ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرونا وائرس جو نئون قسم

Editorial

جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڪرونا وائرس جون تباهيون اڃا ختم نٿي سگهيون آهن، پر اهو به آهي ته ويڪسينيشن جا سڄي دنيا ۾ واضح اثر سامهون آيا آهن، ان باوجود وائرس جو اڃا تائين مڪمل خاتمو نه اچي سگهيو آهي، اهڙي صورتحال اڃا برقرار ئي آهي ته مٿان ڪرونا جو نئون قسم “اوميڪرون” اچي ويو آهي. ڪرونا وائرس جو نئون قسم منظر عام تي اچڻ کانپو يورپ ۽ ايشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن آفريقي ملڪن خاص طور تي ڏکڻ آفريقا تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. هڪ خابرو اداري مطابق هن نئين ڪووڊ قسم جي رڳو 10 ڪيسن جي تصديق 3 ملڪن ۾ جينومڪ سيڪونسنگ ذريعي ٿي پر ان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ڏسندي ماهرن کي خدشو آهي ته اهو قسم مدافعت تي حملو ڪري سگهي ٿو. ان وائرس جي منتقلي جي شرح تمام گهڻي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ ان نئين قسم بابت خبر عام ٿيندي ئي يورپ ۽ ايشيا جي منڊين ۾ اسٽاڪس مندي جو شڪار ٿي ويا آهن. صحت جي جرمن وزير جينس اسپاهن يورپي يونين جي 27 ملڪن ۾ ڪيسن ۾ اضافي سبب پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان کي اها خبر آهي ته وائرس جو هڪ نئون قسم آهي جيڪو تمام گهڻا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. وائرس جي حوالي سان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو وائرس موجوده قسمن کان گهڻو خطرناڪ ۽ ويڪسينيشن مهم جي فائدن کي به ختم ڪري سگهي ٿو. برطانيا جي صحت واري وزير ساجد جاويد اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌايو ته موجوده ويڪسين ان خلاف گهڻي اثرائتي ناهي. ان نئين وائرس جي خبر مارڪيٽ ۾ ايندي ئي سڄي دنيا جي اسٽاڪس تي ناڪاري اثر پيا آهن ۽ يورپ ۽ ايشيا جي منڊين ۾ مندي جو رجحان ڏٺو ويو جڏهن ته تيل جون قيمتون 10 سيڪڙو تائين گهٽجي ويون آهن. آمريڪا ۾ خام تيل جي قيمت في بيرل 7 ڏهائي 47 ڊالر گهٽتائي کانپو، 73 ڏهائي 77 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. ايئر لائنز جا شيئرز به متاثر ٿيا آهن ڇو جو ان نئين وائرس سبب هڪ ڀيرو ٻيهر سفري پابنديون لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ڇو جو يورپي يونين پابندين جو اعلان ڪري چڪي آهي. يورپي يونين ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ڏکڻ آفريقا ۽ پاڙيسري ملڪن مان ايندڙ اڏامن تي پابنديون مڙهيندي ڪورنٽائين جا شرط سخت ڪري ڇڏيا آهن.
هن وائرس سبب سڄي دنيا ۾ هڪ نئين ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي چڪي آهي، تنهنڪري حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائڻو پوندو ته ملڪ جي عوام کي هاڻي سنجيدگي سان وائرس کان احتياط ڪرڻو پوندو. خاص طور حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ڪرونا وائرس جي ان نئين قسم بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. ڪرونا جي نئين قسم لا اهو چيو پيو وڃي ته اهو ويڪسين جي اثرن کي به ختم ڪري سگهي ٿو، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته وائرس ڪيترو خطرناڪ آهي. سڄي دنيا ۾ ان بابت پريشاني آهي پر هتي حڪومتي سطح تي ڪو به تحرڪ نظر نه پيو اچي، اهائي 2 سال اڳ واري روش اختيار ڪئي وئي آهي. گذريل سال 26 فيبروري تي پهريون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پو ڪا به واضح حڪمت عملي ڏسڻ لا نه ملي. ڪا به حڪمت عملي نه هئڻ جي ڪري وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو. جيڪڏهن ارادو هجي، پاليسي هجي، حڪمت عملي هجي ته هر مشڪل تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ حڪومتي سطح تي انهن ٽنهي شين جي سدائين کوٽ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ننڍيون مصيبتون به وڏيون مصيبتون بڻجنديون رهيون آهن. ڪرونا وائرس جي سلسلي ۾ به اسان جي حڪمرانن پنهنجين روايتن کي ورجائڻ کان سوا ٻيو ڪجهه به نه ڪيو. هاڻي به ساڳي صورتحال نظر اچي رهي آهي. ڪرونا وائرس جو نئون قسم تمام گهڻو خطرناڪ آهي، پر حڪومت اڃا تائين ان سلسلي ۾ ڪا آگاهي مهم نه هلائي آهي. جيڪا هڪ تشويشناڪ صورتحال آهي. سڄي دنيا ۾ ان بابت خبردار ڪيو پيو وڃي، پر هتي اڃا تائين ڪا به موثر آگاهي مهم شروع نه ڪئي وئي. اسان هتي عوام کي به چونداسين ته هن وبا کي جيڪڏهن منهن ڏيڻو آهي ته ان کي به احتياط ڪرڻو پوندو، روايتي غفلت جو مظاهرو نه ڪرڻو پوندو. عوام کي سوچڻو پوندو ته هن وبا جو صرف هڪ ئي اعلاج آهي. اهو آهي احتياط. ساڳي وقت حڪومت به هاڻي اک پٽي وائرس جي نئين قسم بابت آگاهي مهم هلائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button