اهو حقيقي انقلابيءَ جو شيوو نه هئڻ گهرجي ته هو ڪنهن به مبالغي کان ڪم وٺي. جيئن اسان وٽ هڪڙا جڙتو “انٽرنيشنلسٽ” هر وقت انقلاب جي آمد آمد جون خوشخبريون ڏيندا آهن. ان سلسلي ۾ لينن هڪ ڀلي ڳالهه ڪئي هئي ته: “اصل انقلابيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏو، شايد واحد خطرو انقلابيت جو وڌاءُ ڪرڻ ۽ انهن حدن ۽ حالتن، جن ۾ انقلابي طريقا ڪاميابيءَ سان ڪتب آڻي سگهجن ٿا، کي نظرانداز ڪرڻ آهي.” (لينن: ڪل لکڻيون، جلد ٽيٽيهون)
سو، پهرين ته اسان کي اهڙي ڪنهن به مبالغي کان پاڻ بچائيندي، حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ درست مارڪسي-لينني طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، عوام آڏو اهڙا نعرا نه هڻڻ گهرجن، جن جو ڪو کڙ تيل نه نڪري، آخر ۾ اهو ئي عوام مايوس ٿي اهڙن نعرن کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏيئي. هر اهو سياسي ۽ انقلابي نعرو جيڪو هڪڙي دور جي مخصوص سماجي حقيقت سان لاڳاپو نٿو رکي، جلد پنهنجو ڪارج وڃائي ويهي ٿو، جڏهن ٻئي دور ۾ ان جي ضروت پيدا ٿئي ٿي ته ان (نعري) جي ٻيهر اهميت بحال ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچن ٿيون. بهرحال، پروپئگنڊا ۽ سياسي هلچل ۾ انقلابي وڌاءُ جو امڪان هر وقت رهي ٿو، پر انقلابي قيادت جي اها ذميواري آهي ته، هو ٺوس تاريخي بنيادن کان ڪٽيل اهڙن نعرن کي اڳتي ڪرڻ کان احتياط ڪري. اها ليفٽ جي وڏي بدقسمتي آهي جو اڄ به اهڙا “انقلابي” آهن جيڪي بالشيوڪ ماڊل کي جيئن جو تيئن نقل ڪري هتان جي حالتن تي لاڳو ڪرڻ گهرن ٿا. حالانڪه لينن پاڻ هڪ سئو سال اڳ سوويت سوشلسٽ ماڊل کي هر ملڪ تي جيئن جو تيئن مڙهڻ جي مخالفت ڪئي هئي. هن ان ڳالهه کي رد ڪيو هو ته، اولهه ۾ سوشلسٽ انقلاب ۽ اسٽريٽجڪ تجويزن کي اوڀر جي ملڪن ۾ ميڪانيڪي طور لاڳو ڪيو وڃي يا غيرتنقيدي نموني سوويت تجربي کي انهن ملڪن ۾ ورجايو وڃي. جيئن هن چيو هو: “ڪو اهڙو فرمان جاري ناهي ٿيو جو دنيا جي سڀني ملڪن کي بالشيوڪ انقلابي ڪيلينڊر مطابق هلڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙُو فرمان جاري ٿيل به هجي ها ته تڏهن به ان تي عمل نه ڪيو وڃي ها.” (لينن: ڪل لکڻيون، جلد اڻويهون) يا جيئن هو اهو به چئي ٿو: “اسان کي ٻين ملڪن جي ارتقا جي هر منزل جي اڳڪٿي ته ضرور ڪرڻ گهرجي پر ماسڪو مان ڪنهن به قسم جا فرمان هرگز جاري نه ڪرڻ گهرجن.” (ساڳو)
