ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمراني جو نه منهن، نه ئي پير!

Editorial-Article-Allah Bux Rathore

عمران خان جي حڪومت ۽ مک مخالف ڌر جي پارٽي ن ليگ ۾ آڊيو ليڪ، ويڊيو ليڪس جهڙي، ڪوئي ٻلي واري راند جاري آهي. عوام جي ڀلائي لاءِ ڪير ڳالهائيندو، ان جي ڪابه خبر ناهي. ائين لڳي ٿو، ٻئي ڌريون سرد جنگ ۾ رڌل آهن، انڪري پارليامينٽ کان وٺي روڊن رستن تي اهڙو ڪوبه ڪم نه ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سياسي پارٽيون مينڊيٽ وٺي آيون. ملڪ جو سياسي ماحول اهڙي ڪوهيئڙي جي ور چڙهيل آهي، جتي ڪجهه به واضح طور تي نظر نه اچي رهيو آهي. هاڻ هڪڙي اهڙي آڊيو ۽ ويڊيو ليڪس جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪا عمران خان جي حڪومت لاءِ “آر، يا پار” ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ هڪ خاتون جي آڊيو جو به چرچو آهي، جيڪا انتهائي سنجيده سمجهي وڃي ٿي، ان سان عمران خان جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. پر سوال هي آهي ته حڪومت جي خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟ حڪومتي مشينري ڪٿي آهي ۽ ڪهڙا فيصلا ڪري پئي؟ انهن فيصلن جي نتيجي ۾ عوام سان کلواڙ به جاري آهي. ان جو هڪڙو ثبوت ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون به شامل آهن. هن جيڪي ڳالهيون ڪيون، ان کان وڌيڪ عوام جي ڦٽن تي ڪوبه لوڻ ٻرڪي نٿو سگهي.
ناڻي جي صلاحڪار شوڪت ترين کان پڇيو ويو ته ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري کي حڪومت ڪيئن ختم ڪري سگهي ٿي؟ ان تي چوڻ لڳو ته ملڪ ۾ غربت آهي ئي ڪانه، رڳو مهانگائي آهي! هن عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ غربت ۾ چار سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن رپورٽ جو هڪڙو حوالو ته ڏنو پر اهو نه ٻڌايو ته ملڪ جي 37 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهاري ٿي، هي غريب ڪي ٻه چار ناهن، پر 9 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهن! بقول ناڻي جي صلاحڪار جي ته جيڪڏهن غربت هجي ها ته گاڏين جي خريداري جا ايڊوانس آرڊر نه ڏنا وڃن ها، فصل ڀلا لٿا آهن، ماڻهن جي خريداري جي سگهه وڌي آهي، جنهن به مارڪيٽ ۾ وڃون، ايتري رش آهي، جو مهانگائي محسوس ئي نٿي ٿئي! هي ڳالهيون عوام تي چٿر کان گهٽ نه آهن،ڇاڪاڻ ته حڪومت جو پنهنجو شماريات کاتو، هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ٿو، جنهن ۾ مهانگائي بابت انگ اکر ڄاڻايل آهن، هاڻ جيڪو هفتو گذري ويو، ان دوران به 18 ضروري شين جي اگهه ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته مهانگائي جي رفتار 19 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ آهي. ان جي باوجود حڪمران پير کوڙي ڪوڙ جي بازار گرم ڪري رهيا آهن.
هي رڳو هڪڙو ناڻي جو صلاحڪار آهي، پر باقي جيڪي به وزير سرگرم آهن، اهي وري سياسي ملاکڙي ۾ رڌل آهن. هڪ طرف اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ سامهون آئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز کي هر صورت ۾ سزا ڏيڻي آهي. ان آڊيو، جي جواب ۾ مريم نواز جي آڊيو آئي، جنهن ۾ مريم چئي رهي آهي ته هڪ ٽي وي چينل کي اشتهار نه ڏيڻا آهن، ان آڊيو ٽيپ کي مريم نواز Own به ڪيو آهي، پر ثاقب نثار، جيڪو رٽائرڊ چيف جسٽس آهي، ان جي ڪارگذارين کي عوام جي اڳيان آندو پيو وڃي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سرد جنگ دوران واڳ ڌڻي به خاموش ويٺل نظر نه پيا اچن، هو هڪ ئي وقت مخالف ڌر جي ٻن اهم پارٽين ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي engage ڪري رهيا آهن، ٻنهي پارٽين کي لالي پوپ ڏنو پيو وڃي ته هو، عمران خان جي حڪومت مان تنگ آهن، انڪري مخالف ڌر کي موقعو ڏيڻ گهرن ٿا، ان حوالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڳالهين جا دور هلي رهيا آهن. پ پ جو اهم اڳواڻ خورشيد شاهه واڳ ڌڻين تي زور ڀريو رهيو آهي ته انهن جي عمران خان مان جان پيپلز پارٽي ڇڏائي سگهي ٿي، بقول خورشيد شاهه جي ته هو پهرين مرحلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري عمران خان مان جان آجي ڪرائي، ٽن مهينن اندر چونڊ سڌارا ڪري نيون چونڊون ڪرائي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ رستو هموار ڪري سگهن ٿا. هڪ طرف مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف وري عمران خان جي حڪومت جي پٺي ٺپي شاباش ڏني پئي وڃي ته اها، جيئن ۽ جنهن کي چاهي، ڀُڃي ڇڏي، ڀلي مخالف ڌر جو ڀُرڪس ڪڍيو وڃي؟ هي سڀ ڪجهه انڪري ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اصل حڪمرانن وٽ به ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪابه ايجنڊا ناهي. سياسي پنڊت چون ٿا ته عمران خان جي حڪومت جتان شروعات ڪئي هئي، واپس ساڳي جاءِ تي اچي وئي آهي. جنهن وقت موجوده حڪمران آيا، ان وقت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، عالمي مالياتي فنڊ رقم جاري ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار هو، ته سعودي عرب ۽ چين رقم فراهم ڪئي هئي، ان سان گڏ اوڌر تي تيل ملڻ جو آسرو به ملي ويو، ان سان گڏ هي اعلان به ٿيو ته حڪومت جو معاشي بحران ختم ٿي ويو آهي، هاڻ به ساڳي صورتحال آهي، پر ڪيترائي الارم به وڄي رهيا آهن، حڪمرانن جي ڪارڪردگي ڏاند جي هڪ سڱ، يعني شوڪت ترين جي ڪلهي تي آهي، جيڪو عوام کي آٿت ڏيڻ بدران صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيو آهي.
