ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قانون، ڪرپشن ۽ جهنگ

Editorial- Article- Umer Qazi

نسلا ٽاور جي ڊاهڻ خلاف گذريل ڏينهن جيڪو احتجاج ٿيو، اهو ڪنهن جي خلاف هو؟ ان سوال تي پاڪستان جي هر نيوز چينل اشارن اشارن ۾ ڳالهه ته ڪئي پر ان ڳالهه کي کليل طرح سان ڪير ٿو ڪري سگهي؟ اهو هڪ وڏو چئلينج آهي. ڇو ته ملڪ ۾ تمام گهڻا معاملا اهڙا آهن، جن جي باري ۾ اسان واضح طور تي ڪجهه چئي يا پڇي به نه ٿا سگهون. انهن معاملن ۾ هڪ ته جمهوريت جي آزادي آهي ۽ ٻيو معاملو اهو آهي، جنهن جي باري ۾ اسان لکيل اکرن ۾ نه ٿا لکي سگهون.
پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو انتظامي بي ضابطگي آهي. اسان سڀني کي معلوم آهي ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کان وڌيڪ وڏو ڏوهه ان قوت جو آهي، جنهن کي تمام گهڻي وقت کان وٺي “بلڊر مافيا” جي نالي سان پڪاريو ويندو آهي. ڪراچيءَ جي زمين تي قبضا ڪرڻ ۽ راتو رات تمام گهڻو امير ٿيڻ جو اهو سلسلو ڪڏهن شروع ٿيو؟ ان باري ۾ تحقيقاتي ڪم جي تمام گهڻي ضرورت آهي پر اسان پنهنجين اکين سان اهو ڏٺو آهي ته هي شهر هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ سوڙهو ڪيو ويو آهي. هن مهل جيڪڏهن شهر ۾ ٽريفڪ هڪ تمام وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي ته ان جو سبب صرف اهو ناهي ته بينڪن ماڻهن کي آسان قسطن تي ڪارون سپلاءِ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته شهر ۾ منظم طرح سان جيڪي غير قانوني قبضا ٿيا آهن، انهن جو ڪو حل نڪري نه سگهيو آهي. ڇا اها ڳالهه اهم ناهي ته جنهن صدر ۾ ڪنهن جو ڪشادو گهر هو، ان کي خريد ڪري جيڪڏهن ان مٿان سورنهن سترنهن ماڙ اپارٽمينٽ جوڙيو ٿو وڃي ته ان سان رش ته ٿيندي. ان جو حل ڪهڙو آهي؟

سنڌ سرڪار ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جي انتظاميا جهڙي طرح نالن جي مٿان قبضا ٿيڻ ڏنا آهن ۽ انهن قبضن کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ جيئن رشوت ورتي وئي آهي، ان سان ڪراچيءَ جا نه رڳو سرڪاري پلاٽ پر شهر جا روڊ رستا به قبضي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي لاءِ چرڻ ڦرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ان باري ۾ عدالت ڪجهه ڪري ٿي ته عدالت جي آڏو ڪيترائي جائز ۽ ناجائز مثال پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ وڪيل اهڙا دليل ڏين ٿا جو انهن کي ٻڌي اسان کي به لڳي ٿو ته آخر ان جو حل ڪهڙو آهي؟
ڪراچيءَ ۾ جهڙي طرح آباديءَ جي واڌ ٿي آهي، ان حساب سان ماڻهن کي گهر ته گهربل آهن. هاڻي جڏهن بلڊر پنهنجي خاص طريقي سان پلاٽ حاصل ڪري ۽ انهن جي مٿان فينسي قسم جا فليٽ ٺاهين ٿا ته ماڻهو انهن کي وٺڻ جي لاءِ مجبور هجن ٿا پر جڏهن اهي معاملا عدليا ۾ پهچن ٿا ۽ عدليا ڪاغذن جي پڙتال ڪري انهن کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ٿي ته ماڻهن کي پنهنجو سرمايو ٻڏل نظر اچي ٿو ۽ ان صورت ۾ انهن جي لاءِ احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪهڙي واٽ ٿي بچي؟ ماڻهن جو اهو حق آهي ته جڏهن هو پنهنجي عمر بچت کي گهر لاءِ استعمال ڪندي اهو سوچين ٿا ته انهن کي آخر ۾ پنهنجي ڇت هيٺان سڪون سان ڏينهن گذارڻ گهرجن ته پوءِ انهن جي مٿان اهڙا فيصلا وڄ بڻجي ڪرن ٿا. ان صورت ۾ ڪو ماڻهو عدالت کي ته ڪنهن به طرح سان مجبور ڪري نه ٿو سگهي. هو ظاهر آهي ته بلڊر خلاف واويلا ڪري ٿو ۽ بلڊر جڏهن متاثر ٿيڻ وارن کي مجبور ڪري شهر جي اهم ترين شاهراهه تي مظاهرا ڪن ٿا ته ان جو حل ڪهڙو هجي ٿو؟ جڏهن ماڻهو سمورا معاملا ٺيڪ طرح سان ڏسي ٿو ته هن کي اهو احساس ٿيڻ لڳي ٿو ته هن ۾ يا ته سڀ قصوروار آهن يا سڀ بي قصور آهن. ڇو ته جڏهن انهن غيرقانوني پلاٽن جي مٿان قبضا ٿين ٿا، ان وقت به قانون حرڪت ۾ نه ٿو اچي ۽ جڏهن ان تي تعمير جو ڪم شروع ٿئي ٿو ته ان وقت به ڪنهن جي اک نه ٿي پٽجي. پر جڏهن ان کي خريد ڪري ماڻهو ان ۾ رهڻ شروع ڪن ٿا، تڏهن ان کي ڊاهڻ ۽ مسمار ڪرڻ جا حڪم جاري ٿين ٿا. ان حالت ۾ جيڪڏهن ڪوئي احتجاج به ڪري ٿو ته ان کي قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ پوليس روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿي. ان حوالي سان جيڪو به ماحول خراب ٿئي ٿو، ان جي ذميواري جي سلسلي ۾ اسان ڪلها تلاش ڪريون ٿا ته آخر اهو بار ڪنهن جي مٿان وجهون؟