پر لينن کي اها خبر نه هئي ته پاڪستان نالي هڪڙي قومن جي قيد خاني ۾ اهڙا “انقلابي” به پيدا ٿيندا جيڪي هر ظلم جو جواب، سوشلسٽ انقلاب جي نعري سان ڏيندا!! اها يوٽوپينزم آهي نڪي مارڪسزم!! جڏهن اسان هر ظلم جو جواب سوشلسٽ انقلاب سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان پاڻ کي اڻ لاڳاپيل بڻائي ڇڏينداسين. ڇاڪاڻ ته هر ظلم جو جواب سوشلسٽ انقلاب سان ڏيڻ کان اڳ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان ظلم جي نوعيت ۽ صورت ڪهڙي آهي؟ جنهن سماجي ڏاڪي تي ان ظلم جي اها صورت اڀري آهي، ان جي تاريخي ارتقا جو مرحلو ڪهڙو آهي؟ اهو عوامي انقلاب جي ڏاڪي تي بيٺل آهي، بورجوا جمهوري انقلاب جي ڏاڪي تي بيٺل آهي يا قومي آزاديءَ جي انقلاب جي ڏاڪي تي بيٺل آهي؟ جيڪڏهن انهن حقيقتن کان منهن موڙي اسان اهڙا نعرا کڻي اينداسين ته اسان پاڻ کي ئي اڻ لاڳاپيل بڻائينداسين. پاڪستاني ليفٽ جي اهڙي اپروچ جي ڪري ئي پاڪستان جا “انقلابي” نه انقلابي پارٽي بڻجي سگهيا آهن ۽ نه ئي انقلابي سياست لاءِ پورهيت عوام ۾ رضامندي پيدا ڪري سگهيا آهن. هو ان حقيقت سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ته پاڪستان جي تضادن ۽ ٽڪرائن جي نوعيت روس ۽ اولهه جي ٻين ملڪن کان بنهه مختلف آهي، هو اڃا تائين ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته پاڪستان ڪنهن سوشلسٽ انقلاب نه پر قومي آزاديءَ جي انقلابن جي چائنٺ تي بيٺل آهي. اصل سوال انهن انقلابن ۾ مداخلت ڪري، انهن کي هجيمنائيز ڪرڻ يا ان جي اڳواڻي ڪرڻ جو آهي. لينن جي ٻين کوڙ ڪارنامن مان هڪ ڪارنامو مخصوص تاريخي سوالن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ تاريخي شعور سان هٿياربند مزدورن (يا مزدورن جي وينگارڊ پارٽي) جي “هجيمني” (اڳواڻي/مهنداري) جو تصور ڏيڻ پڻ آهي. جيتوڻيڪ مارڪس ۽ اينگلز به انقلاب ۾ پورهيت طبقي جي هجيمونڪ ڪردار جي نشاندهي ڪن ٿا، پر انهن وٽ هجيمنيءَ جو تصور ابتدائي سطح جو آهي، ان کي هڪ سرشتيوار تصور ۾ تبديل ڪرڻ لينن جو ئي ڪارنامو آهي. لينن1902ع ۾ هجيمنيءَ جي تصور تي ڳالهائيندي چئي ٿو:
“اهو اسان جو سڌو فرض آهي ته اسان هر لبرل سوال سان پاڻ کي جوڙيون، ان ڏانهن پنهنجو سوشل ڊيموڪريٽ رويو طئي ڪيون، پرولتاريءَ جي ان جي حل ۽ پنهنجي (پرولتاري) طريقي سان ان جي مڪمل نبيري لاءِ سرگرم حصو وٺڻ ۾ ان جي مدد ڪيون. اهي جيڪي ان طريقي سان جڙڻ ۾ پاڻ کي (پوءِ انهن جي نيت کڻي ڪهڙي به هجي) روڪين ٿا، اهي اصل ۾ لبرلز کي ڪمانڊ ڏئي ڇڏين ٿا، پورهيتن جي سياسي تعليم انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏين ٿا، ۽ اڳواڻي (هجيمني) انهن عنصرن حوالي ڪري ڇڏين ٿا جيڪي، آخري تجرئي ۾، بورجوا جمهوريت جا رهنما آهن.” (لينن: ڪل لکڻيون، جلد پنجون)