جنهن ويل حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ويڙهه جاري آهي، تڏهن خطري جون گهنٽيون به وڄايون پيون وڃن، ڊاڪٽر فرخ سليم جنهن کي انتهائي اهم معاشي ماهر سمجهيو وڃي ٿو، ان جو خيال آهي ته هن ملڪ جو وڏو مسئلو اڪنامڪ سيڪورٽي آهي. ان معاملي جو سڌو واسطو عسڪري سيڪورٽي سان به آهي، پر هن معاملي کي لڳاتار نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن روس جي آرمي چيف جنرل ويلري گراسيموف جي Gerasimov Doctrine جو حوالو ڏنو، جنهن تحت دنيا ۾ فوجي بدران معاشي هٿيار سان جنگ وڙهي ويندي. جنرل جو خيال آهي ته روس، چين ۽ ڀارت گڏجي آمريڪا جو counterbalance ڪري سگهن ٿا. معاشي سيڪورٽي ساڳيو هٿيار آهي، جيڪو آمريڪا ڊگهي عرصي کان استعمال ڪندي ٽن عالمي معاشي ادارن کي پنهنجن مفادن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ عالمي مالياتي فنڊ، عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ شامل آهن.
ڊاڪٽر فرخ سليم واڳ ڌڻين کي مشورو ڏئي ٿو ته اسان کي اڪنامڪ سيڪورٽي کي نظام طور اپنائڻو پوندو، هي نظام ريگيوليٽري نظام به آهي، سماجي نظام به آهي،ان نظام جي ذريعي مختلف چيلينجز کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. هي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته مالي جنگ کي فوجي جنگ جو متبادل قرار ڏنو وڃي پيو. پاڪستان کي Rigid taxonomy کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي قومي سلامتي لاءِ معيشت کي بنياد طور اختيار ڪرڻ گهرجي، هاڻ اڪنامڪ سيڪورٽي، قومي سلامتي لاءِ نامياتي Dimension طور رکڻ گهرجي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن واڳ ڌڻي مخالف ڌر جي خلاف خبيث جنگ ۾ رڌل آهن ۽ ان ويڙهه لاءِ پي ٽي آءِ کي ٽول طور استعمال ڪري رهيا آهن، هي ڪم ڇڏي، اهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ ترقي جي حقيقي دڳ تي هلي سگهي. هي ڳالهه واضح آهي ته ڪنهن به ملڪ جي معيشت تڏهن ئي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي ٿي، جڏهن سياسي استحڪام هوندو. جيڪڏهن هائبرڊ نظام جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ هٿڪنڊا استعمال ٿيندا رهيا ته ملڪ اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ويندو، هي گذريل ٽن سالن کان ٿي رهيو آهي، هي ڳالهه فوجي ٿنڪ ٽينڪ سمجهي سگهن ٿا. واڳ ڌڻين کي خبر ناهي ته ڊيڄاريندڙ خواب ڪيئن آيو، جو انهن ملڪ ۾ نئون سياسي تجربو ڪرڻ گهريو، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ کي سياسي قوت طور سامهون آندو ويو. واڳ ڌڻين کي اهڙي ڪنهن به تجربي ڪرڻ کان اڳ ان جي نتيجن تي سوچڻ گهرجي ها. جنهن ملڪ جي اڌ آبادي غربت جي لڪير يا ان کان هيٺ زندگي گذاريندي هوندي ۽ عام ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ آپگهات ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو هجي، اهڙو ملڪ خوشحالي جو خواب ڪيئن ڏسي سگهي ٿو؟ هي به حقيقت آهي ته واڳ ڌڻي ڪڏهن به غريب دوست نه رهيا آهن، هي اصل ۾ اشرافيه جو ڪلب آهي، پر امير به ان وقت Survive ڪري سگهن ٿا، جنهن وقت سوسائٽي جو اڪثريتي عوامي طبقو خوشحال هوندو. هي عام ماڻهو ئي آهن، جيڪي اميرن جا ڪزيومرز آهن. جيڪڏهن اشرافيه ڪزيومرز جي مارڪيٽ کي تباهه ڪندا ته هو پاڻ ڪيئن بچي سگهندا؟ هي ڳالهه ان ڪارٽون جهڙي آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته تخت جي هڪ سري تي سوشلزم ته ٻئي تي سرمائيداري آهن، جيڪڏهن سرمائيداري ، سوشلزم کي تباهه ڪندي ته اها پاڻ ئي عدم توازن سبب ڌڙام سان تباهه ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button