اهڙن ڏوهن ۽ بيقاعدگين جو بار جن ڪلهن تي وجهڻ گهرجي، انهن جو ته ڪوئي نالو کڻڻ لاءِ به تيار نه ٿو ٿئي ۽ ٿيندو به ڪيئن؟ ان صورت ۾ هر ڪوئي ان طرف هٿ وڌائي ٿو، جتي هٿ پئجي سگهي ٿو. ان ۾ اهڙين قوتن جا نالا به اچن ٿا، جن جي باري ۾ اسان کي کليل طرح سان ڳالهائڻ جي منع ٿيل آهي.
هن وقت نسلا ٽاور جي سلسلي ۾ اهو دليل به پيش ڪيو وڃي ٿو ته ڇا صرف شهر ۾ نسلا ٽاور ئي غيرقانوني آهي؟ ڇا ٻيا غيرقانوني قبضا ناهن؟ بلڪل آهن. پر سوال اهو آهي ته آخر ڪٿان ته شروعات ٿيندي! ان ڳالهه جو مطلب اهو ناهي ته نسلا ٽاور جي سلسلي ۾ ڪائي فيصلائتي ڳالهه ڪجي ٿي. نسلا ٽاور جي باري ۾ آخري فيصلو ته عدليا جو ئي هوندو پر جيڪي قوتون ان قسم جي غيرقانوني منصوبن کي قانوني صورت ڏيڻ لاءِ ڪرپشن ڪن ٿيون، آخر انهن جي مٿان به هٿ پوڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته اسان جو اصل سرمايو اسان جو قانون آهي ۽ اسان کي هر حال ۾ پنهنجي قانون جي پاسي بيهڻ گهرجي. جڏهن اسان کي نظر اچي ته ادارن ۾ ويٺل فرد پئسي سان قانون کي خريد ڪري رهيا آهن ته اسان انهن جي خلاف به آواز اٿاريون ۽ جڏهن اسان اهو ڏسون ته قانون کي احتجاج ذريعي پنهنجي راهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته اسان اهڙي ڪوشش جي خلاف به سندرو ٻڌي ميدان تي اچي وڃون ۽ صاف لفظن ۾ اهو چئي ڏيون ته جنهن به قانون جي مٿان ڪرپشن يا بليڪ ميلنگ جو وار ڪيو آهي، ان جي خلاف هي معاشرو هڪ مٺ وانگر متحد ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اهو اسان قانون جي مٿان احسان نه ڪنداسين پر اسان پنهنجي معاشري جي تحفظ جي سلسلي ۾ اهڙو قدم کڻڻ لاءِ هر طرح سان ذميوار هونداسين. ڇو ته جهنگ کي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ واري قوت به قانون آهي. قانون کان سواءِ اسان جي لاءِ جهنگ ۾ واپس وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو بچي به نه ٿو سگهي. جيڪڏهن اسان جهنگ جو منهن به ڪريون ته هاڻي ملڪ ۾ جهنگ بچيا ڪٿي آهن؟ جو اسان انهن جو رخ ڪريون!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button