لينن بعد ۾07-1905ع واري روس جي بورجوا جمهوري انقلاب ۾ هجيمنيءَ جي تصور کي مينشيوڪن سان بحث ۾ وڌيڪ ترقي ڏني. مينشيوڪن بورجوا جمهوري انقلاب ۾ بورجوا پارٽين جي اڳواڻيءَ تي زور پئي ڏنو ته لينن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽين (ان وقت ڪميونسٽ پارٽين کي سوشل ڊيموڪريٽ چيو ويندو، جيڪي اڄوڪين سڌارپسند سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽين کان بنهه مختلف هيون.) تي. تنهنڪري، اهو ڪميونسٽ پارٽين جو فرض آهي ته هر انقلابي جدوجهد ۾ مداخلت ڪري ان کي هجيمنائيز ڪن، پوءِ اها جدوجهد بورجوا جمهوري هجي، عوامي هجي يا قومي آزاديءَ جي انقلابن جون تحريڪون هجن، انهن ۾ مداخلت ڪري ڪميونسٽن کي انهن جي مهندار قوت ٿيڻ گهرجي. ان پيرائي ۾ ئي اسان اڳ ۾ به سنڌ جي ڪميونسٽن سان مخاطب ٿيا آهيون ته جيستائين اوهان پنهنجو تعلق مظلوم قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن سان نه جوڙيندئو توهان جي جدوجهد ۽ سسفيس جي پورهئي ۾ ڪو فرق نه رهندو! پاڪستان ۾ هن وقت جيڪڏهن حقيقي انقلابي تحريڪون هلي رهيون آهن ته اهي صرف ۽ صرف قومي آزاديءَ جون تحريڪون ئي آهن. پاڪستان جي حڪمران طبقي ۽ ان جي بيٺڪي رياست جو سڄو ظلم، بربريت ۽ رجعت پرستي مظلوم قومن جي محڪوميءَ ۽ انهن جي والار تي بيٺل آهي، جيڪڏهن ڪميونسٽ قوتون ان ظلم، بربريت ۽ رجعت پرستيءَ جا بنياد ختم ڪرڻ چاهين ٿيون ته سڀ کان پهرين قومي آزاديءَ جي انقلابي تحريڪن جي نه رڳو حمايت ڪئي وڃي، پر ان ۾ عملي شموليت اختيار ڪئي وڃي. اهي پاڪستان جي مظلوم قومن جون آزاديءَ جون انقلابي تحريڪون ئي آهن جيڪي ظلم، بربريت ۽ رجعت پرستيءَ خلاف حقيقي انقلابي ويڙهه وڙهي رهيون آهن. ڪميونسٽن کي انهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي. انهن جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڪميونسٽن جي هر جدوجهد هن رياست ۽ ان جي حڪمران طبقي جي ظلم، بربريت ۽ رجعت پرستيءَ کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بدلجي وڃي ٿي، اها انقلابي نه پر اسٽيٽس ڪو جي سياست ۾ بدلجي وڃي ٿي. دنيا ۾ اسان کي ان جا ڪيترائي مثال ملي ويندا، جو ڪميونسٽن قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. پوءِ اهي ويٽنام جا ڪيمونسٽ هجن يا چين جا، عوامي جمهوري ڪوريا جا هجن يا سامراج دشمن قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندڙ آفريڪا جا ڪميونسٽ، انهن جتي ڪٿي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي. پر اها ڳالهه پاڪستاني ڪميونسٽ سمجهڻ کان قاصر آهن. اهي جڙتو “انٽرنيشنلسٽ” مظلوم قومن جي انقلابي آزاديءَ جي جدوجهد جا منڪر آهن، تنهنڪري، اهي رجعت پرست ۽ هن ڪٽر پڻي تي ٻڌل سرشتي جا حامي آهن.
