ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمل جو رد عمل

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

انساني فطرت ۾ (جنهن کي ھاڻي جينز چئبو آهي) وڻن ٽڻن، پکين پکڻن، گلن ۽ ٻوٽن توڙي جانورن درياھن ۽ سمنڊن ۾ رهندڙ آبي حيات جيان بلڪ سموري حيواني ۽ نباتاتي تخليقن وانگر ھر عمل جو رد عمل ٿيڻ لازمي آهي. سر آئيزڪ نيوٽن فزڪس جي بنيادي اصولن ۾ عمل ۽ رد عمل جا جيڪي گڻ ظاھر ڪري ڇڏيا تن ۾ انسانن پاران پنھنجن مٽن مائٽن ۽ ٻچن جي خون جو پلاند وٺڻ ته عام ڳالهه آهي پر مان ھڪ ويڊيو ۾ اکين سان ڏٺو ته ھڪ مادي ڪڪڙ جي بيضن تي وڻ تي ويٺل ڪانگ موقعو تاڙي اچي ان مان ٻچا ڪڍي کائڻ ۾ رڌل ھو ته ڪڪڙ اھو منظر ڏسي ردعمل طور ان ڪانگ کي پنهنجي پوري سگھه سان ٻنهي کنڀن ۾ ڀڪوڙي ايڏي ته تيز رفتاريءَ سان ڪانگ جي اکين ۾ پنجاهھ کن ٺونگا ھڻي، پھرين ته دشمن کي انڌو ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ سندس پيٽ جي ھيٺئين نرم حصي ۾ چھنب سان ايترا ته کڏا ڪري ڇڏيائين جو ڪانگ جا آنڊا به رتو رت ٿي ويا ۽ اھو ساڻو ٿي پيو.
ايتري ۾ چوڌاري وڻن ۽ ٿنبن تي ڪانگن جا ولر مڙي زور زور سان ڪان ڪان ڪرڻ لڳا ته جيئن ڪانگ کي ڇڏائي سگهن پر مادي ڪڪڙ تي سندن لشڪر جو ذرو به اثر نه ٿيو. نيٺ ان حملي آور ڪانگ کي ٺونگا ھڻي ھڻي ماري ڇڏيائين. ھمدردي لاءِ مڙيل سوين ڪانگن کي ڏٺم ته ان ڪڪڙي کان ايترو ته ڊنل ھئا جو وڻن تان ھيٺ ئي نه لٿا. ڪنھن به عمل جو ٻيو ردعمل ھيئن به ٿيندو آهي ته بيشڪ اوھان ڪو به بندوق جو فائر نه ڪيو ۽ نه پکين جو شڪار، رڳو ھڪڙو ٻاراڻو ڦٽاڪو ڦاڙي ڏسو ته آس پاس جي وڻن ۽ آکيرن ۾ ويٺل سمورا پکي پنهنجن تازن ڄاول چوزن کي ڇڏي پري پري تائين اڏامي ويندا. نيشنل جاگرافڪ ٽيليويزن چينلز تي اڪثر ڏيکاريندا آهن ته آفريقا جي گھاٽن ٻيلن ۾ جڏهن ڪو به رت پياڪ بگھڙ يا چيتو جڏهن پاڻيءَ پيئڻ لا درياهھ ڪناري تي گڏ ٿيندڙ ڳئون، مينھن يا ھاٿين جي ڪنھن ڌڻ تي حملو ڪري سندن سنھا ٻچا پنهنجن ڏندن ۾ نپوڙي کائڻ لڳندا آهن ته ھي گاهھ کائيندڙ جانور به ردعمل ۾ ڪاوڙجي، سڀ گڏ ٿي پنهنجن چھنبيارن سڱن سان ھنن موتمار گوشت خور جانورن سان مقابلو ضرور ڪندا آهن.
ساڳي ريت پاڪستان ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ مرڻ گھڙيءَ تائين جدوجھد ڪندڙ دلير عورت عاصمه جهانگير جي ياد ملھائڻ واسطي لاھور ۾ گذريل ھفتي ٿيل فڪري بيٺڪ ۾ جتي ھرھڪ سياسي ۽ وڪيل رھنما پنهنجو فرض سمجهي سگهاري ڌر پاران عدليا جي آزاديءَ کي گھٽائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ننديو. ھنن سڀني اڳواڻن چيف جسٽس گلزار احمد جي موجودگيءَ جو فائدو وٺي، پنهنجو پنهنجو نقطه نظر زوردار طريقي سان پيش ڪيو. پر عام ماڻهن جي دلين تي جيڪا تقرير گھڻي اثر انداز ٿي سا ھئي بلوچستان جي وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد جي.
