دوزخ جا در کولي ڇڏيا ۽ ماڻهن جي گهرن کي ملبي جا ڍير بڻائڻ تائين محدود رهڻ بدران جڏهن اسرائيل غزا ۾ اسپتالن کي به بمن ۽ ميزائلن جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ جيڪي عرب ملڪ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ وارا هئا، سي ته ترت رڪجي ويا پر جن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا، انهن به اسرائيل جي مٿان سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن ملڪن جي حڪمرانن کي پنهنجي عرب عوام جو خوف محسوس ٿيو هجي ۽ انهن کي اهو خدشو هجي ته متان انهن مٿان انهن جو عوام ڪاوڙجي پوي. پر ان سلسلي ۾ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايشيا جو اهو ملڪ جنهن آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جو بنياد وڌو هو. جنهن تاريخ ۾ مذهبي فرق هجڻ جي باوجود فلسطين جي عوام جي حمايت ڪئي هئي. جنهن تي پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪردار تي سدائين آزاد عالمي حلقن ۾ ساراهه جا ٻول ٻڌا ويا. اڄ اهو ملڪ نه صرف فلسطين جي مظلوم ماڻهن جي مٿان ٿيندڙ اسرائيلي ظلم جي نندا نه ٿو ڪري پر هو تاريخ جي هن تلخ موڙ تي اسرائيل سان گڏ بيهڻ ۽ ان جي مڪمل طور حمايت ڪرڻ جو شرمناڪ عمل ڪري نه صرف دنيا پر پاڻ پنهنجي تاريخ کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ملڪ جنهن کي ڪڏهن پنهنجي جمهوريت ۽ پنهنجي سيڪيولرزم مٿان ناز هو، اڄ اهو ملڪ تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ڪوڙي شاهد وانگر شرمسار بيٺل نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ هن مهل تائين ان ملڪ جو نالو نه لکيو آهي پر پوءِ به پڙهندڙن جي ذهنن ۾ اها شي چٽي نموني اڀريل آهي ته اهو ملڪ ڀارت کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڀارت هونءَ ته هڪ ڀانت ڀانت جي قومن، ٻولين ۽ عقيدن وارو ملڪ رهيو آهي پر ڀارت جي اها متضاد صورت ان جي جمهوريت ۽ سيڪيولر پاليسيءَ سبب منظم ۽ متحد رهي آهي پر جڏهن کان وٺي ڀارت هندو شائونسٽ نريندر موديءَ جي حڪومت هيٺ آيو آهي، تڏهن کان وٺي ڀارت پنهنجي ماضيءَ کي ملياميٽ ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي حال کي بي حال بڻائڻ ۾ هن ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.
اها هڪ عام حقيقت آهي ته ڀارت جي مڊل ڪلاس تمام گهڻي محنت ڪري پنهنجي ملڪ کي معاشي ميدان ۾ مضبوط ڪيو آهي پر مودي حڪومت ڀارت کان اهو بنياد کسي ورتو آهي، جنهن تي ڀارت کي آزاديءَ کان پوءِ اڏيو ويو هو. ڀارت ۾ هندو قومپرست حڪومت هڪ ته اتان جي مسلمانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جهڙي ريت ڪشمير کي قانوني طور قيد ڪيو آهي، اهو ان جو ٻيو شرمناڪ عمل آهي پر تازو مني پور ۽ ڪجهه ڀارتي رياستن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اهو ڀارت جي تاريخ ۾ سوچڻ به مشڪل هو. ساڳي ريت ڀارت هن مهل پنهنجي حڪومت جي حوالي سان جنهن تباهيءَ جي رستي تي هلي پيو آهي، ان جي منزل اهائي آهي، جيڪا هن مهل تائين ظالم ۽ جابر قوتن جي رهي آهي. هن وقت مودي حڪومت اسرائيل جي ائين حمايت ڪري رهيو آهي، جيئن اتي يهودين جي نه پر هندن جي حڪومت هجي.
ڀارت اسرائيل جي حمايت ۾ جيڪي بيان جاري ڪيا آهن، انهن کي اوچتا بيان قرار ڏيڻ ڏکيو عمل هوندو. ڇو ته اسرائيل سان ڀارت ڪافي وقت کان وٺي ويجهڙائي رکندو پيو اچي. ڀارت جي جاسوس اداري “را” ۽ اسرائيل جي مشهور ايجنسي “موساد” ۾ ايترو ته عملي طور ويجهو لاڳاپو رهيو آهي، جو تمام گهڻين رپورٽن مطابق ڀارت ڪشمير جي آزاديءَ واري تحريڪ ڪچلڻ جي حوالي سان موساد کان مدد گهري آهي ۽ موساد ڀارت کي اهي پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، جيڪي هن فلسطينن جي خلاف استعمال ڪيون آهن. ان حوالي سان ڀارت هڪ تمام گهڻي خطرناڪ ۽ انتهائي شرمناڪ راند کيڏي رهيو آهي. جڏهن ته ڀارت کي معلوم هجڻ گهرجي ته انساني زندگي ڪا ڪرڪيٽ جي وڪيٽ ناهي، جيڪا بم جي بال سان ڪيرائي ڇڏبي ته ان کي ٻيهر سڌو ڪري بيهارڻ ۾ ڪا مشڪل محسوس نه ٿيندي.
ڀارت اسرائيل سان گڏ بيهي جهڙي ريت فلسطين جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي، ان سان هن جا عرب دنيا ۾ مفاد خطري جي دائري ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ڀارت تمام گهڻي ڪوشش سان عرب دنيا ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا آهن. هن وقت هزارين نه پر لکين ڀارتي عرب ملڪن ۾ نوڪريون ڪن ٿا. جيڪڏهن ڀارت اسرائيل جو ايترو وڏو حامي ٿي پيش ٿيندو ته هن لاءِ عرب دنيا اندر مشڪلاتون پيدا ٿيڻ هڪ فطري شي هوندو. ان سلسلي ۾ ڀارت جا ذهين ۽ مثبت سوچ وارا سياسي مبصر ڀارت جي اسرائيل نواز پاليسيءَ کي پنهنجي ملڪ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ انهن جي سوچ صحيح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button