سو، هڪ ڪميونسٽ جن حالتن ۾ پنهنجي جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هو ان جي مخصوص ڪليت جو ٺوس (گهڻ پاسائون) ادراڪ نٿو رکي ته رڳو هو دڦ ۾ داڦوڙا ٿو هڻي. اصل ۾ ڪليت (Totality) يا عضوياتي ڪل (Organic Whole) جو تصور، جيڪو مختلف جزن (Parts) جي حيثيت ۽ ڪردار کي طئي ڪري ٿو، جيڪي ان جو تعين ڪن ٿا، مارڪس جي سائنسي دريافت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. اهڙيءَ ريت مارڪسي تصور “پيداواري طريقو” هڪ اهڙي ڪليت آهي جيڪا پنهنجي ترڪيبي جزن (معاشي، سياسي ۽ نظرياتي) لاءِ مخصوص ڪردار ۽ هنڌ مقرر ڪري ٿي. مخصوص ڪليت جي تشڪيل يا ڪنجنڪچر لينن جي سائنسي سياسي عمل جي تخليق ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.
ڪنجنڪچر، يا موجوده لمحو، ڪنهن به سماجي تشڪيل ۾ ۽ ڪنهن وقت يا زماني ۾ سماجي تضادن ۽ طبقاتي قوتن جي توازن جي ميلاپ جي مخصوص حالت هوندي آهي. ڪنجنڪچر مختلف طبقن جي نسبتي قوت، سندن شعور ۽ جدوجهد جي شڪلين، سندن هڪٻئي ۽ رياست سان تعلق جي وضاحت ڪري ٿو. ڪنجنڪچر جو ڪردار ڪميونسٽن کي سماجي تضادن ۽ انقلابي جدوجهد جي فطرت ۽ حد بابت ڄاڻ ڏئي ٿو، پر اهو ان تشڪيل جي سماجي عمل ۾ انقلابي مداخلت جي ڪردار، صورتن ۽ حدن جو تعين پڻ ڪري ٿو.
ڪنجنڪچر جو تصور نظرياتي ۽ سياسي عمل، سماجي حقيقت جي سائنسي سمجهه ۽ ان ۾ انقلابي مداخلت جي اتحاد جي تجسيم آهي. جيڪڏهن ان (ڪنجنڪچر) جو ڪم نظرئي ۽ عمل جو اتحاد آهي ته پوءِ سموري ڪميونسٽ نظرياتي عمل جو رخ ڪنجنڪچر جي ڄاڻ، ان ۾ انقلابي مداخلت جي گهرج پيدا ڪرڻ ڏانهن ئي هئڻ گهرجي.
ليننزم، طبقاتي جدوجهد جي مرڪزيت تي زور ڏيڻ باوجود ان کي تجريد ۾ ڏسڻ بدران ان کي تضادن جي ڪثرت ۾ ڏسي ٿو. ساڳي وقت هو طبقي ۽ ٻين تضادن، جيڪي ڪنجنڪچر جي ڪردار جو تعين ڪن ٿا، جي گڏيل تعلق کي تسليم ڪري ٿو. هو اهو چئي ٻين تضادن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري ته هر تضاد جي ماءُ جيئن ته طبقاتي تضاد آهي، تنهنڪري، ان کي حل ڪيو ته باقي ٻيا سڀ پاڻهي حل ٿي ويندا، ليننزم اهڙي روش کي نندي ٿو. بنيادي طور ڪنجنڪچر يا اهڙي صورتحال، جنهن ۾ ڪميونسٽن کي پنهنجي جدوجهد جو تعين ڪرڻ گهرجي، ان جا ٽي درجا ٿي سگهن ٿا.
- سماجي طور مستحڪم ڪنجنڪچر: اها اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ سرمائيداراڻا تضاد موجود ته هوندا آهن پر اهي ڌماڪاخيز (انقلابي) نقطي تي نه پهتل هوندا آهن، ان ۾ سرمائيداريءَ بغير ڪنهن مزاحمت جي هموار طور ترقي ڪندي آهي.