علي احمد ڪرد به ڄڻ ته عدالتي نظام جي زبون حاليءَ جي ردعمل ۾ چيف جسٽس کي صاف صاف لفظن ۾ چيو ته اوھان آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ بدران سگھارن ماڻهن جي ڊڪٽيشن مطابق اھڙا غلط فيصلا ڪيا آهن جن مان ملڪ جا ماڻهو ھرگز خوش نه آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ عدالتن تان عوام جو اعتماد کڄي ويو آهي.
علي احمد ڪرد جي ڇتي تنقيد جي ردعمل ۾ وري چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي تقرير ۾ سندس الزامن کي رد ڪندي فرمايو ته دنيا جي ڪابه طاقت مون کي ڊڪٽيشن نه ٿي ڏيئي سگهي. اسان پنهنجن فيصلن ۾ ڪنهن به غير واسطيدار ڌر کي ڄنگھه اڙائڻ نه ڏيندا آهيون ۽ نه آئيندي ڪا مداخلت برداشت ڪنداسين.
گذريل ھفتي جڏهن ڏي جواب ۽ وٺ جواب جو اھو سلسلو عروج تي هو ته اوچتو لنڊن مان گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس شميم احمد اھو ڦاٽ ڦاڙي ٻرندي تي پيٽرول وڌو ته تڪراري چيف جسٽس ثاقب نثار 2018 وارين چونڊن کان اڳ جڏهن اترين علائقن جي گشت تي آيو ته سندس روبرو ويهي اسلام آباد ھائي ڪورٽ جي ھڪڙي جج کي ٽيليفون ذريعي حڪم ڏنائين ته واڳ ڌڻين فيصلو ڪري ورتو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نوازشريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي اليڪشن کان ٻاهر رکڻ ضروري آهي تنهن ڪري کين ضمانت تي ھرگز آزاد نه ڪيو ڇو ته ھر صورت ۾ عمران خان کي ملڪ جو نئون چونڊيل سربراهه ٺاهڻو آهي. اھو انڪشاف ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ھڪڙي ايٽمي ڌماڪي کان گھٽ ناهي. ھڪ ته ثاقب نثار جي ڪارپت اڳ ۾ ئي داغدار ٿيل جو سندس فيصلن مان رياڪاري جي بدبوءِ ايندي هئي ۽ ٻيو ته نئون ڊيم اڏڻ لاءِ جيڪي ڪروڙين روپيا گڏ ڪيائين انهن جو به حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ھاڻي جڏھن ثاقب نثار جي فيصلن مان وڏي ۾ وڏو نقصان ڀوڳيندڙ مسلم ليگ جي ليڊرن اھو مطالبو ڪيو آهي ته جسٽس شميم احمد جي فورينزڪ ٿيل ويڊيو بابت سپريم ڪورٽ جي ڪنهن ساکائتي رٽائرڊ جج کان جاچ ڪرائي وڃي ته ان تي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس وزير ماڳهين مڇرجي پيا آهن. جيڪڏهن تحريڪ انصاف حڪومت سگھاري ڌر جي آشيرواد کان سواءِ اليڪشن کٽي اقتدار ۾آئي آهي ته پوءِ وزيرن مشيرن کي انڪوائري تي اعتراض ئي نه ڪرڻ گهرجي. سندن اعتراض ۽ جاچ کان لنوائڻ واري پاليسي ته ماڻهن کي شڪ ۾ وجھي پيئي.
ھاڻوڪي چيف جسٽس گلزار احمد جو وڪيل رهنما علي احمد ڪرد جي تقرير خلاف بروقت جواب ھاڻي چين ري ايڪشن جي شڪل ۾ سندس سخت فيصلن مان پرکي سگهجي ٿو. ھو پاڻ ڪراچيءَ ڄائو اردو اسپيڪنگ جج آهي ۽ سندس نوي سيڪڙو فيصلا ڪراچيءَ جي نمائندگي ڪرڻ واري تنظيم ايم ڪيو ايم جي مفادن خلاف آهن ڇو ته ھو ايم ڪيو ايم جي پاليسي کي شروع کان ئي ھاڃيڪار سمجهي ٿو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ، بلڪ خود مھاجرن لاءِ به جن جا ٽي نسل لساني فسادن جي ور چڙهي تعليم ۽ تربيت کان محروم ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button