- بحراني ڪنجنڪچر: ان ۾ سرمائيداري پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مختلف سطحن تي پنهنجي نئين سر تشڪيل ڪندي آهي. پر رياستي اقتدار سرمائيدار طبقي جي هٿن مان نڪرڻ جون حالتون اڃا پچي راس نه ٿينديون آهن.
- انقلابي يا عبوري ڪنجنڪچر: ان ۾ رياستي اقتدار حڪمران طبقي جي هٿن مان کسجڻ جا امڪان پيدا ٿيڻ لڳندا آهن.
هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن معاملو پاڪستان جهڙين رياستن جو ايندو ته اتي ڪنجڪچرل تجزئي وقت تضان جي نوعيت جو به تعين ڪبو ته ڪهڙا تضاد بنيادي ۽ ڪهڙا ثانوي صورت اختيار ڪري ويل آهن. اهو به ڏسبو ته طاقت جو توازن ڪهڙي تضاد جي پاسي آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ بنيادي تضاد جي نوعيت جو تعين ڪجي ته هتي مظلوم قومن جو هن بيٺڪي رياست سان تضاد بنيادي صورت اختيار ڪري ويل آهي ۽ طاقت جو توازن بيشڪ ان جي پاسي ئي آهي. تنهنڪري ڪميونسٽ ڌرين جي سياست جيڪڏهن ان دائري کان ٻاهر ويندي ته اها بيٺڪي رياست کي مضبوط ڪرڻ جي سياست کان سواءِ ڪجهه به نه رهندي.
موجوده کاٻي ڌر جو بنيادي الميو ئي اهو رهيو آهي ته هو ان ڄاڻايل صلاحيت کان وانجهيل رهيا آهن. يا هو ان سوال جو تعين ڪرڻ کان قاصر آهن ته پاڪستان ۾ موجود صورتحال ڪهڙي آهي؟ پاڪستان جي بحران جون موجوده شڪيلون ڪهڙيون آهن، ان جي تضادن جون اڀريل ۽ حاوي صورتون ڪهڙيون آهن، ان ۾ سرمائي کي گڏ ڪرڻ ۽ ارتڪاز جو بنيادي وسيلو رڳو مزدور جو استحصال آهي يا بيٺڪن (سنڌ، بلوچستان وغيره) جي وسيلن جي ڦرلٽ پڻ؟ ان جو عالمي سامراجي سرشتي سان تعلق ڪيئن آهي، آيا ان جو روايتي سامراجي طاقتن سان تعلق جيئن جو تيئن آهي يا چين جي شڪل ۾ جيڪي نيون سامراجي طاقتون اڀري رهيون آهن ان جو انهن ڏانهن جهڪاءُ وڌيڪ آهي؟ پاڻ پاڪستان کان ٻاهر سرمائيدار دنيا ۾ هن وقت ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن وغيره. انهن سوالن تي اسان کي مايوسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پلئه نه پوندو! هڪ اجايو پورهيو، جنهن جو نه کڙ نه تيل! وڌ ۾ وڌ هيءُ جواب ملندو ته، “چي اسان “نظرياتي احياءُ” کان پوءِ هاڻي “عمل” جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون”! اسان جي هڪڙي بدقسمتي اها به آهي جو اسان وٽ “عمل” جو تصور تجريدي يا هڪ پاسائون آهي، يعني عمل جو ذڪر اچڻ سان اسان جي ذهن ۾ جيڪو پهريون تصور اڀرندو اهو سياست جو ميدان هوندو! جڏهن ته سياسي سرگرمي عمل جو هڪڙو دائرو آهي، ان جو ٻيو ميدان دور جي مخصوص ۽ بنيادي سوالن کي ٺوس بنيادن تي کڻي انهن جا جواب ڳولي ان جي بنياد تي سياسي سرگرميءَ جو تعين ڪرڻ آهي. پنهنجي اصولي انقلابي پوزيشن وٺڻ آهي.
(پورو ٿيو)